آيو سو اَتورُ، جنھن ڏُکيُون ڏِکَ وِھارِيُون

تحرير: ياسر قاضي

اڄ علم جي شهر ۽ ٻنهي جهانن جي سردارَ ــ احمدِ مرسل ﷺ جو جنم ڏينهن آهي. پاڻ سڳورا ﷺ اڄ کان 1486 ورهه اڳ، ”هاٿين واري سال“ (’عامُ الفيل‘ ۾) اڄوڪي ڏينهن مڪي ۾ پيدا ٿيا. سندن ڄم جي تاريخ بابت اختلاف آهن. ڪن مؤرخن بابت سندن ولادت 9 ربيع الاوّل تي ٿي، پر گھڻي تڻي دنيا 12 ربيع الاوّل تي ئي سائينءَ ﷺ جي ميلاد جو ڏهاڙو ملهائيندي آهي. ڪجھه مقامي عالمن موجب اسانکي ڏکڻ ايشيا ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جو ميلاد 11 ربيع الاول تي ملهائڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته جڏهن اها باسعادت ولادت حجازِ مقدس (وچَ اوڀرَ) ۾ ٿي، تڏهن اُتي ته 12 ربيع الاوّل هئي، پر اسان جي خطي ۾ اها 11 ربيع الاوّل جِي تاريخ هئي.

پاڻ سڳورا ﷺ نه رڳو انسانذات لاءِ موڪليل نبين منجھان آخري نبيءَ طور اسان لاءِ تڪريم جو باعث آهن ۽ هجڻ گھرجن، بلڪه هو هڪ عظيم عالِمَ، هڪ بي عيب رهنما، هڪ زيرڪ سپهه سالار، هڪ جري ۽ بهادر، هڪ معامله فهم اڳواڻ توڙي سفارتي تعلقات جي ماهر ۽ هڪ بردبار رياستي سربراهه طور به بي مثال حيثيت جا حامل آهن، جن جي انهن سمورن پهلوئن کي واقعن جي شاهديءَ سان نه رڳو ايندڙ نسلن تائين پهچائڻ، بلڪه زور ڏيڻ جي ضرورت آهي، ته جيئن دنيا جي هڪ ڪامل تاريخ ساز انسان سان محبّت جو سلسلو رڳو عقيدت تائين محدود نه رهي!

اسلامي تاريخ جا اهڙا بيشمار واقعا آهن، جيڪي نبي ڪريم ﷺ جي مختلف رهبراڻين توڙي عالماڻين صلاحتين کي ظاهر ڪن ٿا. جيئن حجرِ اسود (ڪاري پٿر) جي تڪرار وارو واقعو سندن معامله فهميءَ جو اعليٰ ترين مثال آهي، جنهن ۾ ڪعبي جي تعمير دؤران، قبيلن جي وچ ۾ تڪرار پيدا ٿيو ته هن پٿر کي ڪنهنکي رکڻ گهرجي. جنهن تي محمّد ﷺ هڪ چادر کي چئن ڪُنڊن کان چئن قبيلن جي سردارن پاران جھلڻ جي صلاح ڏني، ۽ پوءِ پٿر کي ان چادر ۾ رکي، تڪرار حل ڪرڻ جي صلاح ڏئي سڀني کي راضي ڪيو. اهو واقعو سندن تنقيدي سوچ ۽ ڪمال قائدانه صلاحيتن جو مظهر آهي، ته ٻئي طرف خندق واري جنگ ۾ مديني جي چوڌاري (جتان جتان جبل نه هئا) خندق کوٽي شهر کي حملي آورن کان بچائڻ واري حڪمت عملي سندن جنگ جي غيرمعمولي ڄاڻ ۽ اسٽريٽجڪ سوچ کي ظاهر ڪري ٿي. سج گرهڻ جِي صحيح اڳڪٿي ڪرڻ سندن علمِ فلڪيات جي آگهيءَ جو ثبوت آهي ته مختلف بيمار صحابن کي زخمن لاءِ ماکيءَ ۽ ٻين وکرن جي استعمال جو مشورو نبي ڪريم ﷺ جي طبي علم کي ظاهر ڪري ٿو.

