رومانيت پسندن جو واڌ ويجهه نراسائي تي ٿيندي آهي، نراسائي جي نتيجي ۾ اهي دکدائڪ قصا گهڙيندا آهن جن ذريعي اهي پنهنجي تصوراتي/ رومانوي رجحانن جو اظهار ڪري سگهن.
آئرش شاعر آسڪر وائيلڊ لکيو “ هڪ خواب گير (رومانوي ) پنهنجو رستو صرف چنڊ جي روشني ۾ ڏسندو آهي، ۽ ان جي سزا (نتيجو) اها آهي ته ان جو صبح ٻين کان اڳ ۾ ٿيندو آهي“ ۽ اهو صبح مايوسي جي صورت ۾ هوندو آهي. اهو ڪلاسيڪل رومانوي مونجهارو هوندو آهي جڪيو رومان پسند جو پنهنجو پيدا ڪيو هوندو آهي،جنهن بابت پوءِ ماتم ۽ شاعري ڪندو آهي.
رومانوي مزاج هڪ آرٽسٽ، شاعر ناول نگار يا موسيقار جي صلاحيتن جي خزاني کي ڀريندو آهي پر سياست ۾ رومان پسندي تباهه ڪن ثابت ٿيندي آهي. اهڙين خاصيتن واري ماڻهوءَ کي جيڪڏهن صفا چريو نه تڏهن به سادو ضرور چئبو. جرمن فلاسافر فريڊرڪ نٽشي جي چوڻ مطابق ڪوبه آرٽسٽ حقيقت کي نظرانداز نٿو ڪري سگهي. ان جملي جي اهميت ان ڪري به وڌيڪ آهي ته نٽشي پاڻ رومانيت پسند هئو.
1986ع ۾ آمريڪي سوشل فلاسافر گاءِ اوڪس لکيو ته سياسي رومانيت پسند هر شيءِ/ڳالهه کي جماليات جي اک سان ڏسندا آهن. ان جو مقصد معاملن کي معتبر ڪري پيش ڪرڻ هوندو آهي. مثال طور اهي وڏن جهڳڙن ۽ ٽڪرائن کي به شاعراڻي ٻوليءَ ۾ پيش ڪندا آهن. اوڪس مطابق اهي ائين جهڳڙن کي حل ڪرڻ لاءِ نه ڪندا آهن. ان جي بجاءِ هن صورتحال کي جذباتيت کي مطمئن موڊ پيدا ڪرڻ جو موقعو تصور ڪندا آهن ۽ پڻ جماليات لاءِ سازگار ماحول.
اوڪس جا خيال دراصل تڪراري جرمن نظرئي دان ڪارل شمٽ جي خيالن جو پڙاڏو هئا. 1919ع جي پنهنجي ڪتاب ”سياسي رومانيت پسندي“ ۾ شمٽ لکيو ته سياسي رومان پسند سياست کي شاعراڻو بڻائيندا آهن. تنهن ڪري انهن لاءِ سياسي معاملا جذبن جي اظهار جي موقعي کان وڌيڪ اهميت ناهن رکندا.
اهو سڀ ڪجهه هڪ مخصوص موڊ ۽ ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي پر سياسي حقيقت ان (ماحول) کان ٻاهر هوندي آهي جيڪا عمليت پسند، اخلاقي اصولن کان خالي ۽ ميڪا وليف ( ميڪا ولي جي ٻڌايل) سائنس هوندي آهي. اها سائنس رومان پسندن لاءِ دلچسپي کان خالي هوندي آهي جيستائين اهي ان کي شاعراڻو بڻائين ۽ ان کي جمالياتي/ جذباتي رنگ ڏين. اها يا خيالي (utopion) هوندي آهي يان جو ضد (Dystapiian) جنهن لاءِ يا ته سڪ هجي يا افسوس. ان ڏس ۾ سياسي رومان پسندن جي سموري گفتگو بنيادي طور سندن جذباتي تسڪين لاءِ هوندي آهي.
جتي شمٽ واضح طور چيو ته سياست ۽ رومان پسندي ۾ ڪو ميل ڪونهي اتي فلاسافر اسائيه برلن رومان پسندن جي سياسي اثر کي مڃي به ٿو. رومان پسندي جون پاڙون نالي ڪتاب ۾ عقليت پسندن جي هڪ هٽي ختم ڪرڻ تي رومان پسندن کي ساراهي ٿو. رومان پسندن طرفان غير عقليت اختيار ڪرڻ جي طريقن کي هو پسند ڪري ٿو.
