ڪجهھ ڏينهن کان ملڪ جي هر ميڊيائي اداري يا فورم تي رڳو نئين آئيني ترميمي بل جا چرچا ٻڌڻ ۾ پئي آيا آهن جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳالھه اها ٿي رهي هئي ته نئين آئيني ترميم بابت حڪومتي ڌر جي وزير مشيرن کي به اها ڄاڻ نه هئي ته اهو به جيڪو آئيني بل آهي ان ۾ ڪهڙيون ترميمون شامل ڪيون ويون آهن جنهن کان پڇيو ويو ته ان بل بابت لاعلمي جو اظهار پئي ڪيو.پر نيٺ اهو نئون ڳجهو رکيل آئيني ترميمي بل سامهون آيو آهي آئين ۾ تجويز ڪيل ان آئيني ترميمي ايڪٽ واري بل جي مسودي جا تفصيل سامهون اچڻ بعد حمايت ڪندڙ گهڻائي پاسيرا ٿي ويا آهن جنهن بعد حڪومت لاءِ اهو بل ڄڻ ته مٿي جو سور بڻجي ويو آهي.
ان آئيني مسودي ۾ ڪيترائي نوان ايڪٽ شامل ڪيا ويا آهن ان ۾ اهو به تجويز ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ جا جج 68 سالن جي عمر ۾ رٽائر ٿيندا ۽ ٻٽي شهريت رکندڙ جج سپريم ڪورٽ يا آئيني عدالت جا جج مقرر نه ٿي سگهندا، سپريم ڪورٽ ۽ آئيني عدالت جي چيف جسٽس جي ملازمت جو مدو 3 سال هوندو. آئين ۾ تجويز ڪيل هن 26 هين آئيني ترميمي ايڪٽ واري بل جي مسودي ۾ اهو به ترميم ڪيل آهي ته جنهن تحت صدر کي ڪابينا يا وزيراعظم پاران اماڻيل ايڊوائيس تي ڪا به عدالت، ٽربيونل يا اٿارٽي انڪوائري نه ڪري سگهندي،آرٽيڪل 63 اَي ۾ تجويز ڪيل ترميم تحت پارلياماني پارٽي جي هدايت خلاف ووٽ ڏيندڙ ميمبر جو ووٽ ڳڻيو ويندو
هن ترميمي بل جي آرٽيڪل 78 ۾ تجويز ڪيل ترميم تحت وفاقي آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي تجويز، آرٽيڪل 175 اَي ۾ تجويز ڪيل ترميم تحت هاءِ ڪورٽس ۽ شريعت ڪورٽ جي ججز جي مقرري ڪميشن ڪندي، وفاقي آئيني عدالت جو چيف جسٽس ڪميشن جو سربراهه هوندو
ڪميشن ۾ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ۽ آئيني عدالت جا 2 سينيئر ترين جج شامل هوندا، ڪميشن ۾ قانون وارو وزير، اٽارني جنرل، سينيئر ايڊوڪيٽ، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا 2-2 ميمبر شامل هوندا وفاقي آئيني عدالت جي ججز جي مقرري لاءِ ڪميشن جو سربراهه سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس هوندو، سپريم ڪورٽ جي ججن جي مقرري لاءِ ڪميشن آئيني عدالت بدران سپريم ڪورٽ جا 5 جج شامل هوندا، آئيني عدالت جي چيف جسٽس جي مقرري قومي اسيمبلي جي ڪميٽي جي سفارشن تي ڪئي ويندي
آئيني عدالت جي چيف جسٽس جي مقرري لاءِ قومي اسيمبلي جي 8 رڪني ڪميٽي جوڙي ويندي، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري به قومي اسيمبلي جي ڪميٽي جي سفارش تي ڪئي ويندي، وفاقي آئيني عدالت ۾ چئني صوبن جي ججز جي برابر نمائندگي هوندي
حڪومت جيڪي سپريم ڪورٽ جا پر ڪٽڻ لاءِ آئيني عدالت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو هو ان ۾ هو ناڪام وئي آهي ڇو ته هن جا ميمبر کٽل آهن.
