سيرت رسول پاڪ تي ھلڻ جي ضرورت آھي

تحرير: مير ذوالفقار چانڊيو

اسلامي مھينو ربيع الاول پنهنجي منزل جي طرف روان دوان آھي جنھن کي ميلاد نبي جو مھينو چيو ويندو آهي ڇو ته ھن مھيني جي 12 تاريخ تي اسان جي پياري آقا مديني واري مصطفي صلي الله عليه وسلم جن جي ولادت ٿي حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جو ھن دنيا ۾ اچڻ به رحمتن برڪتن وارو آهي پاڻ سڄي جھان جي لاءِ رحمت العالمين بڻجي ھن دنيا تي آيا پاڻ صرف هڪ قوم يا مذھب جا نبي نه پر ھر قوم قبيلي ھر ملڪ مذھب وارن لاءِ نبي بڻجي آيا پاڻ پيار ۽ پاٻوھ سان مھر ۽ مروت سان احسان ۽ ھـمدرديءَ سان پنھنجي امت کي ھر ننڍي ۽ وڏي ڳالهھ سيکاريائون ھر نقصان کان بچڻ جي واٽ ٻڌايائون. ھر نفعي جي حصول لاءِ آسان راھون سيکاريائون. جيئن ڪو مھربان پيءُ پنھنجي ٻچن کي سيکاريندو ۽ سمجھائيندو آھي. ائـين پاڻ پنھنجي امت جي ھر فرد جي رھبري ۽ رھـنمائي ڪيائون

ان ڪري اسان مسلمان ھن ڏھاڙي کي تمام گهڻي جوش جذبي سان ملهائيندا آھيون ان ڏينهن کي وڏي ڌام ڌوم سان ملهائي پنهنجي آقا سان محبت جو اظهار ڪرڻ ضروري آهي پر ان سان گڏوگڏ پنهنجي آخري نبي حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت مبارڪ تي ھلڻ انھن جي ڇڏيل مشن تي ھلڻ ۽ ان جي سنتن کي پنهنجي اندر اپنائڻ ھن وقت اھم ضرورت آهي پر افسوس ته اسان مسلمانن رسول پاڪ جي سيرت کي ڇڏي سندس ٻڌايل ڳالهين کي وساري ويٺاسين جنهن سبب معاشري اندر فتنا فساد پيدا ٿيڻ شروع ٿيا جنهن جا ذميوار اسان پاڻ آھيون اسان مسلمانن کي گھرجي ته اسلامي جلسن جلوسن خير خيراتون ڪرڻ سان گڏ مديني واري سائين جي سيرت مبارڪ تي ھلڻ جي ڪوشش ڪيون مطلب ته اسلامي جلسن سان گڏوگڏ مسلمانن کي پنج وقت نماز پڙهڻ گھرجي غريبن مسڪينن سان گڏ اوڙي پاڙي وارن جي سار سنڀال لهڻ گھرجي ڪو انسان مشڪل حالتن ۾ آهي ته ان جي مشڪل حالتن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪجن ڪو انسان بک تي آهي ان جي گھر کاڌ خوراڪ پھچائڻ لاءِ سبب پيدا ڪجي جتي پاڻي جي تڪليف ھجي اتي پاڻيءَ جو بندوبست ڪرڻ گھرجي جنهن سان عوام جي تڪليفن ۾ گھٽتائي ايندي ۽ مديني وارو سائين به خوش ٿيندو ۽ الله پاڪ به انھن ڪمن ڪرڻ سان راضي ٿيندو ھن ڀلاري مھيني ۾ محبوب جي آمد سان جيڪي شريعت جي دائري ۾ رهي ڪري ڪم ڪيا ويندا آھن اُھي به پنهنجي جڳھه تي سٺا ۽ ثواب وارا آهن پر جيڪي مديني واري سائين پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪم ڪيا يااسان کي انهن ڪمن ڪرڻ جي تلقين فرمائي اھي ڪم ڪرڻ به اسان مسلمانن لاءِ ضروري آھن جنھن کان سواءِ زندگي گذارڻ ڏاڍي مشڪل آهي آخر ۾ ھڪ دفعو وري پنهنجي مسلمانن ڀائرن کي عرض ڪندس ته رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت مبارڪ تي ھلڻ ان جي سنتن تي عمل ڪرڻ سان اسان عاشق رسول بڻجڻ سان گڏ معاشري ۾ بھترين انسان پڻ بڻجي وينداسين اسان کي صرف عاشق رسول بڻجڻ نه پر معاشري اندر ھڪ سٺو انسان بڻجڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي جنهن سان ھي جھان به موچارو ٿي پوي ته ڪاري قبر ۾ روشني نصيب ٿي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.