امام ۽ رضوان خلاف گهيرو تنگ، پي سي بي ٻنهي جا موبائل فون قبضي ۾ وٺي ڊيٽا منتقل ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) لارڊز ٽيسٽ ۾ شڪست کانپوءِ امام الحق ۽ محمد رضوان خلاف هلندڙ جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته مبينا طور تي لنڊن ۾ ٻنهي پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي موبائل فونن ڊيٽا به حاصل ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، ٻنهي ڪرڪيٽرن جي سرگرمين سان گڏ اهو به ڏٺو پيو وڃي ته اهي ڪهڙن ماڻهن سان رابطن ۾ رهيا ۽ انهن جون ڪهڙيون سرگرميون رهيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن جاچ دوران جوڳا ثبوت سامهون آيا ته امام الحق ۽ محمد رضوان کي ڳري ڏنڊ ۽ پابندي جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو، جڏهن ته مستقبل ۾ پاڪستان ٽيم طرفان کيڏڻ جو موقعو نه ملڻ جو امڪان به رد نٿو ڪري سگهجي.
ذريعن موجب، لارڊز ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي 194 رنسن تان شڪست کانپوءِ هوٽل پهچڻ تي ٽيم جي سيڪيورٽي آفيسر ٻنهي رانديگرن جي موبائل فون پنهنجي قبضي ۾ ورتا. ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ فونن جي ڊيٽا ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ کانپوءِ موبائل فون واپس ڪيا ويا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي طرفان امام الحق ۽ محمد رضوان بابت خدشن سبب جاچ جو دائرو ويو آهي ۽ ٻنهي رانديگرن جي سرگرمين ۽ رابطن جو جائزو ورتو پيو وڃي.

You might also like