حضرت محمدﷺ جي اخلاقي سنت کي به اختيار ڪرڻ گهرجي

انهيءَ ۾ ته ڪو شڪ ئي ناهي ته مسلمانن جو آدرش حضرت محمد ﷺئي آهي ۽سندن سنت تي هلڻ کي اهي پنهنجو اولين فرض سمجهندا آهن. اهي حضرت محمد ﷺجي سنت تي هلندي سندس جهڙي زندگي گذارڻ کي ئي آئيڊيل  زندگي سمجهندا آهن. ائين کڻي سمجهو ته مسلمانن جي زندگين  جو نمونو ۽ طريقي ڪار حضرت محمد ﷺ جي زندگي جي نموني ۽ طريقي جي سنئين سڌي ڪاپي آهي  جيڪا ظاهر آهي ته تمام سٺي ڳالهه آهي پر حضرت محمد ﷺ جي طريقت تي هلڻ پوءِ به سولي ناهي ۽ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه به ناهي. اسان حضرت محمد ﷺجي زندگي جي نموني جي ڪاپي ته ڪري سگهون ٿا پر ڇا ان جي روح ۾ لهي سگهون ٿا اهو وڏو اهم سوال آهي.

اها مسلمانن جي يقينن تمام وڏي خوشي نصيبي آهي ته انهن وٽ حضرت محمد ﷺجي هڪ آئيڊيل  زندگي جو نمونو  موجود آهي، هڪ آدرشي ۽ زندگي کي زندگي ڏيندڙ  مثال موجود  آهي ضرورت  صرف ان ڳالهه جي آهي ته ان تي بس هلي ڏيکار جي ۽ اهو ان  لحاظ کان آسان آهي ته يا هئڻ گهرجي ته اها عظيم زندگي اسان جي هڪ عظيم رهنما جي آهي جنهن سان اسان انتهائي عقيدت  به آهي. اسان کي ان زندگي تي رشڪ به آهي پر حقيقت اها هي ته اسان مسلمان پوءِ به کي تمام گهڻي  دنيا جي عظيم ماڻهن ۾ نٿا ڳڻيا وڃون جڏهن ته حضرت محمد ﷺپاڻ دنيا جي عظيم انسانن ۾ سر فهرست جو مقام رکن ٿا  ائين ڇو آهي، ان تي بيحد سنجيدگي مان سوچڻ جي ضرورت آهي.

انهيءَ تي سوچيو ته پاڻ کي محسوس ٿيندو ته اسان حضرت محمد ﷺجي عظيم شخصيت جي اخلاقي پاسي کي پنهنجي شخصيت ۾ سمائي نه سگهيا آهيون. ان جي اخلاقي سنت تي هلڻ ۾ ناڪام ويا آهيون. مثال طور ڏسجي ته اسان مسلمان دنيا اندر مذهبي انتها پسند طور سڃاڻپ ڄڻ لڳا آهيون جڏهن ته  حضرت محمد ﷺپاڻ انتها پسند نه هيا. پاڻ اسلام جي مذهب کي ان جي علمي پهلوءَ کان وڌيڪ پنهنجي اخلاق سان دنيا اندر متعارف به ڪرايو ته قبوليت به ڏياري يعني پنهنجي اخلاق سان ماڻهن کي مسلمان بڻائڻ تي اتساهيو. حضرت محمد ﷺپنهنجي اخلاق ۽ ورتاءُ سان رول ماڊل بڻجي ٻڌايو  ڏيکارويو ۽ سيکاريو ته مسلمان هئين ٿيندو آهي، ۽ ان کي ئي مسلمان  چئبو آهي. مثال طور حضرت محمد ﷺبابت هڪ روايت آهي ته سندس مٿان هڪ ٻڍڙي گند جو  ڪچرو اڇلائيندي هئي ته بجاءِ ان جي جو ساڻس جهيڙو ڪري ها پر جڏهن ڪجهه ڏينهن اهو ڪچرو اڇلائيندڙ ٻڍڙي کيس نظر نه آئي  ته پڇا ڪرايائين ته ها اڄ ڪلهه ڪچرو نه ٿي اڇلائي کيس ٻڌايو ته ويو ته اها بيمار آهي ته  پوءِ  حضرت محمد ﷺسندس عيادت ڪرڻ ويو  پر سان مسلمان ايئن ناهيون اسان ۾ برداشت بلڪل به ناهي ۽  نه ئي اخلاقيات سان مخالفن جون دليون کٽڻ پاڻ کي اچي ، اسان وٽ حضرت محمد ﷺواري اخلاقي سنت جو فقدان آهي جنهن ڪري اسان مسمان دنيا اندر  انتها پسند طور ڄاتا ا        مي مذهب جي تقاضا وري برداشت، صبر ۽ اخلاقيات  جو عملي مظاهرو آهي جيڪو اسان ڪثريتي طور تي ڏيکارڻ ۾ ام ويا آهيون. ان مسئلي جي حل اهو آهي ته سڀ مسلمان حضرت محمد ﷺجي اخلاقي سنت کي اختيار  ڪن.

