اچو ته جذباتي ٿيڻ کانسواءِ سوچون ته اسرائيل پنھنجا ھارڊ ٽارگيٽ سافٽ ٽارگيٽ بڻائي ڪيئن حاصل ڪري رھيو آھي.خبرن مطابق ھينئر تائين لبنان ۾ پيجر ڊوائيسز ۽ بعد ۾ واڪي ٽاڪي (جيڪا اڪثر سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس ادارا استعمال ڪندا آھن) ذريعي 40 کن شھري مري چڪا آھن ۽ زخمين جو تعداد 4 کان 5 ھزار جي وچ ۾ ٻڌايو پيو وڃي. سڄي دنيا ۾ ان انوکي حملي تي بحث شروع ٿي ويو آھي ۽ ان جي مختلف پھلوئن تي تجزيا ڪيا پيا وڃن. ڪي ان غير روايتي حملي جي ٽيڪنيڪي پھلوئن تي ڳالهائي رھيا آھن ته ڪي ان جي اخلاقي پھلوئن تي. لبنان ۽ شام جي شھرين (اسرائيل جي نظر ۾ حماس جا جنگجو) کي ان اچانڪ غير روايتي ۽ نئين طريقي سان مارڻ تي ھڪ ڳالهه واضح ٿي ويئي آھي ته اسرائيل اھو طئي ڪري چڪو آهي ته جنگ ۽ محبت ۾ سڀ ڪجهه جائز آھي ۽ پنھنجي جنگ کٽڻ لاءِ ڪنھن به حد تائين وڃي سگھي ٿو ۽ ڪھڙي به نام نھاد ريڊ لائين ڪراس ڪري سگھي ٿو.
انھيءَ ڪري ھينئر اھو ضروري ٿي پيو آھي ته هن حملن کي روڪڻ لاءِ دنيا جي امن پسند قومن ۽ ملڪن کي اڳتي اچي اڻ بربريت خلاف آواز اٿارڻ گهرجي. جديد ٽيڪنالاجي جي غلط استعمال خاص طور سائبر وار جي اخلاقي جوازن پيدا ڪرڻ جي حوالي سان عالمي سطح تي قانون جوڙي ٻنجو ڏنو وڃي ۽ ان جي ممڪن ھاڃيڪار نتيجن تي بحث ڪيو وڃي. جڏهن اسرائيل جهڙا ملڪ موبائيل ڊوائيسز، پيجر ۽ واڪي ٽاڪي جهڙيون معمولي ٽيڪنالاجيون ھٿيار طور استعمال ڪندا ته اهي رڳو انساني جانين جو نقصان نه ڪندا، پر دنيا جي امن کي ھڪ چوراهي تي اچي ٽنگيندا. ان ڳالهه کي سمجهڻ ضروري آهي ته جنگي طاقت هاڻي رڳو هٿيارن جي طاقت تائين محدود ناهي رهي. جديد قومون، خاص ڪري اهي جيڪي ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀريون آهن، جنگ کي سائبر دنيا تائين منتقل ڪري چڪيون آهن. اهي قومي سرحدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ، ماڻھن جي ذاتي ڄاڻ تائين پهچ حاصل ڪرڻ، ۽ موبائيل ڊوائيسز جهڙين روزمره جي شين کي جنگي اوزارن ۾ تبديل ڪري سگهن ٿيون.
هيءِ صورتحال خاص طور تي انهن ملڪن لاءِ خطرناڪ آهي جيڪي ٽيڪنالاجي جي لحاظ کان پوئتي آهن ۽ پنهنجي عوام کي اهڙي خطري کان بچائڻ لاءِ ڪجهه به نٿا ڪري سگهن اسرائيل پنھنجي رياستي دھشتگردي وسيلي جنگي حربن ۽ حملن جي حوالي سان ھڪ اھڙي روايت قائم ڪري ورتي آھي جيڪا ايندڙ وقتن ۾ مختلف ملڪ، ڪمپنيون، انتھا پسند تنظيمون پنھنجي دفاع جي بھاني پنھنجن مخالف حريفن خلاف استعمال ڪري سگھن ٿا ۽ ھن دنيا کي قيامت کان اڳ ھڪ تباھ ڪندڙ قيامت جي ويجھو آڻي سگھن ٿا.
