”ٽن سالن کان روپوش حماد اظهر 18 ڪيسن ۾ گهربل هو“، پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ جي گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور پوليس پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ حماد اظهر جي گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هو اشتهاري جوابدار هو ۽ پوليس کي 18 ڪيسن ۾ گهربل هو.
لاهور پوليس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حماد اظهر گذريل ٽن سالن کان روپوش هو، هاڻي کيس لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪري جاچ جي مقصد لاءِ جسماني رمانڊ حاصل ڪيو ويندو.
ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف آچر ڏينهن دعويٰ ڪئي هئي ته پوليس حماد اظهر کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پي ٽي آءِ ان قدم کي ”سياسي انتقام“ قرار ڏيندي مذمت ڪئي هئي.
پي ٽي آءِ جي شروعاتي دعويٰ تي پوليس اختيارين جو چوڻ هو ته انهن کي حماد اظهر جي گرفتاري بابت ڪا ڄاڻ ناهي.
ياد رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر خلاف 9 مئي 2023ع تي ٿيل پرتشدد وڳوڙن سميت ٻين معاملن ۾ به ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن.

 

You might also like