سال کن اڳ وچ اوڀر ۾ شروع ٿيل جنگ جو دائرو وڌڻ جو خطرو پئدا ٿي پيو آھي. فلسطين جي حمايت ڪندڙ لبناني تنظيم حماس جي اسرائيل تي حملي کان وٺي اسرائيل خلاف لڳاتار ڪارروائي ڪندي آئي ھئي ۽ اسرائيل کي سرحدي علائقي ۾ خاصو پريشان ڪري رکيو ھو،پر تازو ئي اسرائيل ھڪ وڏي ڪارروائي ڪري لبنان ۾ پھرين بمباري ڪئي ۽ ان کان اڳ دجيٽل آلات جي ڌماڪن سان ماڻھوماري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو.لبنان جي ويڙھاڪ تنظيم جي ڳچ عرصي کان روپوش رھندڙ اڳواڻ حسن نصرالله کي پڻ مارڻ جي دعويٰ ڪئي جنھن جي ھن وقت ان جي تنظيم تصديق ڪري ڇڏي آھي.
ايران ھر صورت ۾ حزب الله جي حمايت جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آھي،صورتحال جئين پوءِ تئين مونجھاري جو شڪار ٿي رھي آھي ۽ ھاڻي خطي م جنگ وڌڻ جو خطرو پئدا ٿي پيو آھي.لبنان جي مزاحمتي تحريڪ حزب الله پاران تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري حسن نصرالله جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.گذريل ڏينهن اسرائيل لبنان جي راڄڌاني بيروت جي ڏاکڻي علائقي ۾ بمباري ڪئي هئي ۽ ان حملي ۾ 2 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.گذريل 5 ڏينهن ۾ بيروت تي اسرائيلي فوج جو هي سڀ کان زوردار بمبار حملو هو، ان بمباري ۾ 4 عمارتن کي نقصان پهتو.اسرائيلي فوج ڪجهه عرصو اڳ بيروت حملي ۾ حزب الله جي سربراهه حسن نصرالله جي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.جڏهن ته هاڻي حزب الله پنهنجي اڳواڻ حسن نصرالله جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. حزب الله طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حسن نصرالله کي شهيد ڪيو ويو آھي. حزب الله چيو آھي ته اسرائيل خلاف جنگ جاري رهندي، غزه ۽ فلسطين جي حمايت ۽ لبنان جي دفاع لاءِ جهاد جاري رکندو. حزب الله پاران لبنان جي ٽي وي چينل المنار تي حسن نصرالله جي شهادت جو اعلان ڪيو ويو.اسرائيل بيروت حملي ۾ حزب الله جي سربراهه جي ڌيءَ زينب نصرالله جي شهادت جي دعويٰ به ڪئي آهي.
ان سان لاڳاپيل پاسو ھي آھي تھ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي قومي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس سڏائي ان ۾ ڪيل فيصلن بعد پاڻ محفوظ ھنڌ منتقل ٿي ويو آھي.آمريڪي نشرياتي اداري اين بي سي دعويٰ ڪئي آهي ته ايران لبنان ۾ ويڙهه لاءِ ويڙهاڪ موڪلڻ جو منصوبو جوڙيو ورتو آهي.
ٻئي پاسي لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله سينيئر اڳواڻ نعيم قاسم کي پنهنجو عبوري اڳواڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.عرب ميڊيا رپورٽن موجب نعيم قاسم، ايندڙ اڳواڻ جي چونڊ تائين حزب الله جا معاملا سنڀاليندو.رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته هاشم صفي الدين کي حزب الله جو سربراهه چونڊجڻ جو چٽو امڪان آهي، هاشم صفي الدين حسن نصرالله شهيد ماسي جو پٽ ۽ نياڻو آهي.تازو چونڊيل اڳواڻ نعيم قاسم مسلسل 3 ڀيرا حزب الله جي شوريٰ ڪميٽي جو ميمبر رهيو آهي.
