ٻار جڏھن دنيا ۾ اک کولي ٿو ۽ ڪجهه سمجھدار ٿئي ٿو ته ان ٻار جي سکڻ جو عمل شروع ٿئي ٿو ۽ ٻار ڪجهه شيون ان فارمل سکندو آھي ۽ ڪجهه شيون فارمل سکندو آھي.جيڪي فارمل شيون سکي ٿو علم حاصل ڪري ٿو۽ ان ٻار کي ھڪ رھنما، ماھر گھرجيانھي رھنمائي ڪندڙ ھستي کي ”استاد“ سڏيو وڃي ٿو.جيڪو اڻ ڄاڻ کي سمجھه ۽ دانائي ڏي ٿو. نه صرف ڄاڻ ڏي ٿو بلڪه سٺي تربيت ڪري ٿو.معاشري جو بھترين فرد بڻائي ٿو حسن اخلاق سيکاري ٿو شعور ڏي ٿو بري ۽ ڀلي جي سڃاڻپ جي ڄاڻ ڏي ٿو زندگي ۾ قابل انسان بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو .
استاد علم جي سمنڊ مان عميق موتي چونڊي شاگردن کي سنواري ٿو.دنيا جي ترقي جو دارو مدار تعليم آھي اھا ئي قوم ترقي ڪري منزل تي پھتي آھي جنھن تعليم کي اھميت ڏني استاد کي اھميت ڏني جنھن قوم جي تعليم بھتر ھوندي اھا ئي قوم ترقي ڪندي اھي ئي قومون ترقي ڪنديون آھن جتي تعليمي معيار بھتر ھوندو استاد جي اھميت کي سمجھيو ويندواستاد اھو گل آھي جنھن جي خوشبوءَ مان جنھن واس ورتو ان جي ڏنل تربيت مان پرايو اھو عالم،انجيئر، ڊاڪٽر، وڪيل بڻيو معاشري جو مثبت ڪردار بڻيو.
اسان جيڪڏھن پنھنجي معاشري تي نظر وجھون ٿا ته اسان کي صورتحال اطمينان جوڳي نظر نٿي اچي. اخلاقي قدرن جي زوال پذيري نظر اچي ٿي. معاشري ۾ نا انصافي، بي راھ روي، معاشري ۾ وڌندڙ نوجوانن جي ڇڙواڳي ۽ انھن جو سبب اھو به آھي ته اسان جي سماج ۾ استاد جي اھميت ۽ قدر نه رھيو آھي!
استادن تي طنز، ٽوڪيون ۽ مشڪريون ڪيون وڃن ٿيون انهن جي تذليل ڪئي وڃي ٿي ڪڏھن استادن تي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ پرامن احتجاج تي لٺ بازي ڪئي وڃي ٿي.
بد قسمتي سان اسان جي سماج ۾ استاد کي اھا عزت ۽ اھميت مليل نه آھي. جنھن جو استاد حقدار آھي استاد ته پيغمبري پيشو آھي اسان سماج ۾ ڏسون ٿا ته ڪنھن محفل وغيره ۾ ڪنھن امير ۽ ڪاموري کي جيڪا عزت ۽ اھميت ڏني وڃي ٿي اها اھميت استاد کي نه ڏني وڃي ٿي اسان پنھنجي سماج کي ترقي تي گامزن ڪرڻ چاھيون ٿا ته استاد کي اھميت ڏيون استادن جي عالمي ڏينهن تي اسان دنيا جي عظيم استادن کي سلام پيش ڪريون ٿا
بد قسمتي سان اسان جي سماج ۾ استاد کي اھا عزت ۽ اھميت مليل نه آھي. جنھن جو استاد حقدار آھي استاد ته پيغمبري پيشو آھي اسان سماج ۾ ڏسون ٿا ته ڪنھن محفل وغيره ۾ ڪنھن امير ۽ ڪاموري کي جيڪا عزت ۽ اھميت ڏني وڃي ٿي اها اھميت استاد کي نه ڏني وڃي ٿي اسان پنھنجي سماج کي ترقي تي گامزن ڪرڻ چاھيون ٿا ته استاد کي اھميت ڏيون استادن جي عالمي ڏينهن تي اسان دنيا جي عظيم استادن کي سلام پيش ڪريون ٿا.