ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ماڊل مريحه صفدر چيو آهي ته گهريلو رشتن ۾ اڪثر مسئلا تڏهن پيدا ٿيندا آهن جڏهن مڙس پنهنجي زال جي خودمختياري قبول ناهن ڪري سگهندو ۽ سندس انا متاثر ٿيندي آهي.
مريحه صفدر ويجهڙ ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي ذاتي زندگي، شادي ۽ رشتن بابت تفصيلي ويچار ونڊيا.
اداڪارا جو چوڻ هو ته پئسو ڪنهن به انسان جي زندگي ۾ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو.
سندس چوڻ هو ته هن محبت خاطر شادي ڪئي هئي، پر سندس اڳوڻو مڙس هن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڪمائيندو هو ۽ جڏهن مڙس زال کان گهٽ ڪمائندو آهي ته عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويندو آهي ، جنهن جي نتيجي ۾ رشتن ويڇا وڌندا آهن.
اداڪارا موجب، اهڙي صورتحال ڪجهه مردن ۾ اها انا اچي ويندي آهي ته ”زال ايتري خودمختيار ڇو آهي؟ ۽ کين محسوس ٿيندو آهي ته شايد زال کي مڙس جي ضرورت ناهي رهي.
مريحه صفدر جي چوڻ هو ته هوءَ ان ڳالهه سان مڪمل اتفاق ڪري ٿي ته مردن کي پنهنجي زالن جون ذميواريون کڻڻ گهرجن، جنهن ۾ سندن هڙئي خرچ به شامل آهن، جڏهن ته زال کي گهر سنڀالڻ گهرجي ۽ مڙس آڏو پنهنجي هر خواهش ظاهر ڪرڻ گهرجي.
هن اهو به چيو ته جيڪڏهن ڪو مرد پنهنجي زال جون خواهشون پوريون ڪرڻ يا سندس خرچ پورا ڪرڻ جي صلاحيت نه ٿو رکي ته اهڙي صورت ۾ زال کي پنهنجي خرچن جي پورائي لاءِ پاڻ ڪمائڻ گهرجي.
واضح رهي ته مريحه صفدر 2022ع ۾ ترڪ پائليٽ انسٽرڪٽر الاس گوڪسيڪ سان شادي ڪئي هئي.
You might also like