تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني فٽبال فيڊريشن اعلان ڪيو آهي ته تهران ايندڙ هفتي واشنگٽن ۾ ٿيندڙ 2026ع فٽبال ورلڊ ڪپ فائنلز جي ڊرا تقريب جو بائيڪاٽ ڪندو، ڇو ته آمريڪا وفد جي ڪيئي ميمبرن کي ويزا جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ايراني فٽبال فيڊريشن جي ترجمان سرڪاري ٽيليويزن کي ٻڌايو ته ”اسان فيفا کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته ڪيل فيصلن جو راند سان ڪو به واسطو ناهي ۽ ايراني وفد جا ميمبر عالمي ڪپ ڊرا ۾ شرڪت نه ڪندا.“
ايراني اسپورٽس ويب سائيٽ ورزش ٿري موجب، آمريڪا ايراني وفد جي ڪيئي ميمبرن، جن ۾ فيڊريشن جو صدر مهدي تاج پڻ شامل آهي، کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
فيڊريشن جي صدر مهدي تاج ان فيصلي کي سياسي قرار ڏيندي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته ”اسان فيفا جي سربراهه کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته هي مڪمل طور تي سياسي موقف آهي ۽ فيفا کي گهرجي ته آمريڪا کي اهڙي قسم جو رويو اختيار ڪرڻ کان روڪي.“
واضح رهي ته ايران مارچ ۾ فيفا ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو، ايران عالمي ڪپ تاريخ ۾هيل تائين ناڪ آئوٽ مرحلي تائين رسائي حاصل ناهي ڪري سگهيو.
ايران 1998ع ۾ فرانس ۾ ٿيل عالمي ڪپ دوران آمريڪا کي گروپ ميچ ۾ 2-1 تان شڪست ڏئي وڏو جشن ملهايو هو، جڏهن ته 2022ع واري ايڊيشن ۾ آمريڪا ايران کي 1-0 تان شڪست ڏني هئي.
ياد رهي ته آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ميڪسيڪو گڏجي فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي ميزباني ڪري رهيا آهن.
You might also like