هن خطي ۾ سرسري طور نوجوانن جي حالت ڏينهون وڃي ٿي بگڙندي، پر اتي ان خراب ٿيندڙ صورتحال ۾ آمريڪي ۽ مغربي نوجوان به پريشان آهن، 2008 واري آمريڪي ”رسيشن“ پنهنجي جاءِ تي پر ان کانپوءِ گوراڪريسيءَ جا اثر ابتر ٿيندا رهيا آهن. آمريڪي خيراخلاقي حرڪتن ۾ کڻي اڳ کان اڳرا هجن پر آمريڪي ۽ مغربي نوجوان پنهنجي ڪيريئر جي حوالي سان به پريشان آهن. ان ڏس ۾ هارورڊ انسٽيٽيوٽ فار ڪوانٽيٽيٽو سوشل سائنس جو هڪ تازو مطالعو سامهون آيو آهي ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ 18 کان 25 سالن جي ماڻهن ۾ خوشحالي جو ريشو ڏينهون ڏينهن گھٽ ٿيندو پيو وڃي.
جيڪي ماڻهو عمر جي 70 سال کان مٿي جا آهن، اهي پنهنجي پنهنجن پنهنجن ڪمپنين ۽ ادارن تي قابض آهن، ان ڪري نون انٽرپرونيوئرز جي جاءِ نه ٿي جڙي. آمريڪا ۽ يورپ سميت ٻين مغربي ملڪن ۾ جيڪا ۽ جيتري ڪاروبار جي رفتار 70 کان 2000 تائين هئي سا هاڻي ناهي رهي. هاڻي اتان جا نوجوان رڳو روزگار جي حوالي سان پريشان رهن ٿا، پر انهن ۾ خوشحالي جو جز يا عنصر نه ٿو هجي. اهي آمريڪي ان اسپيڊ سان ترقي نه ٿا ڪري سگهن، جنهن اسپيڊ سان انهن جي رفتار گذريل ٽن چئن ڏهاڪن ۾ هئي. ان ساڳي رپورٽ ۾ جيڪي جنريشنز ڳڻيون وڃن ٿيون انهن ۾ ”بيبي بومرز“ (جيڪي ماڻهو 58 کان 76 سالن جي عمر جا آهن معني جيڪي ماڻهو 1946 کان 1964 جي وچ ۾ ڄاول آهن، انهن کي ”بيبي بومرز“ چيو وڃي ٿو ۽ جيڪي 1965 کان 1980 تائين انهن کي ”واءِ جنريشن“ چيو وڃي ٿو، معني جيڪي ماڻهو 1981 کان 1996 جي دوران ڄاول آهن، انهن کي ”ملينيل جنريشن“ چيو وڃي ٿو ۽ 1997 کان 2012 تائين ”زي جنريشن“ چورائجي ٿي، انهن سڀني جنريشنز ۽ نسلن جي سوچ ۾ ڏينهن رات جو فرق به هجي ٿو). ان ڳالهه ۾ دنيا جون جنريشن به ڳنڍي سگهجن ٿيون، جنهن ۾ پاڪستان به آهي جتي پراڻين جنريشنز جا ماڻهو يا نسل حڪمراني جي حق تي قابض آهن، جيڪي بيبي بومرز آهن ۽ آمريڪي نسلن وانگي اهي يا ته حڪمران آهن يا اهي ڪنهن صورت انڊسٽرين تي قابض به آهن. جنهن جي ڪري آمريڪا سميت دنيا جا ٻيا ملڪ به ان فرسودگيءَ ۾ ڦاٿل آهن. ان ڳالهه مان واضع آهي ته انهن نسلن ۾ هيستائين خوشحاليءَ جي خبر ناهي ۽ نه ئي ٿي سگهي. ڇو ته اهي نسل انهن جاين تان هَٽِي پري ٿين يا گم ٿين يا حق واري مالڪي ڇڏن ۽ ٻين جي لاءِ موقعا ڇڏن ته ٻين نسلن جي لاءِ ڪا ڳالهه ٿئي يا انهن جي جاءِ ڪو ٻيو وٺي.
