کپرو (پ ر) سنڌو درياءُ تي لڳندڙ، جلالپور ڪينال غير قانوني ٺاھي کولڻ، بدامني،لاقانونيت ۽ امڪاني 28ھين آئيني ترميم ،ٻارڙن جي اغوا خلاف ٽن ڏينھن جي عوامي رابطا مھم جي سلسلي ۾ کپرو /ڏسو صفحو 7 ڪالم 8
جي مختلف ڳوٺن جا دورا، ڪارنر گڏجاڻيون ۽ جلسا ڪيا ويندا، عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ستار رند، لال جروار ،ضلعي سانگھڙ جي صدر عطاءُالله انڙ،راڻو ڪنڊاڻي،موسي راڄڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ غير قانوني جلالپور ڪينال ٺاھي وھائڻ،سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي،بيگناھ مسڪين ڀيرو ڪولھي جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ ۽ لاقانونيت خلاف ڏنگ اسٽاپ کان غزين اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي جلسو ڪيو ويو، جلسي ۾ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جلالپور ڪينال بند ڪريو، سنڌو درياءُ تي ڌاڙو نامنظور،لاقانونيت جي راڄ نامنظور، ڀيرو ڪولھي جا قاتل گرفتار ڪريو جا نعرا ھنيا ويا. جلسي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پنجاب جي حڪمران طبقي غير قانوني جلالپور ڪينال ٺاھي ان کي کولي ڇڏيو، سنڌ ۾ پاڻي نه ھجڻ ڪري ڪربلا واري صورتحال آھي ته ٻئي پاسي ٻه ڌاڙيل واھ چشمه ۽ تونسه پنجند ڪينالن جي ذريعي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي. پيپلزپارٽي جو وطن فروش ۽ اقتدار پرست وڏيرڪو ٽولو عوام کي گمراھ ڪرڻ لاءِ مرسون مرسون ،سنڌ نه ڏيسون” جو ناٽڪ ڪري رھيو آھي.پيپلزپارٽي جي وزير ۽ سنڌ جي پاڻي معاملن بابت ڪميٽي جي چيئرمين فرمايو آھي ته جلالپور ڪينال کولي وھائڻ جي مون کي ڪا خبر ڪونھي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جي وڏيرڪي ۽ عوام دشمن حڪومت جا وزير صلاحڪار سنڌ جي مسئلن کان لاتعلق ٿيل آھن، سنڌ کي پوليس اسٽيٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي،اغوا ڪيل معصوم ٻارن جي آزادي لاءِ پرامن ڌرڻو ھڻندڙن تي رياستي تشدد ڪري گرفتار ڪرڻ، فل فراء ۽ ھاف فراء ڪرڻ،صدين کان آباد سنڌي ڳوٺن تي چڙھائي ڪري گھر ڊاھڻ جا سياھ ڪارناما پوليس معرفت ڪرايا وڃن ٿا. سردارن جو پٽ اغوا ٿئي ٿو ته پوليس ٿرٿلي ۾ اچيو وڃي ته ٻئي پريا ڪماري،اجالا سولنگي ۽ ٻين اغوا ڪيل ٻارن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪونه ڪيو آھي، ڦورن ھٿان بيگناھ قتل ڪيل ڀيرو ڪولھي جا قاتل گرفتار نه ٿا ڪيا وڃن. اڳواڻن عوام کي اپيل ڪئي ته سنڌ جو وجود، وسيلا ۽ سنڌو درياءُ بچائڻ، بدامني، لاقانونيت،منشيات، ڪرپشن ۽ ٻين سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪندڙ سازشن ۽ منصوبن خلاف متحد ۽ منظم ٿي پرامن جمھوري جدوجھد ڪن. پوليس معرفت ڪرايا وڃن ٿا. سردارن جو پٽ اغوا ٿئي ٿو ته پوليس ٿرٿلي ۾ اچيو وڃي ته ٻئي پريا ڪماري،اجالا سولنگي ۽ ٻين اغوا ڪيل ٻارن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪونه ڪيو آھي، ڦورن ھٿان بيگناھ قتل ڪيل ڀيرو ڪولھي جا قاتل گرفتار نه ٿا ڪيا وڃن. اڳواڻن عوام کي اپيل ڪئي ته سنڌ جو وجود، وسيلا ۽ سنڌو درياءُ بچائڻ، بدامني، لاقانونيت،منشيات، ڪرپشن ۽ ٻين سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪندڙ سازشن ۽ منصوبن خلاف متحد ۽ منظم ٿي پرامن جمھوري جدوجھد ڪن.