گرين پاڪستان نالي طاقتور ڌرين کي خوش ڪيو پيو وڃي، ملڪ آئين سان هلندو:ساڃاهه ونــــــد

لاھور (رپورٽ: حفيظ چنا)  مزدورن جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان حقوق خلق پارٽي پاران لاھور پريس ڪلب اڳيان جلسو منعقد ڪيو ويو جنھن ۾  محمود خان اچڪزئي ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سيد زين شاھ ، پي ٽي آئي اڳواڻ اسد قيصر ، پاڪستان ڪسان پارٽي جي اڳواڻ فاروق طارق ۽ ٻين خطاب ڪيو ان موقعي  تي محمود خان اچڪزئي  چيو تہ يوم مئي اسان کي اسٽيڊيم ۾ ملھائڻ گھرجي ھا ھي اسان جون ڪمزوريون آهن جو اسان مزدورن کي منظم ناھيون ڪري سگهيا ھن چيو تہ اسيمبلين ۾ ٻوليون لڳايون پيون وڃن ، ڇا اھڙين ٻوليون لڳندڙ اسيمبلين ۾ مزدور پڙھيل لکيل ماڻھو حصو وٺي سگھندو. اھي اسيمبليون چور ڌاڙيلن سان ڀرجي وينديون ، ھن چيو تہ عمران خان کي جيل ۾ رکي مائنس عمران خان پاليسي ٺاھي پئي وڃي ، ھن چيو تہ مان تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان طرفان اعلانيہ طور چوان ٿو ته عمران خان جو ڪوبہ ڏوھ ناھي ، ھو پاڪستان جو طاقتور ليڊر آهي. ، سنڌ يونائيٽيڊ جي سربراهه چيو تہ شڪاگو جي شھيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا ، ھن چيو تہ پاڪستان ھر مسئلي تي صحيحون ڪري ٿو ، ٻارڙن جي بحالي ، مزدور جي بحالي ، انساني حقن جي بحالي ، انھن ۾ اھو ڄاڻايو ويو ته اسان انھن جو احترام ڪنداسين ، پر ان تي ڪوبه عمل نه پيو ٿئي ، پنجاب ۾ اصل حقدارن کي زمينون نه پيو ملن ، من پسند طاقتور ڌرين کي خوش ڪيو پيو وڃي ، ھن چيو تہ گڊو ، ڪوٽڙي بئراج تي مقامي ماڻهن کي زمينن جا حق ناھن مليا ، گرين پاڪستان نالي طاقتور ڌرين کي خوش ڪيو پيو وڃي. ھن چيو تہ جيڪڏھن مزدورن ، ھارين کي حق نه ملندا ملڪ ترقي نه ڪري سگھندو ، ھن چيو تہ  ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاء اسان کي گڏجي جدوجھد ڪرڻي پوندي ، جلسي کي پي ٽي رھنما اسد قيصر چيو ته  ڪڻڪ ، ڪمند ، سبزين جا اگهه ناھن. ملڪ جو ھاري ۽ مزدور روئي پيو ، ھي حڪمرانن جون پاليسيون آھن. پيٽرول ، بجلي ، گئس مهانگي آھي ، غريب طبقو بيروزگاري، مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو آهي ، مزدور جو گذر سفر ڏکيو بڻجي ويو آهي ، ھو پنھنجا ٻچا ڪھڙي طريقي سان پالي ، بنا جواز سياسي گرفتاريون ڪيون ويون آهن ، ھن چيو تہ جيڪي بہ سياسي ماڻھو گرفتار آھن انھن کي آزاد ڪيو وڃي جلسي کي پاڪستان ڪسان پارٽي جي اڳواڻ فاروق طارق سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.