ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم جي خراب ڪارڪردگي، پهرين استعيفيٰ اچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ خراب ڪارڪردگي کانپوءِ عليم ڊار پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
عليم ڊار سليڪيشن ڪميٽي جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، هن پنهنجي استعيفيٰ پي سي بي اختيارين جي حوالي ڪري ڇڏي آهي.
ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم سيمي فائنل تائين پهچڻ ۾ ناڪام رهي، جنهن کانپوءِ عليم ڊار پنهنجين ذميوارين کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.
واضح رهي ته عليم ڊار کي 11 آڪٽوبر 2024 تي سليڪشن ڪميٽي جو رڪن بڻايو ويو هو.
سليڪشن ڪميٽي ۾ هاڻي عاقب جاويد ۽ اسد شفيق باقي رهجي ويا آهن، ان کانسواءِ ڊيٽا اينالسٽ عثمان هاشمي پڻ آهي، جنهن کي ووٽ ڏيڻ جو حق ناهي، هو رڳو ڪرڪيٽرن جي ڪارڪردگي بابت سليڪٽرز جي رهنمائي ڪندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.