اڄ جي سوشل ميڊيا جي استعمال ۽ جديد کان جديد موبائيل سيٽ ھٿ ۾ کڻي ھلڻ سان ماڻھو ڪو فني خان نه ٿو بڻجي وڃي مورڳو ھو ھمزاد جي صورت ۾ ھڪ مضبوط ۽ مخفي دشمن پاڻ سان گڏ کڻي ھلي رھيو آھي. دنيا کي ڇڏي ڏيو، پاڪستان ۾ عام رواجي حالتن ۾ موبائيل، ليپ ٽاپ يا ايئر بڊ ڊوائيسز جي ڦاٽڻ سان ماڻھو مرڻ ۽ زخمي ٿيڻ جا واقعا رپورٽ ٿي چڪا آھن. اھا ڳالهه ھاڻي راز ناھي رھي ته موبائيل فون رکڻ، ان ۾ مختلف ايپليڪيشن ۽ وي پي اين ڊائون لوڊ ڪرڻ ۽ ھر ايپليڪيشن جي ڊائون لوڊ تي پنھنجي موبائيل جي ڪيمرا ۽ مائڪرو فون جي اجازت ڏيڻ سان توھان جي ڪابه پرائيويسي نه ٿي رھي، توھان جو ھر قول و فعل بغير انٽرنيٽ جي به ان ڊوائيس ۾ رڪارڊ ٿي رھيو آھي ۽ اھو مواد موبائيل بڻائيندڙ ڪمپني، توھان جي موبائيل تي استعمال ٿيندڙ ايپليڪيشنز، ملڪي ۽ غير ملڪي انٽيليجنس ايجنسيز ۽ ھيڪرز وٽ وڃي رھيو آھي.
سادن لفظن ۾ چئجي ته موبائيل ڪرامتن ڪاتبين وارو رول ادا ڪري رھي آھي، موبائيل فون مانيٽرنگ ۽ سرويلنس وارو ھڪ اھڙو جديد ٽول آھي جيڪو توھان جو گناھ ثواب پاڻ وٽ جمع ڪري رھيو آھي ۽ مالڪن تائين پھچائي به رھيو آھي. ھن سڄي تمھيد جو مقصد اھو آھي ته جديد گيجيٽ ڊوائيسز، موبائيل فونز توھان جا مخبر ته اڳ بڻجي چڪا ھئا پر لبنان ۾ اسرائيل جي مبينا پيجر ۽ واڪي ٽاڪي حملن کان پوءِ اھو به طئي ٿي ويو آھي ته توھان پنھنجي گھر ۾ ويھي ھڪڙي موبائيل ميسيج، ڪوڊ ۽ ڪمپيوٽر وائرس وسيلي سيڪنڊن ۾ پنھنجي دشمن کي ماري به سگھو ٿا. اھا ڳالهه ته واضح ٿي ويئي ته موبائيل يوزرس اڄ جي دنيا ۾ فزيڪلي ۽ مينٽلي محفوظ نه رھيو آھي. فزيڪلي جو مطلب ته واٽ ويندي موبائيل ڦورو توھان کان موبائيل فون ڦري به وڃن ٿا ۽ نه ڏيڻ تي توھان کي ماري به وڃن ٿا. مينٽلي مطلب توھان جي ڊيٽا ھاڻي توھان جي ھٿن ۾ نه رهي آھي ۽ ان ڊيٽا جو اصل مالڪ ڪوئي ٻيو آھي. لبنان ۾ اسرائيل جي مبينا پيجر ڊوائيسز وسيلي حملن ھينئر بحث اھو ڇيڙي ڇڏيو آھي ته موبائيل فون ڪمپنين جي ٽيڪنيڪل ڪريڊبلٽي پنھنجي جاءِ تي پر انهن جي مارل ڪريڊبلٽي ڪٿي بيھندي. ملين ۽ بلين ڊالرز جي اثاثن جون مالڪ ڪمپنيون ھن واقعي کان پوءِ ڏڪي ويون آھن ۽ اھو سوال اھميت اختيار ڪري ويو آھي ته لبنان ۾ حملن ۾ استعمال ٿيندڙ ڊوائيسز ۽ واڪي ٽاڪي ڪھڙي ڪمپني جا تيار ڪيل ھئا. مارڪيٽ ۾ مختلف ٿيوريز گردش ڪري رھيون آھن، ڪي پيا چون ته اھي ڊوائيسز ايراني ڪمپني جون تيار ڪيل ھيون ۽ ڪي وري تائيوان جي ڪمپني جو ذڪر ڪري رھيا آھن، ڪي ٻين ملڪن جا نالا کڻي رھيا آھن. جيترا وات اوتريون ڳالهيون. ھنن حملن ۽ شھري جانين جي نقصان کان پوءِ ان ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپنين جي مالڪن ۽ اسٽيڪ ھولڊرز کي ڦڦڙي لڳي ويئي آھي ته ڪٿي انھن جا کربين روپين جا اٽاٽا ٻڏي نه وڃن ۽ جيڪڏھن اھي ڪمپنيون ٻڏنديون ته ھڪ نئون معاشي بحران جنم وٺندو.
ھينئر پوري دنيا جي آبادي لڳ ڀڳ 7.95 ارب آھي ۽ دنيا ۾ موبائيل استعمال ڪندڙن جو تعداد تقريباَ 5.68 ارب آھي، جيڪڏھن ھر موبائيل فون استعمال ڪندڙ وٽ ٻه سمون موجود آھن ته موبائيل صارفين جو تعداد ٻيڻو ۽ ٽيڻو ٿي ويندو يعني ٽيڪنيڪي طور اھو تعداد عالمي آبادي جي تعداد کي به ڪراس ڪري ويندو. ان حوالي سان انھن حملن کي نظر ۾ رکي ڏٺو وڃي ته دنيا جي ايڏي وڏي آبادي ھڪ سيڪنڊ جي مار آھي. جڏهن عالمي آبادي جي اهڙي وڏي تعداد کي غير محفوظ ۽ منظم طريقي سان نقصان پهچائڻ ممڪن بڻجي وڃي، ته اهو هڪ سنگين سوال پيدا ڪري ٿو ته عالمي انصاف جو مستقبل ڇا ٿيندو؟ ڇا طاقتور قومون، جيڪي سائبر حملن ۽ غير معمولي ٽيڪنالاجي تي دسترس رکن ٿيون، دنيا جي ننڍين قومن کي اهڙي طريقي سان يرغمال بڻائي سگهن ٿيون؟ ڇا اهڙن واقعن کانپوءِ عالمي قانون سازي ۽ بين الاقوامي معاهدي جي ضرورت ناهي، جيڪو اهڙن خطرناڪ ٽيڪنالاجيز کي ضابطي ۾ آڻي سگهي؟ ان حقيقت کي نظر ۾ رکندي ته ڪيترن ئي ملڪن وٽ اهڙي ٽيڪنالاجي ناهي، انهن کي نه صرف پنهنجي قومي سلامتي لاءِ خطرن کي منهن ڏيڻو پوندو، پر نه چاھيندي به اھي ھڪ سائبر وار ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ دنيا جي امن کي وڌيڪ خطري ۾ وجھي ڇڏيندا. ڏٺو وڃي ته اسرائيل ھيءَ خطرناڪ روايت قائم ڪري دنيا جي امن کي اڃا به وڌيڪ خطري ۾ وجھي ڇڏيو آھي. دنيا ھر گزرندڙ لمحي سان ان ٽڪنگ بم طرف وڌي رھي آھي جنھن جي ڦاٽڻ سان چور به مرندو ته ساڌ به مرندو، مظلوم به مرندو ته ظالم به مرندو، دشمن به مرندو ته سڄڻ به مرندو.