اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته صوبن يا انتظامي يونٽن جي جوڙجڪ قومي مسئلو آهي، ان جي ڪٿي به مخالفت نه ٿيڻ گهرجي.
پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته انتظامي يونٽن بابت هن وقت وٽس ڪا ڄاڻ ناهي.
هن چيو ته اها سٺي ڳالهه آهي ته اسلام آباد ۾ هڪ آزاد ادارو قائم ڪيو وڃي، جنهن کي اسيمبلي به چئي سگهجي ٿو، صوبائي حڪومت يا ڪيپيٽل جي حڪومت به چئي سگهجي ٿي، اهڙو نظام دنيا جي ڪيئي راڄڌانين ۾ موجود آهي.
خواجا آصف چيو ته پارٽي جي حيثيت سان ان معاملي تي ڪنهن ڳالهه ٻولهه جو کيس پتو ناهي، جڏهن ته وزيراعظم ان حوالي سان ڪا گڏجاڻي ڪئي هجي، ان بابت به کيس خبر ناهي.
بچاءَ واري وزير چيو ته جيڪڏهن وفاق ۾ اهڙو نظام قائم ڪيو وڃي ٿو ته صوبن لاءِ به ان تي عمل ڪرڻ ۾ ڪا هٻڪ نه هجڻ گهرجي.
هن چيو ته افغانستان ۾ اڳ ڪجهه صوبا هئا، هاڻي اتي 34، 35 صوبا آهن، جڏهن ته اشرف غني سان ملاقات دوران هن ٻڌايو هو ته ان سان عوامي خدمت ۾ بهتري آئي آهي.
خواجا آصف چيو ته هي هڪ قومي مسئلو آهي، ان جي ڪٿي به مخالفت نه ٿيڻ گهرجي، اهو فيصلو وفاق سميت صوبن کي مضبوط ڪندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي بابت ڪا اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي.
هن وڌيڪ چيو ته ”صوبي“ جو لفظ شايد ماڻهن کي منجهائي ٿو، تنهن ڪري ”انتظامي يونٽ“ وارو لفظ استعمال ڪرڻ بهتر هوندو.
خواجا آصف چيو ته سنڌ حڪومت هڪ موقف اختيار ڪري رهي آهي، اهو ان جو حق آهي، ڪنهن به پارٽي جي سياسي مفادن جو تحفظ نه ٿيندو، پاڪستاني عوام کي اهڙو سروس ڊيليوري نظام ڏيڻ گهرجي، جنهن تحت کين سڀ کان هيٺين سطح تي سهولتون ۽ خدمتون فراهم ٿي سگهن.
افغانستان ۾ به 34، 35 صوبا آهن، صوبن جي جوڙجڪ قومي مسئلو آهي، ڪٿي به مخالفت نه ٿيڻ گهرجي: خواجا آصف
You might also like