حضرت علي عليه السلام جن جو قول آهي ته “جنهن مون کي هڪ حرف به سکاريو، مان ان جو غلام آهيان اُهو چاهي مون کي کپائي ڇڏي يا آزاد ڪري يا پاڻ وٽ غلام ڪري رکي”. استادن جو ڏينهن استادن جي ناقابل فراموش ڪردار کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن جي انمول خدمتن جو اعتراف ڪرڻ جي مقصد سان پڻ ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن تي استادن جي محنت ۽ ڪوشش کي ساراهيو ۽ استادن کي تحفن سان گڏ سلام پيش ڪيو ويندو آهي. استاد جي عظمت بيان ڪرڻ لاءِ هن ڳالهه کان ٻئي ڪهڙي ڳالهه بهتر ٿي سگهي ٿي ته پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ جن کي به استاد بڻائي ڪري موڪليو ويو.
چوندا آھن انسان جيڪو به ھن دنيا ۾ اچي ٿو ان جون ٽي مائرون ھونديون آھن.ھڪ ماءُ اھا جيڪا پنھنجي ڪُک مان ان کي جنم ڏئي پرورش ڪري ٿي. ان جي سار سنڀار توڙي کاڌي پيتي کان وٺي ان جي ننڍي ننڍي ضرورت جو خيال رکي ٿي.ٻي ماءُ اسانجو استاد ھوندو آھي.۽ ٽي ماءُ اھا ڌرتي ھوندي آھي جيڪا مرڻ بعد اسانجي مرده جسم کي پاڻ وٽ جڳھه ڏئي پاڻ ۾ سمائي ٿي. اڄ استادن جي عالمي ڏھاڙي تي ان ماءُ جو ذڪر ، ان خيرخواھ ۽ ھمدرد جو ذڪر ڪبو جيڪي استاد جي روپ ۾ اسان جي زندگي ۾ موجود آھن. اھو استاد جيڪو اسان کي سٺي تعليم ڏئي ٿو.ھڪ ڪلاس روم ۾ ويھي ڏيھي پرڏيھي سير ڪرائي ٿو.چڱي بري جي سڃاڻ ٿو ڪرائي. جن ھٿن سان اسان ھزارين لکين جا چيڪ سائن ڪيون ٿا انھن آڱرين کي پين جھلي سيکارڻ وارو به اسان جو استاد ھوندو آھي.اسين ڪنھن به وڏي عھدي تي ھجون،ڪو وزير مشير يا ڪي وڏا ليڪچرار يا انجنئير ھجون ڊاڪٽر ھجون سياستدان يا ليکڪ، پر اسان جي ذھانت ۽ عقل کي ڇنڊي ڦوڪي نروار ڪرڻ وارو اسانجو استاد ئي ھوندو آھي.ھڪ استاد جي جيتري عزت ڪجي اوتري گھٽ آھي. اسان جي زندگين ۾ استاد جي اهميت هڪ سوناري وانگر آهي، جو اهو هڪ ڌاتو جي ٽڪري کي سنواري ڪري قيمتي بڻائيندو آهي. هڪ سٺو استاد مٺڙي انداز واري گفتار، توجهه، محنت ۽ شفقت واري رويي سان شاگردن کي پنهنجو ڪري وٺندو آهي. استاد علم جو سرچشمو هوندو آهي. تڏهين قومن جي تعمير ۽ ترقي ۾ استادن جو ڪردار انتهائي اهميت جو حامل آهي. تعميرِ انسانيت ۽ علمي ارتقا ۾ استاد جي ڪردار کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. ابتدائي تخليق کان نظامِ تعليم ۾ استاد کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. معاشري جي فلاح ۽ بهبود، جذبه انسانيت جي نشونما ۽ فردن جي تربيت سازي جي ڪري ان کي عزت جي نگاهن سان ڏٺو ويندو آهي. استاد پنهنجي شاگردن جي تربيت ۾ اهڙي طرح مگن رهندو آهي جيئن هڪ باغ وارو پنهنجي باغ جي سار سنڀال لهندو آهي.
تدريس اهو پيشو آهي، جيڪو صرف دين اسلام ئي نه پر دنيا جي هر مذهب، معاشري ۾ نمايان مقام رکي ٿو. پر هي به حقيقت آهي ته دنيا وارن استاد جي اصل قدر ۽ منزلت جهڙي طرح اسلام اجاگر ڪئي وئي آهي اهڙي طرح ڪنهن ٻئي مذهب ۾ ناهي. خدا پاڪ قرآن پاڪ ۾ حضرت محمد ﷺ جي شان کي بحيثيت استاد به بيان ڪيو آهي. هڪ دفعي ڪنهن ماڻهوءَ سڪندر اعظم کان پڇيو ته اوهان استاد جي ايتري عزت ڇو ڪندا آهيو؟ ان جواب ڏنائين ته والدين مون کي آسمان کان زمين تائين وٺي آيا ۽ جڏهن ته منهنجي استاد مون کي زمين تان آسمانن جي بلندين تي وٺي آيو. اهڙي طرح ٻئي ڏاهي استاد جي شان کي هن ريت بيان ڪري ٿو ته “استاد سان هڪ ڪلاڪ ڪچهري ڪرڻ ڏهن سالن جي برابر آهي” پر وڏي بدقسمتي اها آهي جو اسان جي سماج ۾ تعليمي نظام جي حالت اُها آهي جيڪا استادن جي آهي، ٻين لفظن ۾ اڄ ڪلهه شاگردن جي اڪثريت استادن کي پگھاردار ملازمن کان وڌيڪ ڪجهه نٿو سمجهي. اهو ئي سبب آهي ايترا اسڪول، ڪاليجون، يونيورسٽيون کولڻ جي باوجود به معاشري مان اخلاق ۽ تهذيب گھٽجي رهئي آهي.
معاشري ۾ رهندڙ هر هڪ فرد تي اِها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هُو پنهنجي آس پاس توڙي ويجهي مٽ مائٽن کي انهي ڳالهھ تي آماده ڪري ته تعليم سان ئي ترقي ممڪن آهي. تعليم کان بغير ترقي ممڪن ئي ڪونه آهي. اسان معاشرتي اصولن جي پائداري نه ڪندي نه صرف پاڻ کي نقصان ڏنو آهي بلڪ هر هڪ شعبي کي تباھي تائين پهچائي ڇڏيو آهي. پوءِ ڀلي کڻي ڇو نه اُهو شعبو تعليم جو هجي، صحت جو هجي يا وري قانون توڙي زراعت جو هجي. اسان وٽ گهڻي تڻي ٽيڪا ٽپڻي يا بحث مباحثا تعليم جي شعبي تي ڪيا ويندا آهن ڇو ته هي شعبو باقي ٻين شعبن جي خلقڻهار شعبو آهي. هي شعبو جيترو قدر جديد گهرجن تي پورو لهندو تئين ئي ٻيا شعبا هن جي بهتر هجڻ واري عنصر کان فائدو وٺندي پنهنجي ترقي جون منزلون طئي ڪندا.