گرين پاڪستان جي نالي ۾سنڌ سُڪائڻ جو عمل نامنظور

ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ گرين پاڪستان نالي سنڌو درياهه  مان ڇهه ڪينال ڪڍڻ جي فيصلي کي سنڌ جي عوام مڪمل طور تي نامنظور ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي خلاف سنڌ اسيمبلي جي رٿ تي وفاق کي عمل ڪرڻ  تي زور ڀريو آهي. هن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف رٿ منظور ڪري اسان پنهنجو موقف ڏنو آهي. جڏهن ته سنڌو درياهه بچايو ڪميٽي ۽ جي ڊي اي جي سڏ تي ڪراچي کان ڪشمور تائين مختلف شهرن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون . هوڏانهن سنڌ جي قومپرست جماعتن جو موقف آهي ته پ پ ٻٽي پاليسي جو مظاهرو ڪري رهي آهي اها ظاهري طور تي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي خلاف آهي جيڪو ڏيکاءُ آهي جڏهن ته اندروني طور تي اها وفاقي حڪومت سان مليل آهي. جماعت اسلامي جو به خيال آهي ته سنڌو مان وڌيڪ ڪينال ڪڍڻ سان ڪراچي کي ڦڙو پاڻي به نه ملندو. ٻئي پاسي سنڌ هاري ڪميٽي جي اڳواڻ ثمر حيدر  جتوئي به سنڌ جي زمين کي بنجر بڻائڻ خلاف احتجاج ڪندي چيو آهي ته پ پ وارا اقتدار خاطر سنڌ دشمن رٿائن جي حمايت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينون ڏيڻ واري عمل جي پڻ مذمت ڪريون ٿا.

اسان کي اهو ڏسي حيرت ٿيندي آهي ته وفاق جو ملڪ جي صوبن سان  جيڪو وڏي ڀاءُ وارو برادراڻو تعلق هئڻ گهرجي سو پهرين ڏينهن کان ناهي رهيو، وفاق پنهنجي ڪردار ۽ عمل سان اهو ثابت ڪندو رهيو آهي ته ان جي وٽ صرف ملڪ جي آبادي جي لحاظ کان سڀ کان وڏي هڪ ئي صوبي جي اهميت آهي. وفاق هر دور ۾ ننڍن صوبن کي نظرانداز ڪري کين علحيدگي جو رستو وٺڻ تي مجبور ڪيو آهي يا علحيدگي  جي واٽ وٺڻ لاءِ پئي اتساهيو آهي  ان رويي ڪري خود وفاقيت جي روح کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي پر افسوس ته وفاق ان تلخ تجربي مان پوءِ به ڪجهه سکڻ لاءِ تيار ناهي. ٻيو ته ڇڏيو  هن وقت جڏهن هڪ ئي وقت بلوچستان، خيبرپختونخواهه، ۽ سنڌ وفاق کان ناراض آهن ته ۽ بجاءِ ان جي ته وفاق ننڍن صوبن سان ڪو نئون اتحادي معاهدو ڪري اهو هاڻي به اهڙا  قدم کڻي رهيو آهي جنهن سان وفاق ۽ ننڍن صوبن ۾ موجود  وڇوٽيون  ويتر وڌي رهيون آهن.

هاڻي به وفاقي حڪومت ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري ارسا ايڪٽ جي اٿارٽي کي ون يونٽ بڻائڻ جو ارادو رکي رهي آهي يعني ان اٿارٽي کي نج وفاق جي اداري طور ڏسڻ چاهي ٿي ته جيئن صوبن جي نمائندگي نه رهي ۽ وفاقي حڪومت پنهنجي مرضي سان درياهي پاڻي جي ورڇ ڪندي رهي. پاڻي جي معاملي تي ڏسجي ته سنڌ سان زيادتي جي ڊگهي تاريخ رهي آهي.انگريزن جي دور ۾ به سنڌو درياهه مان سنڌ جي حصي تي ڌاڙو هڻڻ لاءِ گريٽر ٿل ڪينال جو منصوبو آندو ويو هو جنهن کي انگريز  حڪومت اهو چئي رد ڪيو هو ته ان سان پنجاب جي رڳو 15 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿيندي جڏهن ته سنڌ جي 40 هزار ايڪڙ آباد زمين برباد ٿي ويندي تنهن ڪري اهو منصوبو قابل قبول ناهي.