ڏٺو وڃي ته هن وقت تائين حڪومت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ آئيني ترميم جو بل پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي ڇو ته ٻه ڏينهن اڳ جڏهن آچر ڏينهن سرڪاري موڪل هجڻ باوجود ٻنهي ايوانن جا اجلاس طلب ڪيا ويا هئا ان وقت حڪومت لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت امتحان بڻجي ويو هو.حڪومت چيف جسٽس مقرري ۽ ملازمت مدي بابت به آئيني ترميم تياري ته ڪري ورتي هئي پر حمايت نه هجڻ ڪري سندن خواب اڻپورا رهجي ويا آئيني ترميم لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ضروري هوندي آهي، پر حڪومت آئيني ترميمن لاءِ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪري سگهي قومي اسيمبلي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت لاءِ 224 ووٽ گهربل آهن حڪومتي اتحاد جا ايوان ۾ 211 ميمبر آهن، اُنهن ۾ نواز ليگ جا 110، پيپلز پارٽي جا 68 ۽ متحده جا 22 ميمبرز شامل آهن آءِ پي پي ۽ ق ليگ جا 4-4 ايم اين ايز به حڪومتي اتحاد جو حصو آهن، مسلم ليگ ضياءَ ۽ بي اي پي جو هڪ هڪ ميمبر به حڪومتي اتحاد ۾ شامل آهي، قومي اسيمبلي مان آئيني ترميمون منظور ڪرائڻ لاءِ حڪومت کي وڌيڪ 13 ميمبر جي حمايت گهربل آهي جي يو آءِ ف 8 ميمبر جي حمايت وٺڻ کانپوءِ به حڪومت کي وڌيڪ 5 ووٽ گهربل هوندا، قومي اسيمبلي وانگر سينيٽ ۾ به حڪومت کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
حڪومت سينيٽ ۾ آئيني ترميم لاءِ حڪومت کي 64 ميمبرن جي حمايت گهربل هئي جنهن ۾ جي يو آءِ (ف) جا پنج ووٽ حڪومت کي ملڻ جي صورت ۾ حڪومت کي 64 ميمبرن جي حمايت حاصل ٿي ويندي. جي يو آءِ ( ف ) ووٽ لاءِ حمايت جو اعلان به ڪري تڏهن به سينيٽ ۾ حڪومت لاءِ هڪ ميمبر کٽل آهي هوڏانهن حڪومت طرفان قومي اسيمبلي ۾ منظوري لاءِ پيش ٿيندڙ آئيني ترميمي بِل جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. آئيني پئڪيج ۾ ميثاق جمهوريت تحت آئيني عدالت جي قيام جو امڪان آهي جڏهن ته نئين چيف جسٽس سان گڏ نئين آئيني عدالت جي قيام جي تجويز به غور هيٺ آهي، آئيني عدالت لاءِ ڌار چيف جسٽس جي مقرريءَ جي تجويز غور هيٺ آهي. نئين عدالت جو مقصد آئيني ڪيسن ۽ عوامي مفاد وارن ڪيسن کي الڳ الڳ ڪري اعليٰ عدالت تان ٻوجهه گهٽائڻ آهي. حڪومتي جو چوڻ آهي ته آئيني عدالت جي جوڙجڪ وارو معاملو ڄاڻايل آئيني ترميمن جو حصو هوندو، عوامي مفاد جا ٻيا ڪيس موجوده سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌا ويندا جڏهن ته آئيني عدالت پنج رڪني هئڻ جي تجويز آهي، ذريعن موجب، آئيني عدالت ۾ آئين جي آرٽيڪل 184، 185 ۽ 186 بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿيندي، آئيني عدالت جي جوڙجڪ ۾ چئني صوبن ۽ وفاق جي ججن جي نمائندگي جي تجويز پڻ غور هيٺ آهي، آئيني عدالت ۾ صوبن طرفان آئين جي تشريح وارا معاملا به غور هيٺ اچي سگهندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي مطالبي تي ميثاق جمهوريت تحت آئيني عدالت جي جوڙجڪ کي آئيني پئڪيج جو حصو بڻايو پيو وڃي. جڏهن ته آئيني ترميمن ۾ سُپريم ڪورٽ جَي ججز جِي ملازمت جو مُدو 65 مان وڌائي 68 سال ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي، هاءِ ڪورٽس جَي ججز جِي ملازمت جو مُدو 62 مان وڌائي 65 سال ڪرڻ جي تجويز ڏني ويندي، ترميم وسيلي ججز مقرري بابت طريقيڪار به تبديل ٿيڻ جا امڪان آهن، جڊيشل ڪميشن ۽ پارلياماني ڪاميٽي کي مِلائي هڪ ڪرڻ جي تجويز ترميم جو حصو هوندي.سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري لاءِ سينارٽي جي موجوده بنياد کي تبديل ڪري چيف جسٽس جي مقرري لاءِ نئون طريقيڪار آڻڻ جي تجويز تي ڪم ڪيو پيو وڃي،جنهن تي چيف جسٽس جي مقرري لاءِ ٽن ججز جو پينل پيش ٿيندو جنهن مان ڪنهن هڪ کي چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جو اختيار پارلياماني ڪاميٽي کي هوندو.
ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف ترميم جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ نڪري پيو، اتحادين وزيراعظم کي آئيني ترميم ۾ ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، ميمبرن کي اسلام آباد ۾ ئي رهڻ جي هدايت ڪئي هئي وزيراعظم پاران ايم اين ايز ۽ سينيٽرز جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو هوآئيني عدالت قائم ڪرڻ ۽ آئين جي آرٽيڪل 63 اي ۾ به ترميم جو فيصلو ڪيو آهي،بل جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي هئي ۽ آئيني ترميمن ۾ حمايت گهري.جڏهن ته اپوزيشن به هٿ پير هڻڻ لڳي آهي، پي ٽي آءِ وفد به فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي.آئيني ترميمن واري ماحول ۾ جي يو آءِ جي اهميت وڌي وئي آهي.
بهر حال هن نئين آئيني ترميمي بل کي منظور ڪرائڻ حڪومت لاءِ وڏو امتحان بڻجي ويو آهي هاڻي ڏسجي ته ان بل جي منظوري ڪهڙي انداز سان ٿيندي پر جڏهن حڪومت بيساخين تي بيٺل هجي ته اهڙا حالات خود بخود حڪومت لاءِ پريشاني کڻي ايندا آهن.