ايران اسرائيل جنگ ۾ پاڪستان جو ڪردار ڪهڙو ھئڻ گھرجي ؟

تحرير: امتياز حق

ايران تي اسرائيل جي امڪاني جوابي حملي جي حوالي سان پاڪستان ھڪ  نازڪ پوزيشن ۾ بيٺل هوندو، جوابي حملو  وچ اوڀر ۾ وڌندڙ تڪرار  جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. پاڪستان جاگرافيائي سياسي مفادن، اتحادين ۽ ملڪي عنصرن جي بنياد تي ان  جي موقف لاءِ ڪجهه غور ويچار جا پھلو ھيٺين ريت ٿي سگهن ٿا.

  1. غير جانبداري ۽ ٽياڪڙي وارو: پاڪستان تڪرارن ۾ ڦاسڻ کان بچڻ لاءِ غيرجانبدار موقف کي اوليت ڏئي سگھي ٿو. خاص ڪري ايران ۽ نار وارين رياستن سان پنھنجي لاڳاپن کي ڏسندي پاڪستان خطي ۾ سفارتڪاري ۽ ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي جي وڪالت ڪندي پاڻ کي ٽياڪڙ طور قرار ڏئي سگھي ٿو،اھو نقطه نظر ان جي وسيع پاليسي جي مطابق ھوندو ۽ ان جي سفارتي حيثيت کي وڌائي سگھي ٿو.

2.ايران ۽ سعودي عرب/گڏيل عارب امارات سان لاڳاپن ۾ توازن : پاڪستان جي ايران سان ڊگهي سرحد آهي ۽ ان جا گهرا لاڳاپا آهن (ايران پهريون ملڪ هو جنهن پاڪستان کي تسليم ڪيو ۽ پاڪستان پهريون ملڪ هو جنهن ايران جي خميني حڪومت کي تسليم ڪيو)، خاص طور تي علائقائي استحڪام ۽ اقتصادي سگھار تي انھن جي گڏيل تحفظات جي پيش نظر (ايران عراق جنگ پاڪستان ايراني پائليٽس جي ٽريننگ ۽ ھٿيارن جي فراھمي ڪئي ) تنهن هوندي به پاڪستان مالي امداد ۽ توانائي جي وسيلن لاءِ سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات تي پڻ  تمام گهڻو ڀاڙي ٿو.ايران ۽ اسرائيل جي امڪاني تڪرار ۾ڌر بڻجڻ سان، ٻنهي جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ  پئدا ٿيڻ جو امڪان ٿيندو. ان ڪري پاڪستان ممڪن طور تي پنهنجي سلامتي ۽ اقتصادي  ٻنھي مفادن جي تحفظ لاءِ توازن ڳولڻ چاهيندو.

3.اسٽريٽجڪ فوجي تحفظات : پاڪستان تاريخي طور تي وچ اوڀر جي تڪرارن ۾ ملوث ٿيڻ کان احتياط ڪندي پاسيرو رهيو آهي، خاص طور تي افغانستان  جي سرحد تي پنهنجي سيڪيورٽي خدشن ۽ اندروني سياسي چئلينجن جي سبب ائين ڪندو رھيو آھي. سڌي ريت فوجي مداخلت جو امڪان بنھه گھٽ آھي، پر پاڪستان حالتن جي لحاظ کان علائقائي اتحادين کي لاجسٽڪ سپورٽ يا انٽيليجنس شيئرنگ جي آڇ ڪري سگهي ٿو. بھرحال تڪرارن ۾ سڌي ريت ملوث ٿيڻ کان بچڻ لاءِ اھڙي طرح جي حمايت سمجھداري هوندي.