  • زيادتي جو نشانو بڻيل پوليو ورڪر جي هاڻي حڪومت کي مالڪي ڪرڻ گهرجي

رپورٽون آهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ جيڪب آباد ۾ هڪ ڏوهي گروهه عورت پوليو ورڪر سان اجتمائي زيادتي ڪئي هئي ۽ هاڻي ان عورت کي سندس ،مڙس به ڪاري جو الزام هڻي گهر مان ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ کائنس ٻار به کسيا ويا آهن. ان ڪيس جي حوالي سان هڪ سٺي ڳالهه اها نظر آئي آهي  جنهن کي ساراهڻ  گهرجي ته جيڪب آباد جي ڊپٽي ڪمشنر ظهور علي مريءَ ان متاثر عورت جي مالڪي ڪئي آهي ۽ ان ڏس ۾ سنڌ  حڪومت کي خط لکيو آهي ته سرڪار ان متاثر عورت جي فوري طور تي 50 لک روپين جي مالي مدد ڪري ۽ سندس گذر سفر لاءِ کيس سرڪاري نوڪري پڻ ڏني وڃي.

ايئن اڄ واري هڪ رپورٽ موجب صحت جي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو پڻ ان واقعي جو نوٽيس ورتو آهي، ۽ مسمات جي سيڪيورٽي مُهيا ڪرڻ جي  هدايت ڪئي آهي.  هن چيو ته متاثر پوليو ورڪر کي انصاف ڏيارڻ لاءِ  ضروري قدم کڻي رهي آهيان، هن سنڌ جي وڏي وزير کي پڻ درخواست ڪئي آهي ته ان کي معاوضو ڏنو وڃي.

اسان هن ايڊيٽوريل  ذريعي مسمات عابده انڙ کي چونداسين ته اها پاڻ کي اڪيلو نه سمجهي، سڄي سنڌ ساڻس گڏ آهي ۽ جيڪب آباد جي ڊپٽي ڪمشنر به وقتائتي طور سندس سار لڌي آهي جنهن جي اسان پڻ آجيان ڪريون ٿا. مسمات عابده انڙ  هڪ نيڪ سرڪاري ڪم ڪري رهي هئي،  پوليو جا معصوم ٻارن کي پوليو جا  ڦڙا  پيارڻ واري ڊويوٽي ڏئي رهي هئي جنهن دوران ساڻس اهو افسوس ناڪ واقعو ٿيو جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي ته گهٽ آهي.  اسان جو خيال آهي ته ان واقعي جو حڪومت کي سخت کان سخت نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ وحشي جوابدارن کي سندن انجام تي رسائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن اڳتي ڪنهن به ڏوهاري ۾ عورت کي هراسان ڪرڻ يا ان هٿ وجهڻ جي همت نه ٿي  سگهي ۽ ائين تڏهن ئي ٿيندو جڏهن حڪومت اهڙن ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪندي ۽ متاثر عورتن جي هر قسم جي سهائتا ڪندي جئين هن ڀيري مسمات عابده انڙ جي ڪيس ۾ نظر اچي رهي آهي. ٻئي پاسي اسان کي افسوس آهي ته سندس مڙس جنهن ڏکئي وقت ۾ پنهنجي جيون ساٿي کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو آهي جڏهن ته سڀ کان گهڻو ساٿ سندس مڙس کي ئي ڏيڻ گهرجي. پر هاڻي جڏهن جيڪب آباد جي مقامي انتظاميا ۽ صحت جي وزير  ڊاڪٽر عذرا پيچوهو  ان عورت جي مالڪي ڪئي آهي ته اميد ڪجي ٿي ته سندس  ڏکيو  وقت ختم  ٿي ويندو ۽ سندس سڀ مسئلا حل ٿي ويندا ۽ سماج اندر  اهو پيغام ويندو ته  پوليو جي ورڪرن خاص ڪري عورت  ورڪر  نڌڻڪيون ناهن. اهي حڪومتي  ڊيوٽي ڪري رهيا آهن  تنهن ڪري حڪومت کين اڪيلو نه ڇڏيندي اهڙو ڀرپور ۽ زوردار  مثال قائم جو حڪومت کي موقعو آهي ۽ اها مسمات عابده انڙ جي مالڪي ڪري اهڙو شاندار مثال قائم ڪرڻ سگهي ٿي  عابده انڙ  کي ايڏي عزت ڏيڻ گهرجي جيئن سندس ور کي احساس ٿئي ته به هن  ڏکئي وقت ۾ پنهنجي زال جو ساٿ نه ڏئي ڪري ساڻس تمام وڏي ذيادتي ڪئي آهي جنهن جي ان کي به سزا ملڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.