پاڻ سڳورن ﷺ جن پاڙيسري قبيلن ۽ قومن سان جيڪي معاهدا ڪيا، ساڻن ڳالهين ۽ پرامن لاڳاپن کي برقرار رکڻ جي صلاحيت ڏيکاري، اهو سندن اعليٰ سفارتي صلاحيتن جو غماز آهي. تعليم جي حصول تي نبي ڪريم ﷺ جو زور ۽ اهو ارشاد ته ”علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان مرد توڙي زائفان تي فرض آهي“، سندن علم دوستيءَ ۽ علم جي اهميت جو بيان آهي. اهي ۽ ان جهڙا کوڙ سارا واقعا  مختلف شعبن ۾ حضرت محمد ﷺ جي ڏاهپ، حڪمت عمليءَ ۽ علم کي اجاگر ڪري، کين هڪ مثالي عالم ۽ رهبر ثابت ڪن ٿا.تاريخي ريڪارڊ موجب، رسول الله ﷺ جن پنهنجي حياتيءَ ۾ لڳ ڀڳ 62 ملڪن جي بادشاهن ۽ قبيلن جي سربراهن ۽ سردارن کي خط لکيا، جن ۾ کين اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي. اهي خط دنيا جي مختلف حصن ڏانهن موڪليا ويا، جن ۾ وچ اوڀر، اتر افريڪا ۽ بازنطيم (اڄوڪو ترڪي / تُرڪيه) شامل آهن. انهن خطن مان ڪجهه قابلِ ذڪر خطَ هنن بادشاهن کي لکيا ويا:

  • بازنطيني شهنشاهه ــ هرڪيُولس
  • خُسرو ٻيو (فارس جو ساساني شهنشاهه)
  • نيگس، حبش (هاڻوڪي ايٿوپيا) جو تڏهوڪو بادشاهه مقوقس (مصر جو حاڪم)
  • حارث بن ابي شمر (يمن جو بادشاهه)

اسلام جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ پاڙيسري رياستن ۽ قبيلن سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ انهن خطن انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو.

نبي ڪريم ﷺ جو ذڪر قرآن پاڪ کان علاوه به ٻين الهامي ڪتابن سان گڏوگڏ ٻين مذهبن جي ڪتابن ۾ پڻ اچي چڪو آهي. جيڪو هر مذهب وٽ سندن اهميت ۽ احترام جو مظهر آهي. انجيلِ مقدس (بائيبل) جي پراڻي عهد نامي ۾ نبي ڪريم ﷺ جو سنئون سڌو نالو وٺي ته ذڪر ناهي آيل، پر ان جي ڪجهه مترجمن ۽ شارحن موجب ان جي ’ڊيٽرونومي‘ 18:18، ’اسيه‘ 29:12 ۽ ’هباڪڪ‘ 3:3 بابن ۾ آيل ذڪر، سائينءَ ﷺ جي ئي حوالي سان آهي.

ڪجهه عالمن جو خيال آهي ته انجيل جي نئين عهد نامي ۾ محمّد ﷺ جو ذڪر ’پارسليٽ‘ (پاڪ روح / حمايتي يا صلاحڪار) يا ’ڪمفرٽر‘ (نجات ڏياريندڙ / ڪارڻيءَ) طور ’يُوحنا‘ 14:16، 15:26 ۽ 16:7 ۾ آيو آهي. يهُودي صحيفي ”توريت“ ۾ آيل ذڪر بابت ڳچ يهودي عالمن اهو تسليم ڪيو آهي ته نبي ڪريم ﷺ جو ذڪر ’ڊيٽرونومي‘ (بيان) 18:18 ۽ 33:2 ــ 3 ۾ آيل آهي. جڏهن ته حضرت دائود جي زبور جي ڪجھه مترجمن ۽ شارحن، زبور جي آيتن 119: 105 ۽ 144: 9 ۾ محمّد ﷺ جو حوالو ڏَسيو آهي.

ان کانسواءِ زرتشتي صحيفي ”اويستا“ ۽ ”زينڊ اويستا“ ۾ ”محمت“ نالي هڪ نبيءَ جو ذڪر آيو آهي، جنهن بابت بيان ٿيل آهي ته اهو ماڻهن جي رهنمائي ڪرڻ لاء ايندو. (اهو ”محمت“، اسانجو حضرت محمّد ﷺ ئي آهي.) ان کانسواءِ هندو صحيفن ۾ به پاڻ سڳورن ﷺ جو ذڪر ٻڌايو وڃي ٿو. ان ڏس ۾ هندومت جي مشهور صحيفي ”ڀويشيا پراڻ“ ۾ ”محمّد“ نالي هڪ نبيءَ جو ذڪر آهي، جنهن بابت بيان ٿيل آهي ته ’اهو عربستان ۾ پيدا ٿيندو.‘ ٻُڌ ڌرم جي ڪتابن جو ذڪر ڪبو ته ٻڌمت جي پُستڪن، جهڙوڪ ’لليتا ويستارا سوترا‘ ۾ هڪ نبيءَ جو ذڪر آيو آهي، جنهنجو نالو ”ميتري“ آهي، جيڪو مستقبل ۾ ظاهر ٿيڻ لاءِ لکيل آهي، جنهن کي ٻُڌمت جا ڪجهه پيروڪارَ، محمّد ﷺ جي حوالي سان تعبير ڪن ٿا. ان کانسواءِ ’سبين‘ / ’صابين‘ جي صحيفن ”مينڊِيين اسڪرپٽس“ ۾ پڻ ”محمت“ نالي هڪ نبيءَ جو ذڪر آيو آهي، جنهن بابت بيان آيو ته اهو توحيد جي بحاليءَ لاءِ ايندو.