بهرحال رومانوي خيالن جي حق ۾ برلن جا ڏنل دليل گهڻو مطمئن ڪندڙ ناهن، بلڪه حقيقت ۾ اهي تڪراري/ متضاد آهن. برلن مطابق رومان پسنديءَ بطور تحريڪ 18 هين صدي دوران جرمنيءَ ۾ وجود ورتو، ان ڪري ته جرمن ان وقت هارايل ۽ سياسي طور تي بدحال ماڻهن جو وڏو ميڙ هئا. هو لکي ٿو ته جرمن فرانسين جي سماجي، سياسي ۽ فلسفياڻين ڪاميابين جو مقابلو نه پيا ڪري سگهن ۽ پنهنجي اهميت ۽ حيثيت کي ڪمتر سمجهندا هئا. برلن مطابق (جرمنن وٽ) ان وقت رومانويت ”گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿو کٽا“ وارو نمونو هئي.
رومانويت عقليت پسندي ۽ جديديت جي خلاف بغاوت هئي. ڪٿي ته اها جديد سائنس جي ئي خلاف ويندي هئي. يورپ ۾ بطور هڪ تحريڪ جي اها 19 هين صدي دوران عروج تي هئي. ان ذريعي جذباتيت، وجدان، روحانيت، فطرت ۽ (جديديت کان اڳ واري) ماضي جي شان ۾ قصيدا پڙهيا ويندا هئا. اها عقليت پسند فلسفي ۽ جديديت سان ٽڪراءُ ۾ هئي. بهرحال هڪ طرف ان ٽڪراءُ جا نتيجا انقلابي هئا ته ٻئي پاسي انهن وري قدامت پسندي جي هڪڙي نئين شڪل کي جنم ڏنو.
رومانوي خيالن 18 هين صدي جي فرينچ انقلاب کي اڀارڻ ۾ به حصو ادا ڪيو جنهن جو مقصد بادشاهت، نوابي ۽ ملائيت کي ختم ڪرڻ هئو ته انهن ئي خيالن نيشلزم، روايت پسندي ۽ رياست کي به هٿي ڏني. فرانسيسي انقلاب جو رومانوي جذبو هڪ آدرشي صورتحال جو متلاشي هئو، جنهن ۾ ”ڪرپٽ حال“ کي بدلايو وڃي. ان ئي جذبي وري رومان پسندن جو اهڙو حلقو به پيدا ڪيو جيڪو قديم روايتن، روحانيت ۽ ڊڪٽيٽرشپ ذريعي انقلابي انتشار کي ختم ڪرڻ پيو چاهي.
هڪ پاسي رومانويت جي ان تضادن واري خاصيت يوٽو پيائي سوشلزم کي جنم ڏنو ، جنهن کي سائنسي سوشلزم جي باني ڪارل مارڪس رد ڪيو، ٻئي طرف ساڳي رومانويت اٽلي ۽ اسپين ۾ فاشزم ۽ جرمنيءَ ۾ نازي ازم تي وڏا اثر وڌا. اهي ٽيئي انتهاپسند نيشنلزم جي شڪل ۾ هئا جنهن ۾ رياست جي پوڄا ڪرڻي هئي. هڪ مسيحائي ليڊر کي مقدس مڃڻو هئو. ”بي داغ“ ماضي جي تصورن جي ساراهه ذريعي جديديت تي حملي آور ٿيڻو هئو، روايتي مذهب جي جاءِ سياسي مذهب کي ڏيڻي هئي يا وري ڪنهن مقدس آئيڊبالاجي کي جنهن جا پنهنجا قدر ۽ رويا هوندا. تنهن ڪري نيشنلزم جا ڪجهه نمونا رومانوي به هوندا آهن، خاص ڪري اهي جن جو بنياد نسلي يا مذهبي آئيديالاجي تي هوندو آهي. اهي ضروري ناهي ته هميشه آمراڻي رياست کي يا انقلابي اٿل پٿل کي جنم ڏين پر اهي رومانوي رجحانن واري معاشري کي هٿي ضرور ڏيندا آهن. اهڙين رياستن تي رومانوي اثر ايترا طاقتور هوندا آهن جو ڪيترا تنقيدي مفڪر به انهن اثرن کان بچي نه سگهندا آهن. جيتوڻيڪ اهو به ٿي سگهي ٿو ته کين ان جو احساس نه هجي.
