چؤماسي جون برساتون ۽ احتياطي اپائن جو امتحان

غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر طاقتور مون سون واري برساتي نظام جي اثر هيٺ اچڻ وارو آهي. موسميات کاتي موجب خليج بنگال ۽ عربي سمنڊ مان نمي سان ڀريل هوائون ملڪ ۾ داخل ٿي چڪيون آهن، جن جي نتيجي ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخوا، بلوچستان، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ اسلام آباد سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ تيز هوائن، گجگوڙ ۽ برساتن جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن. بظاهر اها رڳو هڪ موسمي اڳڪٿي لڳي ٿي، پر حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ مون سون رڳو موسم جي تبديلي جو نالو نه، پر هر سال هڪ وڏي آزمائش بڻجي سامهون ايندو آهي.

ملڪ جي هر علائقي ۾ مون سون جا اثر مختلف انداز سان ظاهر ٿيندا آهن. اتر وارن علائقن ۾ جبلن جي سرڪڻ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ تيز وهڪرن جو خطرو وڌي ويندو آهي، پنجاب جي وڏن شهرن ۾ شهري ٻوڏ جون حالتون پيدا ٿينديون آهن، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ نالن جي چاڙهه ڳڻتي جو سبب بڻجندي آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ برساتي وهڪرا ڪيترن ئي ڳوٺن کي متاثر ڪندا آهن. سنڌ ۾ صورتحال ڪجهه مختلف ضرور آهي، پر گهٽ خطرناڪ هرگز ناهي. هتي برساتي پاڻي جي نيڪال جو ڪمزور نظام هر سال هزارين ماڻهن لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري ٿو.

ڪراچي ۾ ڪجهه ڪلاڪن جي تيز برسات به روزمره جي زندگي کي مفلوج ڪري ڇڏيندي آهي، پر اندرون سنڌ ۾ اهڙو ضلعو به آهي، جيڪو تقريباً هر طاقتور مون سون سسٽم دوران سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ شامل هوندو آهي، ۽ اهو ضلعو بدين آهي. بدين پنهنجي ساحلي پٽي، هيٺاهين زمين، عربي سمنڊ سان ويجهڙائي ۽ پاڻي جي نيڪال جي محدود سهولتن سبب مون سون جي برساتن کان سڌو سنئون متاثر ٿيندو آهي. جڏهن به عربي سمنڊ ۾ گهٽ دٻاءُ پيدا ٿيندو آهي يا مون سون جو طاقتور سلسلو سنڌ جو رخ ڪندو آهي ته بدين، سجاول، ٺٽو ۽ ٿرپارڪر جا وسيع علائقا برساتن جي لپيٽ ۾ اچي ويندا آهن. ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي ڏينهن نه پر هفتن تائين بيٺل رهندو آهي، جنهن سبب ماڻهن جي روزاني زندگي، تعليم، صحت ۽ ڪاروباري سرگرميون سخت متاثر ٿينديون آهن.

ٻئي پاسي ٿرپارڪر ۾ برسات هميشه خوشحالي جي علامت سمجهي ويندي آهي. برسات پوڻ سان ٿر جا سڪا تلاءَ ڀرجي ويندا آهن، چراگاهون آباد ٿينديون آهن، زمين سرسبز ٿي ويندي آهي ۽ مالوند ماڻهن کي فائدو پهچندو آهي. پر جڏهن برسات معمول کان وڌيڪ پوي ٿي ته ڪچا گهر ڊهي پون ٿا، رستا ٽٽي وڃن ٿا ۽ ڪيترائي ڳوٺ شهرن کان ڪٽجي وڃن ٿا. تنهن ڪري ٿر لاءِ به متوازن برسات ئي نعمت ثابت ٿيندي آهي.

