اطلاعات واري صوبائي وزير جي حيثيت سان شرجيل انعام ميمڻ سنڌ جي اطلاعات کاتي ۽ لاڳاپيل کاتن جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ کي تمام گهڻو متحرڪ، فعال ۽ سرگرم ڪيو آهي. ان ڪري سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ذريعي سڄي ملڪ جي عوام آڏو اجاگر ڪئي پئي وڃي.
ان سلسلي جي ھڪ ڪڙي جي طور تي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ گذريل مهيني پنجاب جي صحافين جي هڪ وفد کي سنڌ جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني ته جيئن ٻين صوبن جي صحافين جي ذريعي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رھندڙ عوام کي سنڌ حڪومت جي ترقياتي ڪمن کي خود انھن جي نظر سان ڏسڻ جو موقعو ڏنو وڃي. پنجاب صوبي جي صحافين سنڌ جي دوري دوران ٿر ڪول پاور پراجيڪٽ، حيدرآباد ميرپورخاص ڊيول ڪيريج وي، ايس آءِ يو ٽي، جناح اسپتال جو سائبر نائف ڊپارٽمينٽ ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جو تفصيلي دورو ڪيو.
ملڪ جي ٻين صوبن جي صحافين کي سنڌ ۾ اچڻ جي دعوت ڏئي ڪري انھن کي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگيءَ جو پاڻ مشاھدو ڪرائڻ جي مسلسل جي ٻي ڪڙي طور خيبرپختونخواهه صوبي جي صحافين جو هڪ وفد گذريل ڏينهن ڪراچي پهتو ۽ اربع 11 سيپٽمبر تي سينئر صوبائي وزير انعام شرجيل ميمڻ وفد کي پنھنجي آفيس ۾ دعوت ڏني ۽ سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگيءَ کان آگاھ ڪيو.
ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جي صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي استقباليه تقرير ۾ چيو ته پشاور جي صحافي ڀائرن کان اڳ لاهور جي صحافي دوستن پڻ سنڌ جو دورو ڪيو ۽ مڪمل ٿيل ۽ جاري منصوبن جو ذاتي طور مشاهدو ڪيو هن چيو ته ميڊيا ۾ خبرن ۽ بيانن جي ڀيٽ ۾ جڏهن توهان پاڻ صورتحال جو جائزو وٺو ٿا تڏھن ئي توهان درست راءِ قائم ڪري سگهو ٿا ۽ اصل صورتحال ڏسڻ کانپوءِ ئي توهان پنهنجي اڳوڻي قائم ڪيل راءِ کي تبديل ڪري سگهو ٿا.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سوچيل سمجھيل سازش تحت ڪارڪردگيءَ گھٽ ڪري ڏيکارڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت خلاف غلط ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي ويندي آهي پر سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام هميشه پيپلز پارٽي تي اعتماد جو اظهار ڪري مخالفن جي پروپيگنڊا کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ جو جڏهن توھان پاڻ غيرجانبدار مشاهدو ڪندا ۽ موقعي تي وڃي ڏسندا تھ توهان کي اندازو ٿيندو ته سنڌ حڪومت ڪهڙي شعبي ۾ ڪيترو ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان هن وقت توانائي جي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ توانائي بحران جو واحد حل ٿرڪول پاور پراجيڪٽ آهي.
شر جيل انعام ميمڻ کين ٻڌايو ته سنڌ حڪومت صحت جي شعبي ۾ به قابل قدر خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊزيز (NICVD) مان مفت علاج جي سهولت سان سڄي پاڪستان مان روزانو هزارين مريض فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، ان سان گڏوگڏ سائفبر نائف جي بنا معاوضي علاج جون سھولتون نھ رڳو پاڪستان بلڪھ ٻاهرين ملڪن مان آيل مريض پڻ فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. افغانستان ۽ ڪابل جا ماڻهو علاج لاءِ ڪراچي اچن ٿا ۽ انهن وڏن صحت مرڪزن مان فائدو حاصل ڪن ٿا.
