ڊي چوڪ معرڪو:ڇڪتاڻ ۾ واڌارو

تحرير: غلام حسين لغاري

  پي ٽي آءِ باني جي سڏ تي ڊي چوڪ احتجاج جو ڪالهه پهريون ڏهاڙو هو. پنجاب جي اڪثر وڏن شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ سمورا لنگهه رستا ڪاروبار بند ٿيڻ ڪري هڪ عجيب صورتحال ڏسڻ وٽان آئي ۽ هڪ خوفناڪ صورتحال جا اهي منظر ڏسڻ ۾ مليا جهڙوڪ ٻن صوبن ڪي پي ڪي ۽ پنجاب وچ ۾ ڪا جنگ ڇڙي هجي. ڪي پي ڪي پنجاب سرحد وٽ ٻنهي صوبن جي پوليس مورچا بند نظر آئي جهڙي صورتحال رهي تنهن  هڪ ڀيرو وري ملڪ کي معاشي تباهي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي جنهن جو ازالو ٿيڻ مشڪل آهي. پي ٽي آءِ جو هي ڌرڻو ۽ احتجاج انوقت ٿي رهيو آهي جڏهن ملڪ ۾ شنگهائي ڪانفرنس جو اجلاس ٿيڻ وڃي رهيو آهي ۽ عالمي سربراهه اسلام آباد ۾ لٿل آهن خبر ناهي ته پي ٽي آءِ سياسي جنگ ڇيڙي  عالمي سطح تي ڪهڙو پيغام  ڏيڻ وڃي رهي آهي جو حڪومت جو  چوڻ به ٿڏي پي ٽي آءِ باني بضد آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور فيصل آباد بهاولپور ميانوالي ۾ به ساڳي قسم جا احتجاج ٿيا ۽ رانديگرن حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏنو جڏهن ته اڄ وري مينار پاڪستان تي به احتجاج ٿيڻ وڃي رهيو رهيو آهي جنهن جي پيش نظر سڄي پنجاب ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال هجڻ ڪري ستن ڏينهن لاءِ نه صرف قلم 144 لڳل آهي پر پورو پنجاب ڪنٽينرن جي حوالي ڪيو ويو آهي جنهنڪري ملڪ اندر کاڌي پيتي جو سامان ڀاڄيون وغيره مارڪيٽن تائين پهچڻ مشڪل آهن جنهن سان اربين کربين رپين جو نقصان پهچي سگهي ٿو .

حڪومت اسلام آباد ۽ لاهور کي محفوظ بنائڻ لاءِ آئين جي آرٽيڪل 245 تحت فوج کي طلب ڪري ورتو آهي جيڪو سندس ڪمزوري ۽ ناڪامي جو هڪ ثبوت آهي ته اها سياسي ۽ معاشي استحڪام کي مضبوط بڻائي ناهي سگهي ۽ اهي امڪان آهن ته ڪا انقلابي تبديلي اچي ۽ اقتدار جون واڳون ٻين حوالي ٿين يا ڪا قومي حڪومت ڪجهه عرصي لاءِ اچي۔         هي ڪو پهريون احتجاج يا ڌرڻو ناهي جيڪو خاص وقتن تي ڪيو ويو هجي. 2014 ۾ پي ٽي آءِ چين جي صدر جي اسلام آباد اچڻ وقت احتجاج ڪيو هو جنهنڪري چيني صدر اهو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو هو.اهڙي طرح او آءِ سي ڪانفرنس وقت به پ پ پ اسلام آباد ۾ هن قسم جو ڌرڻو ۽ احتجاج ڪيو هو جڏهن پ پ پ کي اهڙو احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو ته پ پ پ چيئرمن بلاول ڀٽو جواب ڏنو هو جنهن سان پڻ اسلامي ملڪن تائين هڪ غلط تاثر پهتو هو. ملڪ ۾ هن قسم جا سياسي احتجاج ۽ ڌرڻا هڻڻ جا ٻيا به موقعا هوندا آهن پر جڏهن ملڪ ۾ عالمي سربراهه موجود هجن يا عالمي سطح جا اجلاس ٿين ته يڪجهتي طور اهڙا احتجاج ڪرڻ ۽ ڌرڻا هڻڻ نه گهرجن جنهن سان عالمي سطح تي غلط تاثر پئدا ٿئي.