اها ساڳي ڳالهه پاڪستاني سياست تي به لاڳو ڪري سگهجي ٿي ته جيڪي نسل انهن بيبي بومرز واري زمري ۾ اچن ٿا، اهي هتان جا به ٿنڪ ٽيئنڪ آهن. اهي هتان جا به ڪرتا ڌرتا آهن، اهي سڀ ڪجهه ڪري ڄاڻن ٿا، اهي ئي ڪرپٽ ۽ پراڻا گُرو آهن جيڪي هن ملڪ جي ڌن دولت تي پير ڄمايون ويٺا آهن، انهن سڀني ماڻهن جا پاڻ ۾ نيٽورڪ جوڙيل آهن، اهي هڪٻئي جي ڪرپشن ۾ سهائتا به ڪندا رهن ٿا. پر اچرج جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان وٽ اڃان تائين سياسي روايتن ۽ پاليسين جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ اهڙي ڪا مانائتي ۽ اعتبارجوڳي ڊيٽا موجود ناهي، جنهن تي اعتبار ڪري سگهجي. اها ڳالهه مڃون ٿا ته هر ايشيائي نوجوان مغربي ماڻهن جي بدحالي ۽ خوشحاليءَ مان به گهڻو ڪجهه سکي سگهي ٿو. انهن بحثن ۽ تناظرن ۾ اهڙن مطالعن جا نتيجا ۽ صلاحون پهريون کان گهڻا پڌرا ۽ چٽا آهن، جيڪي سماجي، معاشرتي ۽ اقتصادي بهتري به آڻي سگهن ٿا ۽ اهي تحقيقون انهن سبن ڪارڻ خطري جي گھنٽي به وڄائي رهيون آهن، جيڪي نوجوانن جي وچ ۾ خوشحالي جي وڏي گهٽتائي ۽ هڪ واضع وٿي (پولرائيزيشن) ڪري رهيون آهن، جن کي محسوس ڪرڻ گهرجي ته اهي نوجوان پنهنجي بهترين توانائي استعمال ڪن ته جيئن ٻين نوجوانن جي لاءِ راهون هموار ڪري سگهجن ۽ انهن جي مستقبل کي روشن ترين بڻائي سگهجي.
ان سلسلي ۾ خوشحالي جي هڪ بهترين وضاحت به ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ نوجوانن جي لاءِ انهن جي اندر جي خوشي، ذهني آسودگي، جسماني صحت، هڪ مقصد واري زندگي گذارڻ، رشتن جو معيار بهتر ڪرڻ، سٺو ماڻهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ مالي استحڪام جهڙا عنصر شامل آهن. انهن سڀني بحثن جي ڊيگھه ۽ ويڪر جي وچ ۾ آمريڪي نوجوانن ۾ خوشحالي جو احساس مسلسل گهٽ ٿيندو رهيو آهي. اهو احساس 2000 کان وٺي ساڳئي مشاهدي جي روشنيءَ ۾ صفا ابتڙ به رهندو آيو آهي. انهن اڳين مشاهدن جي مطابق آمريڪي نوجوانن سميت اتان جا بزرگ ماڻهو پاڻ به خوشيءَ ۽ خوشحاليءَ جو دل کولي اظهار ڪندا هئا، جڏهن ته وچين طبقي وارا ماڻهو به گهٽ ۾ گهٽ مطمئن هئا. (جيڪي نتيجا وڌيڪ ادراڪ وارا لڳندا آهن). وچين طبقي وارا ماڻهو جن سان ٻارن ۽ والدين جي سنڀال، مالي ذميواريون، ترقي لاءِ ڪيريئر جي چونڊ ۽ وچين درجي جي زندگيءَ جي بحرانن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ اهي نوجوان نتيجي ۾ بزرگن کان پاڻ کي بدتر يا گهٽ محسوس ڪندا هئا. ايئن ڪرڻ سان نوجوانن کي دوستي جا موقعا ملندا هئا ته جيئن کين پرجوش رکيو وڃي ۽ بزرگ گهرن رشتن، سنجيدگي ۽ شڪرگذاريءَ مان سڪون حاصل ڪندا هئا. پر هي وقت ۽ دور سخت ترين رهيو آهي، هڪ انٽرويو ۾ ”ٽائلر وانڊر وييل“ (هارورڊ يونيورسٽيءَ جي انساني فلورنگ پروگرام جي ڊائريڪٽر ۽ سينئر ليکڪ) ان تحقيق مان اختصار ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن آمريڪا جي نوجوانن جي ذهني صحت جي بحرانن جي شدت تي تحقيق پڻ ڪئي آهي ۽ ان جو وڌندڙ ثبوت هن انهن جي اهڙي اڪيلائيءَ کي قرار ڏنو آهي جيڪا هڪ وبا قرار ڏني وئي آهي. هن ٻين تحقيقن ڏانهن اشارو ڪيو آهي جيڪي ظاهر ڪن ٿيون ته سوشل ميڊيا جو ڊگھو استعمال جيڪو 25 سالن کان گهٽ عمر وارن ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ عام آهي، هڪ اجنبيت، اڪيلائي ۽ پريشاني جي احساسن کي وڌائي ٿو. ان کان علاوه آمريڪا ۾ نوجوان ماڻهن جي تعليم کي عام ڪرڻ جي لاءِ آسان قرضن جو انتظام ڪرڻو پوندو، محفوظ نوڪرين جي امڪانن کي وڌائڻو پوندو ۽ گهرن جي قيمتن ۾ رعايت ڏيڻي پوندي، جنهن جي لاءِ ”زي جينريشن“ کي يقين ڏيارڻو پوندو، جن جي لاءِ گهر خريد ڪرڻ جي قيمت انهن جي پهچ کان ٻاهر رهندي آئي آهي.