سنڌ حڪومت جي اسٽيٽ آف دي آرٽ، گمبٽ اسپتال ۾ ليور(جگر) جو ٽرانسپلانٽ مفت ڪيو پيو وڃي ۽ سڀ کان منفرد ڳالهه اها آهي ته سنڌ حڪومت جي قائم ڪيل ان عظيم صحت ادارن ۾ ڪنهن کان به مريض جي علاج لاءِ ڪنهن به صحت ڪارڊ يا سڃاڻپ ڪارڊ کي نٿو ڏٺو وڃي ۽ حقيقت اها آهي ته سنڌ جون اسپتالون پاڪستان جي عوام کي بنا ڪنهن فرق جي بهترين سهولتون فراهم ڪري رهيون آهن.
صوبي ۾ ٽرانسپورٽ جي شعبي بابت ڳالهائيندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اليڪٽرانڪ وھيڪل (اي وي) بسون شروع ڪيون آهن ۽ عورتن لاءِ هڪ مخصوص گلابي بس سروس پڻ شروع ڪئي آهي. صوبي ۾ عورتن کي محفوظ، سستي ۽ آرام واريون سفري سهولتون فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ترجيحي منصوبن مان هڪ آهي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صوبي جي عوام کي سستي، ماحول دوست ۽ شفاف توانائي فراهم ڪرڻ لاءِ گهرن کي سولر مهيا ڪرڻ جو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي، جنهن تحت صوبي جي مختلف ضلعن ۾ 2 لک گهرن کي سولر سسٽم فراهم ڪيا ويندا. ان حوالي سان ونڊ پاور پلانٽ پڻ سنڌ حڪومت جو اهم منصوبو آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت سولر پارڪ جي منصوبن تي به ڪم ڪري رهي آهي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سڄي ملڪ جا صحافي سنڌ جو دورو ڪن ۽ صوبي ۾ جاري ۽ مڪمل ٿيندڙ منصوبن جو جائزو وٺن ۽ پوءِ ميڊيا ذريعي ملڪ جي عوام کي انهن منصوبن جي افاديت کان آگاهه ڪن.هن چيو ته ڪراچي شهر کي وافر پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي فور منصوبي تي ڪم جاري آهي، جنهن جي مڪمل ٿيڻ سان ڪراچي ۾ پاڻي جو پراڻو مسئلو جلد حل ٿي ويندو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ ڪي فور منصوبو ڏکيائن ۽ دير جو شڪار ٿيو ھو.هن چيو ته ڪراچي جي آبادي وڌي رهي آهي، روزانو لکين ماڻهو روزگار جي ڳولا ۾ ڪراچي اچي رهيا آهن.
هن چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي چونڊن کان فوري بعد چيو هو ته اسان سمورين سياسي قوتن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر پي ٽي آءِ قيادت پ پ سان ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت جو حصو ناهي، اسان غيرمشروط طور تي حڪومت ٺاهڻ ۾ مسلم ليگ ن جي حمايت ڪئي. عورتن کي بااختيار بڻائڻ بابت ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جتي عورتن لاءِ ٻه ڪيڊٽ ڪاليج قائم ڪيا ويا آهن.
سنڌ حڪومت هر بجيٽ ۾ صوبي ۾ نيون يونيورسٽيون يا ڪيمپس ٺاهڻ لاءِ رقم مختص ڪندي آهي، هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام کي خبردار رهڻو پوندو ۽ اھو ڏسڻو پوندو تھ پي ٽي آءِ جي حڪومت سندن صوبي ۾ ڇا ڪري رهي آهي. ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ جو ٽيون دور حڪومت آهي پر اڄ به ماڻهو روزگار لاءِ ڪي پي ڪي مان ٻين علائقن ڏانهن وڃڻ تي مجبور آهن.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي خيبرپختونخواهه جي صحافين سان ھڪ خوشگوار ملاقات ھئي، ان موقعي تي دوري تي آيل معزز صحافين به سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کان سوال ڪيا جن جا سينئر وزير تفصيل سان جواب ڏنا.ملاقات جي پڄاڻي تي سينيئر وزير پاران معزز صحافين کي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا پيش ڪيا ويا، جڏهن ته پشاور جي صحافين طرفان سنئير وزير شرجيل انعام ميمڻ کي روايتي چترالي (ڪيپ)ٽوپي، يادگاري شيلڊ ۽ شال جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.