مثال طور شمٽ، جيڪو رومانويت مخالف هئو. پر آخر ۾ نازي ازم جي حمايت ڪيائين جيڪو جرمنيءَ جي رومانوي تحريڪ کان متاثر هئو. ان ڏس ۾ هڪ ٻيو، پر هلڪو، مثال پاڪستان جي وڪيلن ۽ ٻين متحرڪ ماڻهن ۾ موجود ”عقلي “ تجزئي ڪارن جو ڏيئي سگهجي ٿو جيڪي پاڪستان جي موجوده چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي حوالي سان مايوسيءَ جو اظهار ڪري رهيا آهن. انهن فائز عيسيٰ جي اڳوڻي متازعه چيف جسٽس عمر عطا بنديال سان جهڳڙي کي رومانوي حيثيت ڏيئي ڇڏي هئي. انهن قاضي فائز کي هڪ اهڙِي هيرو جي حيثيت ڏيئي ڇڏي هئي جيڪو سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار کي ختم ڪري ڇڏيندو. پر جيئن ته رومانويت جو مشڪل ۽ منجهيل حقيقتن سان واسطو ناهي هوندو تنهن ڪري قاضي عيسيٰ جي دور کي اڄ به رومانوي رنگ ۾ ڏٺو وڃي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ سندس مداح مايوس ٿيا آهن. مايوسيءَ جي اها مهل سندس مداحن لاءِ پنهنجي ڏکيائين، ڳڻتين، نراسائين ۽ سڀ کان وڌيڪ پنهنجي جمهوري ۽ اسٽيبلشمينٽ مخالف حيثيت ۽ ڪردار جي اظهار جو موقعو به آهي. اڪثر سياسي معاملن بابت سندن موقف بنيادي طور يوٽو پيائي آهي ۽ سندن ماتم ان جي ابتڙ. سندن تجزين ۾ ڪا به اهڙي مشڪل صورتحال ناهي جتي تلخ حقيقتون ڪر کنيون بيٺيون هجن. حقيقت ۾ اهي اهڙي مشڪل صورتحال کان پري ڀڄندا آهن ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي باري م جيڪو تاثر قائم ڪرڻ چاهيندا آهن سو مشڪل حالتن ۾ زنده رهي نه سگهندو آهي.
پاڪستان ۾ مذهبي ساڄي ڌر وارا رومان پسند، ”نجات ڏياريندڙ“ جو تصور ڪرڻ يا اڃا به انکي پيدا ڪرڻ ۾ خوش ۽ مطمئن ٿيندا آهن. پر افسوس ته ترقي پسند ۽ لبرل پاسي به اهڙا همراهه آهن جيڪي ائين ڪن ٿا. انهن قاضي عيسيٰ کي هڪ اهڙي جج جي صورت ۾ نه ڏٺو جيڪو اهڙي چيف جسٽس خلاف قانوني جنگ وڙهي رهيو هئو، جيڪو کيس ٻاهر ڪڍڻ پيو چاهي. انهن کيس هڪ اهڙي جج جي حيثيت ۾ ڏٺو جيڪو ”سرخي گهوڙي“ تي چڙهي ايندو ۽ سياست ۾ مداخلت ڪندڙ جرنيلن جو خاتمو ڪندو.
اهڙي صوتحال ۾ مايوسي رومانوي رجحانن جو منطقي نتيجو آهي. مايوس حضرات ڪڏهن به پاڻ کي بهادر جمهوريت پسند ۽ آئين پرست طور پيش ڪري نه سگهندا.جيڪڏهن اهي جسٽس عيسيٰ کي عمليت پسند ۽ نتيجي پسند جي حيثيت ۾ ڏسندا رهندا. اهي سندس ڪردار جو مٿاڇرو جائزو ته پيش ڪن ٿا پر مدلل تجزيو نه ٿا ڪن.
(روزاني ڊان جي ٿورن سان)
هڪ مثال پاڪستان جي وڪيلن ۽ ٻين متحرڪ ماڻهن ۾ موجود ”عقلي “ تجزئي ڪارن جو ڏيئي سگهجي ٿو جيڪي پاڪستان جي موجوده چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي حوالي سان مايوسيءَ جو اظهار ڪري رهيا آهن. انهن فائز عيسيٰ جي اڳوڻي متازعه چيف جسٽس عمر عطا بنديال سان جهڳڙي کي رومانوي حيثيت ڏيئي ڇڏي هئي. انهن قاضي فائز کي هڪ اهڙِي هيرو جي حيثيت ڏيئي ڇڏي هئي جيڪو سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار کي ختم ڪري ڇڏيندو.