سهيل آفريدي جي ڌمڪيءَ کانپوءِ اڊيالا جيل جي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ، پنج واڌو چيڪ پوسٽون قائم

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اڊيالا جيل جي ڀرپاسي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي.
پوليس ذريعن موجب، اڊيالا جيل جي ڀرپاسي واڌو سيڪيورٽي لاءِ خاص پلان جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو اڻڄاتل مدت تائين لاڳو رهندو.
ذرائع جو چوڻ آهي ته اڊيالا جيل روڊ تي پنج اضافي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن، داهگل ناڪي، گيٽ ون، گيٽ فائيو، فيڪٽري ناڪي ۽ گورک پور ۾ نفري مقرر هوندي.
پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ڊيوٽي 12، 12 ڪلاڪن جي ٻن شفٽن ۾ ورهايل آهي، جڏهن ته 12 ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز ۽ عورت پوليس اهلڪار به مقرر هوندا.
مجموعي طور تي اڊيالا جيل جي ٻاهرين سيڪيورٽي تي 700 کان وڌيڪ اهلڪار ۽ آفيسر مقرر هوندا، جيڪي اينٽي رائيٽ سامان سان ليس هوندا.
ذرائع موجب، اڊيالا گارڊز جي مقرري کي اسٽينڊ باءِ تي رکيو ويندو ۽ ايس ايس پي انعم شير ڊيوٽي تي مقرر اهلڪار ۽ آفيسرن جي نگراني ڪندي.
واضح رهي ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات نه ڪرائڻ تي پارليامينٽ ۾ ڪارروائي نه ٿيڻ جي ڌمڪي ڏني آهي ۽ اڱاري تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳيان احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.