لاهور جي فليٽ مان مشهور ٽڪ ٽاڪر ۽ بيوٽيشن ارشمه جو ڪيئي ڏينهن پراڻو لاش هٿ

لاهور (ويب ڊيسڪ)) لاهور جي اسلام پورا واري علائقي ۾ هڪ فليٽ مان مشهور ٽڪ ٽاڪر ۽ بيوٽيشن ارشمه جو ڪيترن ڏينهن کان پراڻو لاش هٿ آيو آهي.
پوليس موجب، فليٽ مان بدبو اچڻ تي مقامي ماڻهن پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن کانپوءِ اهلڪار واقعي واري هنڌ پهتا ۽ دروازو کولي اندر داخل ٿيا ته بيوٽيشن ارشمه جو لاش موجود هو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ارشمه جي موت جو حتمي سبب پوسٽ مارٽم ۽ فرانزڪ رپورٽ اچڻ کانپوءِ ئي معلوم ٿي سگهندو، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like