اڄ جي معاشي سنگيني ۽ خوشحالي جي احساسن کي هڪ منطقي چئلينج پيش ٿي ڪري، پر بنا ڪنهن فائدي جي يا انهن نسلن جي سندن ماضيءَ جي تجربن جي سالن کان هڪ استحڪام جو ڪم وٺي سگهجي ٿو، جيڪو ايڪس جينريشن (عمر 42 کان 57) ۽ بيبي بومرز وٽ ججهي انداز ۾ موجود آهي. دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته ”وينڊر وييلي“ موجوده سياسي پولرائزيشن کي اهو الزام ڏئي ٿو جيڪو آمريڪا ۾ ٽرمپ جي دور ۾ نوجوانن جي خوشحالي کي وڌيڪ خراب ڪرڻ ۽ هڪ معاشي زهر جي مانند هيو. هن جي مطابق: ڪيترائي ماڻهو محسوس ڪن ٿا ته مان هڪ اهڙي ملڪ ۾ ڪيئن رهي سگهان ٿو، جتي اڌ ماڻهو خوفناڪ ۽ اڌ ماڻهو خوف ۾ ورتل آهن.
سڀ کان وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته 18 کان 25 سالن جي عمر وارن کي يقين آهي ته انهن جي جسماني صحت سڀني عمر جي گروپن کان وڌيڪ خراب آهي، پر انهن کي هڪ ڊگهي عمر جو امڪان به آهي. جنوري 2022 ۾ ڪيل سروي جي ڪري جڏهن دنيا اڃان تائين بدترين ڪووڊ وبائي مرض مان نڪري نه سگهي هئي. پر ”وينڊر وييلي“ يقين ٿو رکي ته نوجوانن کي وڏي تعداد ۾ وبائي مرضن کان جسماني خطري جو احساس آهي. انهن جون اميدون آهن هو پاڻ کي ڪيترو فٽ ۽ صحتمند رکي سگهن ٿا. ٽربو چارج ٿيل 1.5 ٽريلين ڊالرن جي صحت واري صنعت، مشهور شخصيتن جي ڪلچر ۽ فٽنيس تي ٻڌل ٽڪ ٽاڪ چينلز سان يا نوجوان آمريڪن جي ان مصيبت جو اسان سان ڪهڙو واسطو آهي؟ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ”ٽپ آف آئيس برگ آ“ جنهن سان پاڪستان جي نوجوانن کي مقابلو ڪرڻو پوندو. اسان جي قوم جا 16 لک ٻار تازن ٻوڏن سبب متاثر ٿيا آهن ۽ خوراڪ ۽ پناھ جي انتظار ۾ بيٺا آهن، سندن گهر ۽ اسڪول ٻڏي ويا آهن. ڪيترائي مستقل طور تي بي گھر ٿي ويا آهن، جيڪي تعليم کان محروم ٿي ويندا ۽ غذائي کوٽ سبب اهي زندگي ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندا يا نه ٿي سگهيا آهن ۽ هڪ قسم جي خوفناڪ خطرن ۾ وڪوڙجي ويا آهن. اهي نه پهرين موسمي لڏپلاڻ ڪرڻ وارا هيا ۽ نه اهي هاڻي به هوندا. جيئن نفرت ۽ شڪ جيڪو آمريڪي نوجوانن ۾ اجنبيت پيدا ڪري ٿو، تيئن پاڪستانين جي لاءِ فرقيواريت، نسلي لساني ورهاست، هائپرنيشنلزم ۽ ٻيا ڪيترائي سبب پيدا ڪري سگهن ٿيون ۽ اهي اختلاف نه رڳو مذهبي برادريءَ جي ٽڪراءَ جي طور تي ظاهر ٿين ٿا، پر خراب سياسي تڪرار جي طور تي به سامهون اچن ٿا. جيئن ڪي پيءَ جا نوجوان شدت پسندي خلاف رياستي ڪارروائي جو مطالبو ڪري رهيا آهن. انهن جو مطالبو سادو ۽ دل ڏاريندڙ به آهي ته کين بندوق بدران ڪتاب گهرجن، انهن جي متحرڪ پي ٽي ايم ٻين ڪيترن ئي ماڻهن جي مٿان اچي بيٺي آهي، جيڪي بنيادي حقن جو مطالبو ڪري رهيا آهن، بلوچ پنهنجي گم ٿيل دوستن ۽ ڪٽنبن جي آزاديءَ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن نوجوان آمريڪن بدقسمت آهن ته نوجوان پاڪستاني ضرور تباھ حال ۽ شڪست کاڌل آهن. ان ڪري اسان جي ايندڙ نسلن کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ڇو ته نوجوان اهڙي مدد رڳو ان صورت مڃي سگهن ٿا ته انهن جي لاءِ جيڪڏهن سماج سڌارڪ تحريڪون هلن ۽ ملڪي معاشيات بهتر ٿئي ۽ رياست کين موقعا فراهم ڪري.