حسن نصرالله جي شهادت تي روس جو اهم بيان اچي ويو

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) حزب الله جي سربراهه حسن نصرالله جي شهادت تي روس جو اهم بيان سامهون اچي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب روسي پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ حسن نصرالله جي شهادت جي سخت مذمت ڪندي ان کي هڪ ”سياسي قتل“ قرار ڏنو.
روس چيو آهي ته زبردستي جي ڪارروائي لبنان ۽ سڄي وچ اوڀر لاءِ وڌيڪ ڊرامائي نتيجن سان ڀريل آهي، اسرائيلي قدم سان تشدد جي نئين لهر جنم وٺندي.
روسي پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ اسرائيل کان لبنان ۾ دشمني تي ٻڌل ڪارروائيون فوري طور بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.