جيئن بدين ۽ ٿرپارڪر جا پنهنجا مسئلا آهن، تيئن ملڪ جي ٻين حصن ۾ به مختلف خطرا موجود آهن. پنجاب ۾ شهري ٻوڏ، خيبرپختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ لينڊ سلائيڊنگ، آزاد ڪشمير ۾ تيز وهڪرا ۽ بلوچستان ۾ برساتي ٻوڏ هر سال جاني ۽ مالي نقصان جو سبب بڻجندي آهي. ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته مون سون جو چئلينج ڪنهن هڪ صوبي يا ضلعي تائين محدود ناهي، بلڪه سڄي پاڪستان لاءِ گڏيل آزمائش بڻجي چڪو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلي سبب پاڪستان ۾ برساتن جو انداز بدلجي رهيو آهي. ڪٿي ضرورت کان وڌيڪ برسات پوي ٿي ته ڪٿي ڊگهي خشڪ سالي اچي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ رڳو هنگامي امداد ڪافي ناهي، پر ڊگهي مدي واري منصوبابندي وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي. شهرن ۾ جديد نيڪالي نظام، ڳوٺاڻن علائقن ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال، نالن ۽ واهن جي بروقت صفائي، ۽ قدرتي آبي رستن تان قبضا ختم ڪرڻ جهڙا قدم کڻڻا پوندا.

بدين جهڙي حساس ساحلي ضلعي ۾ حفاظتي بند مضبوط ڪرڻ، پمپنگ اسٽيشنون فعال رکڻ، هنگامي طبي سهولتون مهيا ڪرڻ، متاثر علائقن تائين امداد پهچائڻ ۽ ماڻهن کي اڳواٽ خبردار ڪرڻ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي. هر سال ساڳين مسئلن جو ورجاءُ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مستقل ۽ سائنسي بنيادن تي منصوبابندي کان سواءِ اهو مسئلو حل نه ٿيندو.

پاڪستان جي معيشت جو وڏو دارومدار زراعت تي آهي. جيڪڏهن مون سون جون برساتون مناسب مقدار ۾ پون ته اهي فصلن، ڊيمن ۽ آبي ذخيرن لاءِ نعمت ثابت ٿين ٿيون، پر ضرورت کان وڌيڪ برسات نه صرف فصلن کي نقصان پهچائي ٿي، پر خوراڪ جي فراهمي، مارڪيٽن ۽ قومي معيشت تي به منفي اثر وجهي ٿي. تنهن ڪري موسميات کاتي جي اڳڪٿين کي زرعي پاليسين سان ڳنڍڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.عوام جون به ذميواريون آهن. تيز برساتن دوران غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ، بجلي جي تارن ۽ پولن کان پري رهڻ، ٻارن کي برساتي نالن ويجهو نه وڃڻ ڏيڻ ۽ سرڪاري ادارن جي هدايتن تي عمل ڪرڻ سان ڪيترين ئي قيمتي جانين کي بچائي سگهجي ٿو. مقامي سطح تي رضاڪارانه امدادي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ پڻ انتهائي ضروري آهي.

مون سون الله پاڪ جي وڏي نعمت آهي. اهي برساتون ڊيمن کي ڀرين ٿيون، زمين کي زرخيز بڻائين ٿيون، پاڻي جي کوٽ گهٽائين ٿيون ۽ زراعت کي نئين زندگي ڏين ٿيون. پر جيڪڏهن مناسب منصوبابندي نه هجي ته ساڳيون برساتون رحمت بدران زحمت بڻجي وڃن ٿيون. بدين کان ڪشمير تائين، ڪراچي کان گلگت بلتستان تائين، سڄي پاڪستان کي اهو سمجهڻو پوندو ته موسمياتي تبديلي جي هن دور ۾ رڳو دعائن سان نه، پر مضبوط منصوبابندي، بهتر بنيادي ڍانچي، بروقت قدمن ۽ قومي ذميواري سان ئي جاني ۽ مالي نقصان کان بچي سگهجي ٿو. جيڪڏهن اسان ماضي مان سبق سکيو ته هي برساتون ترقي، خوشحالي ۽ زرعي بهتري جو سبب بڻجنديون، ٻي صورت ۾ هر سال وانگر هڪ نئين آزمائش ۽ نقصان جي ڪهاڻي ٻيهر ورجائبي.

You might also like