هراري (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۽ زمبابوي وچ ۾ ٻن ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻي ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي.
ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ هراري اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏي ويندي، ڀارتي ٽيم ڪاميابي ماڻي سيريز پنهنجي نالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، جڏهن ته ميزبان زمبابوي سيريز برابر ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لهندي.
واضح رهي ته ڀارت پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ زمبابوي کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪئي هئي.
ٻي ٽي ٽوئنٽي لاءِ ڀارتي ٽيم ۾ وڏي تبديلي جو امڪان گهٽ آهي، جڏهن ته زمبابوي به پنهنجي مضبوط ترين اليون سان مقابلي لاءِ ميدان ۾ لهندي.
ڀارت ۽ زمبابوي وچ ۾ ٻي ٽي ٽوئنٽي سڀاڻي کيڏي ويندي، ميزبان سيريز ۾ واپسي لاءِ پرعزم
You might also like