قرآن مجيد، جيڪو خود نبي پاڪ ﷺ تي نازل ٿيو، ان ۾ پاڻ حضرت محمّد ﷺ جو ذڪر واضح طور تي الله جي آخري رسول طور بار بار آيل آهي. قرآن مجيد ۾ اهو ذڪر حضرت محمّد ﷺ جو نالو کڻي صرف 4 ڀيرا آيو آهي. جن ۾ سورة آل عمران (آيت نمبر 144)، سورة الاحزاب (آيت نمبر 40)، سُورة محمّد (آيت نمبر 2) ۽ سُورة الفتح (آيت نمبر 29) شامل آهن، جڏهن ته قرآن مجيد ۾ اڻ سڌيءَ طرح ڪئين جاين تي هيٺين نالن (لقبن) سان نبي ڪريم ﷺ جو ذڪر آيو آهي:

.”رسول“ (الرسُول) ـــ 387 ڀيرا

. ”پيغمبر“ (نبي) ـــ 45 ڀيرا

. ”رسُول“ (المُرسل) ـــ 10 ڀيرا

. ”الله جو ٻانهو“ (عبدالله) ـــ 12 ڀيرا

.”غير پڙهيل (اُمي) نبي“ (النبي الاُمي) ـــ 2 ڀيرا

پاڻ ڪريمن ﷺ جي وڻندڙ غذائن ۾ کجيُون (کارڪون)، جَوَ جي ماني، ’ثريد‘ نالي مانيءَ، گوشت ۽ سبزين مان ٺهيل پڪوان، ’هرس‘ (هڙِيس) نالي ڪڻڪ، کير ۽ کنڊ مان ٺهيل هڪ مٺِي ڊش ۽ گوشت شامل آهن. نبي ڪريم ﷺ جن جو پسنديده گل، کجيءَ (کجُور) جو گُل ٻڌايو وڃي ٿو، پر پاڻ پنهنجي مختلف ارشادات ۾ گلاب، موتيي ۽ خزاما (لوينڊر) جي گلن کي به پسند فرمايو اٿائون. گلاب جي گل بابت پاڻ ﷺ فرمايائون: ”گلاب جي سرهاڻ بهشت ​​جي خوشبوءِ آهي“. (ترمذي) موتيي جي گل بابت سندن حديث آهي ته، ”موتيي جي خوشبو مؤمنن جي خوشبو آهي.“ (طبراني) جڏهن ته ’خزاما‘ (لوينڊر) جي گل لاءِ پاڻ فرمايائون ته ”اهو بهشت ​​جي گُلن مان هڪ آهي.“

نبي ڪريم ﷺ جن جا پسنديده رنگ سائو ۽ اڇو هئا، جڏهن ته ڪن حوالن موجب هنن ڦڪي (پِيلي) ۽ ڳاڙهي رنگ لاءِ به پسنديدگيءَ جو اظهار فرمايو آهي. جيستائين موسمن ۽ مُندن جي پسنديدگيءَ جو سوال آهي ته کين چار موسمون / مُندون پسند هيون. جن ۾ جھڙالي مندَ، وچٿري گرمي پد واري (معتدل) موسم سان گڏوگڏ برساتي ۽ هوادار مند پڻ سندن پسنديده مندن ۾ شامل آهن. جُھڙالي موسم جي حوالي سان پاڻ فرمايائون: ”مونکي ڪڪرن واري موسم پسند آهي، ڇو ته اها مون کي قيامت جي ڏينهن جي ياد ڏياري ٿي.“ (ترمذي) وچٿري گرمي پد واري (معتدل) موسم بابت پاڻ فرمايائون ته ”مونکي وچٿري موسم پسند آهي، ڇو ته اها نبين جي سم آهي.“ (طبراني) برساتي موسم بابت سندن ارشاد آيو: ”مِينهُن لله تعاليٰ جي طرفان هڪ نعمت آهي ۽ رحمت جي نشاني هي.“ (بخاري) جڏهن ته هوادار موسم بابت پاڻ فرمايائون ته ”واءُ الله ي نعمت آهي ۽ اها سندس قدرت جي نشاني آهي.“ (ابو داؤد)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.