اسرائيل جو لبنان تي حملو ۽ حسن نصر الله جي شهادت جا دنيا جي امن تي پوندڙ اثر

تحرير: امير ڀنڀرو

وچ اوڀر هميشه کان ئي دنيا جي سياسي ۽ اسٽرٽيجڪ منظرنامي ۾ هڪ اهم مقام رکندو پيو اچي، پر اسرائيل۽ لبنان وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ نه صرف علائقائي امن لاءِ خطرو آهي، پر دنيا جي مجموعي امن لاءِ به هڪ وڏو خطروبڻجي رهي آهي. ان پس منظر ۾، جيڪڏهن حزب الله جي اڳواڻ حسن نصرالله جي شهادت ٿي وڃي ٿي، ته ان جا نه صرف مشرقِ وسطيٰ تي پر عالمي سطح تي به گهرا اثر ٿيندا

لبنان ۽ اسرائيل جي وچ ۾ تڪرار تاريخي طور تي گهڻو پيچيده ۽ گهاٽو رهيو آهي. هن تڪرار جي مرڪز ۾ حزب الله جهڙا جنگجو گروپ رهيا آهن، جن جو مقصد اسرائيل جي خلاف مزاحمت ڪرڻ آهي. حزب الله، هڪ شيعه مسلمان جنگ جو ۽ سياسي جماعت، پنهنجي اڳواڻ حسن نصر الله جي سربراهي ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اسرائيل جي خلاف هڪ مضبوط فوجي طاقت جي حيثيت سان اُڀريو آهي. حسن نصر الله جي شهادت، لبنان ۽ اسرائيل جي وچ ۾ لاڳاپن۽ سڄي مشرق وسطيٰ تي وڏا ۽ گهرا اثر ڇڏي سگهي ٿي.

حسن نصر الله حزب الله جو هڪ ڪاريزميٽڪ اڳواڻ هو جنهن جي سياسي ۽ فوجي حڪمت عملي مشرق وسطيٰ ۾وڏي اثر رکي ٿي. سندس مزاحمتي پاليسي خاص طور تي اسرائيل خلاف هئي، جنهن کي هو هڪ غاصب رياست سڏيندو  هو  حزب الله جو بنيادي مقصد اسرائيل جي مخالفت ۽ لبناني خودمختياري جي حمايت آهي. نصر الله،لبناني عوام ۾ هڪ محبوب اڳواڻ طور هو  ۽ شيعه مسلم گروپن ۾ هڪ سياسي ۽ مذهبي رهبر جي حيثيت رکندو هو. هاڻ جڏهن حسن نصر الله جي شهادت، جي تصديق ٿي وئي آهي مشرق وسطيٰ ۾ هڪ سنگين تڪرار کي جنم ڏئي سگهي ٿي. حزب الله جي موجودگي، اسرائيل ۽ ٻين عرب ملڪن لاءِ اڳي ئي هڪ خطري جي صورت ۾ ڏٺي وڃي ٿي، ۽ نصر الله جي موت کان پوءِ حزب الله جي ردعمل سان خطي ۾ وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي.

اسرائيل ڪيترن ئي موقعن تي لبنان تي حملا ڪيا آهن، خاص طور تي حزب الله جي ڪاررواين جي جواب ۾. حسن نصر الله، جيڪو اسرائيل خلاف مزاحمتي سياست ۽ جنگي حڪمت عملين جو علمبردار هو، سندس موت کان پوءِ ِمشرق وسطيٰ ۾ نئين ڇڪتاڻ جو امڪان وڌي ويو آهي. سندس شهادت مشرق وسطيٰ ۾ تڪرار ۽ امن جي ڪوششن تي گهرا اثر ڇڏي سگهي ٿي، ۽ خطي ۾ جنگي حالتن جي وڌڻ جا امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا. حسن نصر الله جي موت جي تصديق کان پوءِ، عالمي ميڊيا، سياسي پارٽيون، ۽ مختلف ملڪن جا اڳواڻ پنهنجا ردعمل ظاهر ڪري رهيا آهن. اهو پڻ ڏسڻو پوندو ته حزب الله ۽ ايران جي ڀائيواري ڪيئن ردعمل ڏئي ٿي، ۽ ڇا ان جي نتيجي ۾ اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ وڌيڪ جنگين جا دروازا کلڻا آهن.

