ڪھڙي ڪسر باقي رھجي وئي ھئي جو ھاڻي خيبرپختونخواهه جو عمران خان جو ٻالڪو وڏو وزير علي امين گنڊاپور هڪ گولي جي بدلي ۾ ڏهه گوليون هڻڻ جي ڌمڪي ڏني آھي ۽ قبائل سميت صوبي جي ماڻھن کي پنھنجي انتهائي چڙ ڏياريندڙ پيغام ۾ کين تشدد لاءِ تيار ڪري رھيو آهي.
عمران خان پاران گنڊاپور کي شاباسي ملي رھي آھي ۽ ھوءَ هر گذرندڙ ڏينهن سان وڏي ٽڪراءَ ڏانهن وڌيندي نظر اچي رهيو آھي. ان جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو، اهو ھر ڪو اندازو لڳائي سگھي ٿو.جھڙي قسم جون چڙ وارو رويو ۽ جيڪو گولي هڻندو سو گولي کائيندو.جھڙو پيغام ڏيڻ ڪھڙي قسم جي سياست آھي؟ صاف ظاهر آهي ته عمران خان ۽ تحريڪ انصاف 9 مئي مان ڪو بھ سبق نھ سکيو آھي ۽ نه ئي انھن مشڪلات ۽ مصيبتن مان ڪجهھ سکيو آھي جيڪي 9 مئي جي سبب پي ٽي آءِ ۽ ان جي اڳواڻن کي پيش اچي رھيون آهن.
ان کان اڳ به مختلف سياسي پارٽيون تڪليفون ۽ مشڪلالت سھنديون رھيون آهن، پر ڪنهن به 9 مئي جهڙو وقعو نھ ڪيو ۽ نھ ئي هڪ گولي جي بدلي ڏهه گوليون هڻڻ جي ڌمڪي ڏني. اڳ ۾ئي تحريڪ انصاف جا ماڻهو سياسي مخالفت ۾ ٻين کان نفرت ۽ عمران خان سان محبت ۾ ايترو اڳتي نڪري ويا آهن جو ملڪ پوئتي رهجي ويو آهي. صرف ان جي لاءِ تھ سندن سياست کي فائدو پھچي.ڪو پنهنجي ملڪ کي مصيبت ۾ ڏسي ڪيئن خوش ٿي سگهي ٿو؟ ملڪ لاءِ ڪا خوشخبري هجي ته ناخوش ٿين!! خراب خبر تي خوش ٿين، ان کي خوب ھوا ڏين رڳو انڪري تھ ان ۾ سندن سياسي فائدو ٿي سگهي ٿي.
معاشي طور تي جيڪڏهن ملڪ لاءِ ڪا خوشخبري ھجي ته ان تي ھنن جو منھن لھي وڃي ۽ جيڪڏهن ڪا خراب خبر سامهون اچي ته ان کي پکيڙيو وڃي رڳو انڪري جو مخالف ناڪام ٿين ۽ پنھنجي سياست ڪامياب ٿئي. ڪوڙيون خبرون به پکڙيون وڃن،پوءِ چاھي ان مان پنھنجي ملڪ ۽ پنھنجي ملڪ جي معيشت کي ڪيترو به کڻي نقصان پهچي ۽ صرف هڪ نقطي تي ڌيان ڏجي ته ڪھڙي ريت سندن ليڊر ۽ ان جي سياست کي ڪامياب ملي.پنھنجي سياست جي ڪاميابيءَ لاءِ ڪو ايترو بھ ڪِري سگھي ٿو جو ملڪ کي ڏيوالي ڪرڻ جي رٿابندي ۾ شامل ٿي وڃي.اها خواهش ۽ باقاعده رٿابندي ڪئي وڃي ته ملڪ کي سري لنڪا ڪيئن ٺاهيو وڃي.
اهڙين رٿائن جا ثبوت به سامهون اچي وڃن پر ان تي شرمسار ٿيڻ بدران رويو ۽ سوچ ساڳي ئي منفي جي منفي رهي، اھا ڪھڙي سياست آھي جيڪا نفرت کي ايترو وڌائي ڇڏي جو ملڪ پوئتي رهجي وڃي ۽ سندسن سياست ۽ سياسي اڳواڻن کي فوقيت ڏني وڃي. اسٽيبلشمينٽ سميت پنھنجن مخالفن تي شديد تنقيد ڪريو، جيڪي زيادتيون ٿي رھيون آھن انھن خلاف آواز ضرور اٿاريو، قانوني ۽ عدالتي جنگ وڙھو ، پر ڪنھن اھڙي ڳالهھ تي خوش ٿيو جيڪا پاڪستان جي فائدي ۾ نه آھي يا جيڪا پاڪستان لاءِ نقصان جو سبب بڻجي.جيڪڏهن پاڪستان جو ڏيوالو نڪري ٿو ته اهو نقصان پاڪستان جو آھي، پاڪستان جي عوام جو آھي چاھي ان جو ڪنھن بھ سياسي جماعت سان تعلق ھجي.اهو خواب ڏسڻ ڪھڙي سياست جو نالو آھي ته جيڪڏهن پاڪستان جو ڏيوالو ٿيندو ۽ ھتي گهرو ويڙهه واري صورتحال پيدا ٿيندي ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ڪمزور ٿينديون، جنهن جو فائدو ڪنهن هڪ سياسي اڳواڻ يا هڪ سياسي پارٽي کي ٿيندو ۽ ان جي حڪومت ۾ اچڻ جو امڪان پيدا ٿي ويندو. ٻي صورت ۾ هڪ وڏو وزير پنهنجي صوبي جي عوام کي هڪ جي مقابلي ۾ ڏهه گوليون هڻڻ لاءِ ڪيئن تيار ڪري سگهي ٿو. حيرت ان ڳالهه تي آهي ته تحريڪ انصاف جي ڪنهن به اڳواڻ گنڊاپور پاران خيبرپختونخواهه جي عوام کي تشدد تي ڀڙڪائڻ جي نه مذمت ڪئي ۽ نه ئي انھن پاڻ کي پري رکيو
آھي.
تحريڪ انصاف جو الميو اهو آهي ته عمران خان گنڊاپور جهڙن ڪردارن کي پسند ڪري ٿو، انهن جي حوصلا افزائي ڪري ٿو، جيڪي مخالفن ۽ اختلاف ڪندڙن سان بدتميز ڪري ان کي شاباسي ملي ٿي ۽ جيڪو شرافت ۽ تهذيب جي دائري ۾ رهي ڪري سياست ڪن ٿا، انهن کي ڌڙڪا ملن ٿا۽ عوامي سطح تي انھن کي بزدل چيو وڃي ٿو، چاهي اهو شخص پي ٽي آءِ جو چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان ئي ڇو نھ هجي. الميو اهو به آهي ته عمران خان پنهنجي ووٽرن ۽ سپورٽرن کي به اهڙي ئي نفرت ۽ ناڪاري سوچ جو مالڪ بڻائي ڇڏيو آهي. انھن جي لاءِ بھ گنڊاپور ھڪ ھيرو آھي.