ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ شادي جو ڏٽو ڏئي عورت سان جسماني تعلق جي ڪيس ۾ جوابدار جي سزا خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس ۾ عبدالله نالي شخص خلاف ٽرائل ڪورٽ جي سزا برقرار رکڻ جو حڪم ڏنو، جسٽس اقبال ڪلهوڙي قرار ڏنو ته شادي جي ڪوڙي واعدي ذريعي حاصل ڪيل رضامندي قانوني ناهي.
جسٽس اقبال ڪلهوڙي چيو ته شادي جو ڪوڙو واعدو ڪري حاصل ڪيل رضامندي، رضامندي نه پر اهو ريپ جي زمري ۾ اچي ٿو، شادي جي واعدي ذريعي عورت کي راضي ڪرڻ ذهني دٻاءَ ۽ دوکي جي زمري ۾ اچي ٿو.
ٽرائل ڪورٽ جوابدار کي 10 سال قيد ۽ 50 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي، جوابدار خلاف چاڪيواڙا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن انيسا نالي عورت کي شادي جي بهاني پنجاب مان گهرائي 11 کان 12 ڏينهن گلستان ڪالوني جي هڪ گهر ۾ رکيو ۽ پوءِ شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو.
You might also like