جيستائين منھنجي ساڻس ملاقات نه ھئي تيسيتائين مان به کيس ھڪ ريٽائرڊ ڪاموري جيتري ئي اھميت ڏيندو ھوس، پر جڏھن ساڻس پھرين ڪچھري ٿي ته ھو مون کي ھڪ ذھين سنڌي لڳو، ھن جو نالو ته مون 1980 جي ڏھاڪي ۾ جوھي ٽائون ڪاميٽي جي ڀت تي لڳل پٿر تي پڙھيو ھئو، جڏھن مون اھو پٿر ڏٺو ته تڏھن کان ڪجهھ سال اڳ شايد ھو جوھي آيو ھوندو ۽ ٽائون ڪاميٽي جي عمارت جو افتتاح ڪيائين ، يقينن ھي جنرل ضيا جو دؤر ئي ھئو جڏھن ھو ڪمشنر حيدر آباد ڊويزن ھئو،ڳالهه پئي ڪئي اڳوڻي ڪمشنر ۽ اڳوڻي سيڪريٽري عبدالله جي ميمڻ جي. جيڪو حيدر آباد جو ڪمشنر ئي نه پر بعد ۾ سنڌ جو گھرو سيڪريٽري به بڻيو پر جڏھن مان ساڻس پھرين ملاقات ڪرڻ ويس ته ھو ريٽائرڊ ڪامورو ھئو.
مان ڊفينس ۾ سندس گھر تي ملاقات ڪرڻ ويو ھوس، عبدالله جي ميمڻ ان وقت ڍاڪا ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ھئو جڏھن پاڪستان ٻه ٽڪرا ٿيو ھئو، عبدالله جي ميمڻ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ھئو ته بنگالين تي تمام گھڻو ظلم ٿيو ھئو نه ته بنگالي پاڪستان کان الڳ ٿيڻ جي حق ۾ نه ھئا. منھنجي ساڻس ٻي ملاقات تڏھن ٿي جڏھن ھو نگران وفاقي وزير بڻجي چڪو ھئو. 1996 ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ۾ ممتاز ڀٽو کي نگران وڏو وزير بڻايو ويو ھئو، پھرين عبدالله جي ميمڻ جو نالو سنڌ جي وڏ وزارت لاءِ به گردش ۾ ھئو پر عبدالله جي ميمڻ کي پاڻي ۽ بجلي جو نگران وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو. مون تڏھن کائنس ھڪ تفصيلي انٽرويو ڪيو ھئو، عبدالله جي ميمڻ جيتوڻيڪہ مذھبي خيال جو ماڻھو پر سنڌ دوست سوچ رکندڙ ماڻھو ھئو.
مظهرالحق صديقي، غلام مصطفي جتوئي، اڳوڻو چيف جسٽس سجاد علي شاھ، حميد آخوند، ايم ايڇ پنھور سندس دوست ھئا ، نگران وزير ھوندي به سنڌ جي پاڻي جي مسئلي بابت کيس ڳڻتي ھئي، اڃا چونڊ نه ٿي ھئي پر عبدالله جي ميمڻ جو خيال ھئو ته چونڊن ۾ نواز شريف کٽي ويندو ۽ نواز شريف آيو ته ڪالا باغ ڊيم جي ايجنڊا کڻي ايندو. اڳتي ھلي اسان ڏٺو ته ايئن ئي ٿيو ،1997 ۾ نواز شريف جي جيڪا سرڪار آئي ان جي سڀ کان وڏي ايجنڊا ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت ھئي، جنھن لاءِ مھم ھلائڻ لاءِ ھڪ اشتھاري ڪمپنيءَ کي پئسا به ڏنا، ھي اھو زمانو آھي جڏھن سنڌي اخبارن ڪالا باغ ڊيم جا اشتھار ڇاپڻ کان انڪار ڪيو ھئو،نواز شريف واپڊا جو ڪنٽرول فوج حوالي ڪيو ھئو، ارسا جو ڪنٽرول پڻ فوج حوالي ڪري ڪالا باغ ڊيم ٺاھڻ لاءِ ماحول ٺاھيو ، نواز شريف کي ڪاميابي ته نه ملي پر عبدالله جي ميمڻ جي ڳالهه سچ ثابت ٿي ھئي، عبدالله جي ميمڻ جو ڊيم ٺاھڻ بابت موقف اھو ئي ھئو جيڪو سڄي سنڌ جو گڏيل مؤقف ھئو، وٽس ڪيترائي فني دليل به ھئا، ساڻس ڪيل انٽرويو ان زماني ۾ شايع ٿيل آھي ،رڪارڊ تي موجود آھي، عبدالله جي ميمڻ جنرل مشرف دور جي وفاقي وزير نثار ميمڻ جو سئوٽ ھئو ، بعد ۾ ھو گمنامي جي زندگي گذارڻ لڳو ھئو، مون کي ھن ٻڌايو ھئو ھو انگريزي ۾ پنھنجي آتم ڪھاڻي لکندو، پر بعد ۾ اسان کي اھڙو ڪو ڪتاب نظر ۾ ڪونه آيو ، اڄ رڪارڊ ۾ عبدالله جي ميمڻ بابت ڪجهھ به موجود ناھي پر ھو ھڪ ڪمال جو سرڪاري آفيسر ھئو ،ان سان گڏ ھڪ سنڌ دوست شخص ھئو، جيڪو خاموشيءَ سان پنھنجو ڪردار ادا ڪري ھليو ويو.