ڪراچي ( رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملڻ، جلال پور ڪينال، ٽي پي ۽ چشمه جهلم لنڪ ڪينالن ۾ پاڻي وهائڻ واري عمل کي غير آئيني،غير قانوني ۽1991ع جي پاڻي ٺاهه جي ڀڃڪڙي ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي آئيني حيثيت تي سواليا نشان قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آھي ته پاڻي بابت آئيني معاهدن تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي. پنهنجي بيان ۾ نثار کهڙو چيو ته 1991ع جي پاڻي ٺاهه موجب سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي جنهن سبب سنڌ سخت پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي سنڌ جي پاڻي جي حصي مان ڪٽوتي ڪري تونسا پنجند ۽ چشمه جهلم لنڪ ڪينالن کي وھايو پيو وڃي جنهن تي سنڌ کي سخت اعتراض آهي. هن چيو ته ارسا صوبن وچ ۾ پاڻي جي شفاف ورڇ ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي جيڪو عمل ارسا ۽ وفاقي حڪومت جي نااهلي جو ثبوت آهي.ھن چيو ته پاڻي قومي اثاثو آهي جنهن جي تحفظ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جدوجهد جي ميدان ۾ آھي ۽جمعي ڏينهن سڄي سنڌ ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرائي ملڪ ۽ دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته هڪ طرف ڀارت هڪ طرفو سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪري سنڌو درياهه جو پاڻي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي حصي مان پاڻي ڪٽي ٽي پي ۽ چشمه جهلم لنڪ ڪينال جيڪي فلڊ ڪينال آهن ۾ پاڻي وهائي سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي جيڪو عمل سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي ۽ سنڌ پنهنجي حقن تي ڌاڙي خلاف خاموش نه ويهندي. نثار کهڙو چيو ته سنڌ پڇڙي وارو صوبو آهي ۽ عالمي قانون موجب پاڻي تي پهريون حق پڇڙي وارن جو هوندو آهي پر ان عالمي قانون ۽ اصول جي به ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي.ھن وڌيڪ چيو ته سي سي آءِ جي فيصلي کان اڳ جلالپور ڪينال ۾ پاڻي ڇڏڻ غير آئيني عمل ۽ سي سي آءِ جي آئيني حيثيت تي پڻ سواليا نشان آھي ھن چيو ته سنڌ پاران جلالپور ڪينال بابت اعتراض واري سمري اڃان تائين سي سي آءِ ۾ التوا هيٺ آهي ۽ ان تي ڪو فيصلو ناهي ٿيو تنهن ڪري جلالپور ڪينال ۾ پاڻي ڇڏڻ کان اڳ سي سي آءِ جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ گهرجي ها. هن مطالبو ڪيو ته سي سي آءِ جلالپور ڪينال ۾ پاڻي ڇڏڻ واري عمل جو نوٽيس وٺي.