پر ورهاڱي کان پوءِ وفاق رڳو هڪ وڏي صوبي جي مفاد کي ئي ڏٺو  ۽ هر دور ۾ پاڻي جي معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪري سنڌ سان زيادتيون ڪندي رهي. 1960 ۾ جنرل ايوب جي حڪومت ۾ ملڪ جا ٽي درياهه اهو چئي ڀارت کي وڪرو ڪيا ويا ته کوٽ جي صورت ۾ پنجاب پنهنجي حصي جو پاڻي کڻندو سنڌ جي حصي کي متاثر نه ڪندو پر اڳتي هلي ڏٺو ويو ته سنڌ جو 150 ايم اي ايف پاڻي کنيو ويو جنهن سبب سنڌ ۾ سو ڪهڙو ٿيڻ شروع ٿيو. وري اڳتي هلي جڏهن سنڌوءَ تي منگلا ۽ تربيلا ڊيم ٺاهيا ويا ته تڏهن به سنڌ کي پڪ ڏني وئي ته اوهان جي پاڻي سان هٿچراند نه ڪئي ويندي پر پوءِ به سنڌ جي پاڻي مان ئي کوٽ جي صورت ۾ ڪٽوتي ٿيندي رهي. وري 1991 ۾ مسلم ليگ نواز جي حڪومت ۾ 91 نالي نئون پاڻي جو معاهدو ٿيو جيڪو به سنڌ کي اصولي طور منظور نه هو پر  پنجاب اڳتي هلي ان معاهدي تي به نه بيٺو ۽ ان معاهدي تحت سنڌ کي ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ 10 ايم اي ايف پاڻي ڏيڻو هو  جيڪو به نه ڏنو ويو جڏهن ته سنڌو درياهه جي ڊيلٽا جي بقا لاءِ  گهٽ ۾ 27 ايم اي ايف  پاڻي گهربل هو ۽ ماضي ۾ 150 ايم اي ايف  پاڻي ملندو هو.

91 واري پاڻي جي معاهدي کان اڳ ضياءُالحق مارشال لائي حڪومت ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪري هڪ ئي وقت ٽن صوبن سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي ڪاوڙائي وڌو هو.اڳتي هلي ٽنهي صوبن جي صوبائي اسيمبلين ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ۾ ٺهراءُ ڪرايا هيا پر وفاق پوءِ به انهن ٺهرائن کي رد ڪندي ڪالاباغ ڊيم تي بضد رهندو آيو آهي. جنرل مشرف به وڏو زور  ڏنو ته هو ڪالاباغ ڊيم تي ننڍن صوبن کي راضي ڪري وٺندو پر اهو به ناڪام رهيو. مشرف سنڌ سان تعلق رکندڙ پاڻي جي ماهر اي اين جي عباسي ذريعي ڪوشش ڪئي ته ڪالاباغ ڊيم جي راهه همراهه ڪري پر اي اين جي عباسيءَ پنهنجي پاڻي رپورٽ ۾ ڪالاباغ ڊيم کي فزيبل ئي قرار نه ڏنو ايئن ڪالاباغ ڊيم تان ته خطرو ٽري ويو پر مشرف دور ۾ ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ هوڏانهن ٿل ڪينالجي به اڏاوت شروع ڪرائي وئي.

ايئن وفاق جي سنڌو درياهه مان سنڌ جي پاڻي جي حصي تي هر دور ۾  نظر رهي آهي. ان جو هميشه کان اهو غلط خيال رهيو آهي ته ڪوٽڙي بيراج هيٺان جيڪو به پاڻي وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو سو ضايع ٿئي ٿو جڏهن ته اصولي طور تي سنڌو درياهه جي زندگي ئي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ سان آهي. سنڌو درياهه سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ڪندو ته اهو سڪي تباهه ٿي  ويندو جنهن جو عمل 30 سال اڳ کان شروع ٿي چُڪو آهي. سمنڊ ۾ درياهي پاڻي نه وڃڻ جو ٻيو وڏو نقصان اهو ٿي رهيو آهي ته سمنڊ اڳتي وڌي آيو آهي ۽ ان سنڌ جي 30 لک ايڪڙ آباد زمين کاري ڪري ڇڏي آهي.

سو سنڌ وفاق جي انهن ڄاڻايل زيادتين سبب ڪافي سالن کان سوڪهڙي جو شڪار آهي سنڌ کي هاڻي رڳو برساتن ۽ ٻوڏن جو پاڻي ملندو آهي جيڪو به وفاق کان برداشت نه ٿو ٿئي ۽ ان واڌو  پاڻي جي آڙ ۾ اهو سنڌو درياهه تي نوان ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهڻ جا منصوبا ڪندو رهيو آهي. هاڻي سنڌو درياهه مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ وارو ارادو رکي ٿو. اهو ته ٿيو وفاق جو ارادو  پر  درياهن جو عالمي قانون ٿو چئي ته ڪنهن به درياهه تي آخري اختيار  پڇاڙ  واري خطي جو ٿيندو آهي. ان حساب سان سنڌو درياهه  تي آخري اختيار  سنڌ جو آَهي. سنڌ جي اجازت ۽ رضامندي بنا سنڌو درياهه تي ڪنهن  منصوبي تي ڪم نٿو ٿي سگهي پر وفاق  پنهنجي ڏاڍ سان هر دور ۾ زيادتيون ڪندو رهيو آهي. سنڌ حڪومت به سنڌ اسميبلي مان ته ارسا ايڪٽ ۾ ٿيندڙ ترميم کي رد ڪيو آهي ۽ ان خلاف ٺهراءُ آندو آهي تنهن تي ان کي سختي سان عمل ڪرائڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ڇهن ڪينالن وارو معاملو  ڪنهن ريت به سنڌ کي منظور ناهي، سنڌ انهن منصوبن جي اين او سي ڏيڻ کان انڪاري آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.