3.فلسطين جو مسئلو : فلسطين تي ٿيندڙ ظلم خلاف موقف پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو مرڪزي مسئلو آهي، جنهن ۾ مضبوط عوامي جذبات  فلسطين جي حمايت ڪري رھيا آھن. پاڪستان ان موقعي کي  فلسطيني ڪاز کي پنهنجي حمايت جو عھد ڪندي استعمال ڪري سگھي ٿو ۽ ھر اھڙي قدم جي مذمت ڪري سگهي ٿو جيڪو خطي کي وڌيڪ غير مستحڪم ڪري يا جنھن سان شهرين کي وڌيڪ تڪليف جو منھن ڏسڻو پئي. اسرائيل جي باري ۾ پاڪستان جو موقف تاريخي طور تي مخالفاڻو آهي ۽ اهو ممڪن نھ آھي تھ پاڪستان  ڪنهن به اسرائيلي جارحيت جي کليل حمايت ڪري.

  1. عالمي صف بندي: جيتوڻيڪ آمريڪا ۽ يورپ اسرائيل جي حمايت ڪري سگهن ٿا، پاڪستان جي چين سان اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ آهي ۽ روس سان ان جا لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن چين ۽ روس کليل  نموني ايران جي حمايت ڪن ٿا ته پاڪستان اولهه جي ملڪن سان لاڳاپا ختم ڪرڻ کان سواءِ سفارتي طور ان محور ڏانهن جھڪي  سگهي ٿو. اها غير وابستگي واري حڪمت عملي پاڪستان کي ٻنهي بلاڪن سان سٺا لاڳاپا برقرار رکڻ ۾ مدد ڪندي.

6.جوھري پاسو : پاڪستان هڪ ايٽمي هٿيار سان ليس رياست آهي، ۽ ڪو بھ علائقائي ايٽمي خطرو (جهڙوڪ اسرائيل طرفان ايٽمي  ردعمل يا نار وارين  رياستن پاران ايٽمي تحفظات جو حصول) ان جي سيڪيورٽي خدشات کي وڌائي ڇڏيندو.علائقائي استحڪام جي لاءِ امڪاني لھر جي اثرن جي پيش نظر پاڪستان وچ اوڀر ۾ ڪنهن به ايٽمي ڇڪتاڻ کان هوشيار رهندو.

7.فرقيواراڻي ڇڪتاڻ کان بچڻ : مقامي طور تي، پاڪستان سني ۽ شيعه  ٻنھي آبادين جو گهر آهي. واضح طور تي ايران مخالف موقف ملڪ اندر فرقيوارانه تڪرار کي  ھوا ڏئي سگهي ٿو، جنهن کان پاڪستان تاريخي طور تي بچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان ڳالھھ جو امڪان آهي ته پاڪستان سفارتي طور  تي ٻاھرين تڪرارن کي  نيويگيٽ  ڪندي داخلي استحڪام کي برقرار رکڻ تي ڌيان ڏئي.

8.اقتصادي ۽ پناهگيرن جي اچڻ جا خدشا: هڪ مڪمل پئماني واري علائقائي جنگ عالمي تيل جي فراهمي کي متاثر ڪري سگهي ٿي، جنهن جو سڌو سنئون اثر پاڪستان جي معيشت تي پوندو. ان سان گڏوگڏ ايران ۽ پاڙيسري ملڪن ۾ تڪرار ۽ متاثر ٿيندڙ پناهگيرن جي آمد جو سبب بڻجي سگهي ٿي، جنھن سان پاڪستان جي وسيلن تي دٻاءُ پوندو.پاڪستان کي خطي ۾ امن جي حمايت ۽ وڪالت  ڪندي انهن انساني ۽ معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو.

نتيجو: امڪاني طور تي اسرائيل ايران تڪرار تي پاڪستان جو ردعمل محتاط هوندو. جنهن ۾ ڇڪتاڻ کي روڪڻ ۽ علائقائي استحڪام جي تحفظ لاءِ سفارتي ڪوششن تي زور ڏنو ويندو. جتوڻيڪ پاڪستان  اسرائيلي جي اڳرائي جي حمايت نه ڪندو، پر پاڪستان جو سعودي عرب يا گڏيل عرب امارات جي خلاف کليل تڪرار وارو موقف اختيار ڪرڻ  جو پڻ امڪان نھ آھي.ان جي بدران پاڪستان  کي پنهنجي علائقائي اتحاد ۾ توازن پيدا ڪرڻ ۽ پنهنجي قومي مفادن جي حفاظت تي ڌيان ڏيڻ گھرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.