باني پي ٽي آءِ هن وقت هن وقت ڪافي مڇريل ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي جنهن کي حڪومتي ناانصافيون انتقامي ڪارروايون ۽ آئين جو ٿيندڙ استحصال برداشت ٿي نٿو سگهي ۽ هاڻ آخري حربا استعمال پيو ڪري.سپريم ڪورٽ جا ڪجهه جج ۽ سندن چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پي ٽي آءِ جي خاص نشاني تي آهن جن تي حڪومت جي سهولتڪاري جا الزام مڙهيا پيا وڃن ۽ غلط فيصلا ڪرڻ جو الزام آهي جنهن جو سبب قاضي فائز عيسيٰ حڪومت کان مدت ملازمت ۾ توسيع وٺڻ چيو وڃي ٿو. قاضي فائز عيسيٰ جو پتلو ساڙڻ ۽ سندس خلاف احتجاج ڪرڻ تي پي ٽي آءِ جي وڪيلن ۽ اسيمبلي ميمبرن خلاف دهشتگردي وارا قلم هڻي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جنهن کان پوءِ وڪيل طبقو به مڇريل آهي ۽ هنن به پنهنجو الڳ ڪنوينشن ڪوٺايو آهي.وفاقي وزير داخلا محسن نقوي سينيٽر فيصل واڍا ۽ آءِ جي اسلام آباد پي ٽي آءِ باني تي الزام مڙهيا آهن ته هو اسلام آباد ۾ خونريزي ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ رٿابندي ڪري چڪو آهي۔ڪالهه هنن ڊي چوڪ جو دورو پڻ ڪيو ۽ حالتن جو جائزو ورتو پر ڪي پي ڪي مان وڏي انگ ۾ مڇريل  رانديگرن کي وٺي نڪتل وڏو وزير علي امين گنڊاپور ڊي چوڪ تي اڃا انهي ڪري پهچي نه سگهيو هو جو پنجاب جي حدود ۾ وڏي رڪاوٽ وڌل هئي جهڙا منظر ڏسڻ ۾ آيا ته پٺاڻ رانديگرن جي هٿن ۾ خطرناڪ ڏنڊا ۽ گليليون هيون۔هن لشڪر ۾ رڪاوٽون هٽائڻ واري مشينري ايمبولينس ۽ فائر برگيڊ گاڏيون گڏ هيون۔گنڊاپور هڪ مهيني جو راشن ۽ پيئڻ جو پاڻي دوائون به ساڻس گڏ آهن جن مان محسوس ٿي رهيو هو ته گنڊاپور وڏي تياري سان نڪتو آهي.                  ڪالهه اسلام آباد ۾ ڏهڪاءِ واري صورتحال ڏسڻ ۾ آئي جتي هر طرف خوف ئي خوف هو شام تائين ڊي چوڪ محفوظ رهيو ڪو به خاص اڻوندڙ واقعو پيش نه آيو نه وري پي ٽي آءِ ڪارڪن چوڪ تي نظر نه آيو البته شام ڌاري پي ٽي آءِ جا ڪجهه رانديگر پهچڻ مختلف هنڌن کان ڊي چوڪ داخل ٿيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي جن کي پوليس گرفتار ڪيو جن بابت پوليس جو چوڻ هو ته اهي افغاني هئا۔گرفتار ڪارڪن افغاني هئا يا نه الڳ ڳالهه آهي جيڪڏهن اهي افغاني نڪتا ته انجا پاڪ افغان تعلقات تي اڳتي هلي اثر پئجي سگهي ٿو۔افغان حڪومت گرفتار ٿيلن کي اڃا پنهنجو ناهي ڪيو۔ هونئن به پاڪستان ۾ لکين افغاني ماڻهو غير قانوني رهن ٿا جن کي حڪومت واپس موڪلڻ ۾ ناڪام وئي آهي۔هنن افغاني ماڻهن جو وڏو انگ ڪراچي پشاور اسلام آباد ۾ رهي ٿو جيڪي آزاداڻه نموني ڪاروبار ۽ ڏوهه ڪن ٿا۔عام تاثر اهو به آهي غيرقانوني افغانين جو وڏو انگ پي ٽي آءِ کي به سپورٽ ڪري ٿو جن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل آهن ۽ کين ووٽ جو حق به مليل آهي.

ڊي چوڪ معرڪي جي هن وقت شروعات آهي جهڙو پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پٺاڻن جو ولولو ۽ جذبو آهي ۽ گرفتاريون ڏئي رهيا آهن ۽ علي امين گنڊاپور جنهن تياري سان اسلام آباد طرف پيش قدمي ڪري رهيو آهي ان مان لڳي ٿو ته پنجاب جي حدن يا وري ڊي چوڪ  تي رت به وهي سگهي ٿو جو اتي احتجاج کي روڪڻ لاءِ تياريون ممڪن آهن ۽ اهو به ممڪن آهي ته حڪومت مجبور ٿي وڃي ۽ سگهارن قوتون به ملڪ جي سلامتي ۽ معاشي حالتن کي نظر ۾ رکي جهڪاءِ طرف وڃن۔ملڪ ۾ پئدا ٿيل سياسي ڇڪتاڻ جو حل ڳالهين ۽ نين چونڊن ۾ آهي جنهن لاءِ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان به مطالبو ڪري رهيو آهي ۽ بقول سندس ته ن ليگ حڪومت جعلي آهي کيس نٿو مڃي۔باقي جيڪڏهن ڊي چوڪ احتجاج ڊيگهه ٿو وٺي ۽ ملڪ ڪنٽينرن سبب بند رهي ٿو ته انجي معاشي تباهي ملڪ کي شايد ئي اسرڻ ڏئي جنهن لاءِ سياسي ڇڪتاڻ جو خاتمو آڻڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.