مزاحمتي سياست جو هڪ اهم ڪردار وڃائڻ کان پوءِ، حزب الله اندروني طور تي به متاثر ٿي سگهي ٿي، ۽ خطي ۾نئين سياسي ۽ عسڪري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي.حسن نصر الله جي شهادت کان پوءِ، لبنان ۾ سياسي ۽عسڪري خلاءُ پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ لبناني عوام ۽ ٻين پارٽين ۾ بيچيني پيدا ٿي سگهي ٿي. حزب الله، جيڪا پنهنجي مزاحمتي قوت ۽ اسرائيل مخالف موقف لاءِ مشهور آهي، شايد حسن نصر الله جي موت کان پوءِ وڌيڪ جارحانه پاليسي اختيار ڪري ۽ اسرائيل خلاف حملا وڌائي سگهي ٿي.

حسن نصر الله جي شهادت کان پوءِ، لبنان ۾ گهرو افراتفري جو خطرو وڌي سگهي ٿو، ۽ اسرائيل لاءِ هيءُ هڪ موقعوٿي سگهي ٿو ته هو وڌيڪ حملا ڪري ۽ حزب الله کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. پر اهڙي جنگجو گروپ کي ختم ڪرڻ آسان ناهي، خاص طور تي جڏهن ان کي ايران ۽ ٻين علائقائي قوتن جي مدد حاصل هجي.

حسن نصر الله جي شهادت کان پوءِ، وچ اوڀر  ۾ صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿي سگهي ٿي. حزب الله، جيڪا ايران جي حمايت سان هلندي آهي، اسرائيل خلاف پنهنجون ڪارروايون وڌائي سگهي ٿي، ۽ اهڙي صورتحال ۾ ايران ۽اسرائيل جي وچ ۾ به ڇڪتاڻ وڌڻ جو امڪان آهي. ان جي نتيجي ۾ خطي ۾وڏو تڪرار پيدا ٿي سگهي ٿو،جنهن ۾ ٻين علائقائي قوتن جهڙوڪ سعودي عرب ۽ شام جو به ڪردار وڌي سگهي ٿو.جڏهن ته ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ پراڪسي جنگ اڳ ۾ ئي ڪيترن ئي موقعي تي سامهون اچي چڪي آهي، حسن نصر الله جي شهادت کان پوءِ اها جنگ وڌيڪ سنگين ٿي سگهي ٿي. ايران، جيڪو حزب الله کي پنهنجي علائقائي اثرکي وڌائڻ لاءِ استعمال ڪري ٿو، شايد اسرائيل خلاف وڌيڪ ڪارروايون شروع ڪري ۽ ان جي نتيجي ۾ خطي ۾ وڌيڪ جنگين جا امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا.

حسن نصر الله جي شهادت صرف لبنان ۽ اسرائيل تائين محدود نه رهي، پر سڄي دنيا تي ان جا اثر پئجي سگهن ٿا. لبنان، جيڪو اڳ ۾ ئي سياسي بحران ۽ معاشي بدحالي جو شڪار آهي، وڌيڪ بحران ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿو. ان جو نتيجو عالمي تيل جي قيمتن ۾ اضافو، عالمي مارڪيٽن ۾ غير يقيني صورتحال، ۽ بين الاقوامي سفارتي تڪرارن جيصورت ۾ سامهون اچي سگهي ٿو.

ان کان علاوه، حسن نصر الله جي شهادت کان پوءِ، وچ اوڀر ۾ امن لاءِ ڪوششون وڌيڪ پيچيده ٿي سگهن ٿيون، ڇو ته حزب الله جهڙا گروپ، جيڪي اسرائيل خلاف مزاحمت جا علمبردار آهن، شايد وڌيڪ جارحانه پاليسي اختيار ڪن. اقوام متحده ۽ ٻين عالمي ادارن کي خطي ۾ امن لاءِ نيون حڪمت عمليون ترتيب ڏيڻيون پونديون، ۽ اولهه جا ملڪ، خاص طور تي آمريڪا ۽ يورپي يونين، خطي ۾ پنهنجو ڪردار وڌائي سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.