حسن نصرالله 1992ع ۾ ان وقت حزب الله جي سيڪريٽري جنرل جو عھدو سنڀاليو، جڏهن سندس اڳوڻي اڳواڻ عباس الموسوي کي اسرائيلي گن شپ هيلي ڪاپٽر ذريعي قتل ڪري ڇڏيو ھو.عھدي سنڀالڻ وقت ھن جي عمر صرف 32 سال ھئي.حسن نصرالله عراق جي شهر نجف ۾ ٽن سالن تائين سياست ۽ قرآن جو مطالعو ڪيو، جتي هن جي ملاقات سيد عباس موسوي سان ٿي، جنهن کي 1978ع ۾حسن نصرالله کي عراق مان نيڪالي ڏني وئي.حسن نصرالله لبنان جي گهرو ويڙهه ۾ ڦاسي وڃڻ کان پوءِ امل تحريڪ ۾ شامل ٿيو، کيس وادي بقاع ۾ امل مليشيا جو سياسي نمائندو مقرر ڪيو ويو.بيروت ۾ 1982 ۾ بيروت تي اسرائيلي حملي کان پوءِ حسن نصرالله امل کان ڌار ٿي، حزب الله ۾ شامل ٿي ويو. حسن نصرالله جي اڳواڻي حزب الله اسرائيل جي مکيه اپوزيشن تنظيم طور اڀري آئي، ھن جو چوڻ ھو تھ اسرائيل لڳاتار هڪ حقيقي خطرو آهي.
حماس جي 7 آڪٽوبر تي اسرائيل تي حملي کان پوءِ حزب الله لبنان اسرائيل سرحد تي لڳ ڀڳ روزانو اسرائيلي فوجين سان وڙهندي رهي آهي.شيعه عالم حسن نصرالله جا اسلامي جمهوريه ايران ۽ ان جي سپريم ليڊر علي خامنه اي سان ويجها لاڳاپا هئا. ھي لبنان جو سڀ کان اهم سياسي گروپ سمجهيو ويندو آهي، جنهن کي پنهنجي هٿياربند ونگ پڻ آهي. حسن نصرالله، جيڪو لبنان ۽ ٻين عرب ملڪن ۾ مشهور آهي، حزب الله جو مرڪزي چهرو سمجهيو وڃي ٿو.هن حزب الله کي سياسي ۽ فوجي لحاظ کان مضبوط ڪيو. هن حزب الله فلسطيني ويڙهاڪ گروپ ،حماس جي ويڙهاڪن کي تربيت ڏني.هنن ايران کان ميزائل ۽ راڪيٽ سميت ٻيا هٿيار حاصل ڪيا جن کي اسرائيل خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي.
حزب الله ،لبنان ۾ هن وقت هڪ فوجي قوت آهي جيڪا لبناني فوج کان پڻ وڌيڪ طاقتور آهي ۽ سياسي جوڙ توڙ جو پڻ حصو رھي ٿي.تنظيم لبنان ۾ صحت، تعليم ۽ ٻيون سماجي خدمتون مهيا ڪري ٿي. ايران علائقائي اثر رسوخ برقرار رکڻ لاءِ حزب الله جي حمايت ڪري ٿو.
ان حقيقت جي باوجود ته حزب الله کي آمريڪا پاران هڪ دهشتگرد تنظيم طور لسٽ شامل ڪيو ويو آھي، پر ايران جي اڳواڻن ۽ نصرالله پنهنجن ويجهن لاڳاپن کي ڪڏھن بھ نھ لڪايو آھي.حسن نصرالله جا به جيترا پوئلڳ ۽ مداح آهن ايترا ئي سندس دشمن آهن. ان ڪري، هو سالن تائين عوام ۾ ظاهر نه ٿيوھو.لبنان ۾ اڪثر ماڻھو 2006 ۾ اسرائيل جي خلاف ھڪ مهيني تائين جي ڊگهي جنگ کي ياد ڪن ٿا ۽ ڊپ آهي ته ھي گروپ ملڪ کي هڪ ٻئي تڪرار ۾ ڌڪي سگهي ٿو.
حزب الله جو ھڪ مقصد اسرائيل جي تباهي آھي،اسرائيل ھن کي حماس کان وڌيڪ طاقتور دشمن طور ڏسي ٿو. حزب الله وٽ هٿيارن جو هڪ وڏو ذخيرو آهي، جنهن ۾ ميزائل به شامل آهن جيڪي اسرائيلي علائقي ۾ پري تائين حملو ڪري سگهن ٿا.ان سان گڏ هزارين تربيت يافته ويڙھاڪ آهن. ايران ۾ انقلاب آيو ۽ روح الله خميني اقتدار تي قبضو ڪيو تھ اتان نه رڳو لبنان جي شيعه برادريءَ جا ايران سان لاڳاپا بھتر ٿيا پر ايران ۾ پيش ايندڙ واقعن ۽ نظرين جي ڪري سندن سياسي زندگي ۽ هٿياربند جدوجهد تي به اثر پيو. ھن قت بھ ايران اعلان ڪيو آھي تھ اھو ھر صورت م حزب الله جي حمايت جاري رکندو.