سنڌ ۾ ٻارن سميت حامله عورتن جي صحت لاءِ ٻه روڪٿام لائق بيماريون ارڙي ۽ رُوبِيلا تيزيءَ سان پکڙجي رهيون آهن ۽ صورتحال ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي۔صحت جي ماهرن ويڪسين نه ڪرائڻ کي ڏوهه قرار ڏنو آهي .سندن چوڻ آهي ته بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ حفاظتي ٽڪا نه لڳرائڻ اهڙي موذي مرضن کي دعوت ڏيڻ جي برابر آهي . صوبائي صحت کاتي موجب سنڌ ۾ هلندڙن سال جنوري کان اڪٽوبر تاين ڪُل رپورٽ ٿيل شڪي ارڙي جا ڪيس 9هزار4سئو 31 مان تصديق ٿيل ڪيس 4هزار 2سئو83 آهن. 5 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن ۾ تصديق ٿيل ڪيس 3,459، (تصديق ٿيل ڪيسن جو 81٪) آهن .جڏهنته 57ٻار هن بيماري سبب فوت ٿيا آهن۔جنهن ۾ 34سئوکان وڌيڪ ٻارڙن جي عمرپنچ سال کان گهٽ آهي .صوبائي صحت جي موجب سنڌ ۾ 9 ڪيس ۾ ٻارڙن جي تصديق ٿي آهي جنهن ۾ بدين 3،ٺٽو ۾ 2،عمرڪورٽ ،حيدرآباد ،سکر ۽ جيڪب ۾ هڪ هڪ جي تصديق ٿي آهي .
ڊاڪٽرن موجب بيماري وڌڻ جو بنيادي سبب ٻارن کي ويڪسين نه لڳڻ، والدين ۾ ڄاڻ جي کوٽ ۽ رپورٽنگ جو ڪمزور نظام آهي۔اسپتالن ۾ روزانو ڪيترائي ٻارارڙي جي علامتن سان ايندا آهن، جن مان اڪثر پنجن سالن کان گهٽ عمر وارا ٻار هوندا آهن۔ٻئي طرف، رُوبِيلا جي رپورٽنگ نسبتاً گهٽ آهي، پر اها بيماري حامله عورتن لاءِ تمام خطرناڪ آهي۔ جيڪڏهن ڪنهن عورت کي حمل جي پهرين ٽن مهينن ۾ روبِيلا وائرس لڳي وڃي ته پيٽ ۾ ٻار کي “پيدائشي نقص” ٿي سگهن ٿا. جهڙوڪ دل جون خرابيون، ٻڌڻ يا ڏسڻ ۾ نقصان وغيره۔ضلعي سطح جا انگ اکر محدود آهن، پر اهو واضح آهي ته ويڪسين نه هجڻ جي صورت ۾ روبِيلا به وڏي خطري ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي۔
صوبائي حڪومت اعلان ڪيو آهي ته جلد ارڙي ۽ رُوبِيلا مهم” شروع ڪئي ويندي، جيڪا 16 نومبر کان 29 نومبر تائين جاري رهندي .جنهن ۾ لڳ ڀڳ 8.2 ملين ٻارن کي ويڪسين ڏني ويندي ۽ 6000 ٽيمون هن ڪم ۾ حصو وٺنديون۔هن مهم دوران ٻارن کي ارڙي ۽ روبِيلا سان گڏ پوليو جا ڦڙا به ڏنا ويندا، پر ان مهم جي ڪاميابي لاءِ والدين جو تعاون ۽ عوامي آگاهي تمام ضروري آهي۔والدين کي گهرجي ته ٻارن کي وقت سر ارڙي ۽ رُوبِيلا ويڪسين لڳائن۔پهريون ٽيڪو عام طور 6 مهينن جي عمر ۾ ۽ ٻيو ٽيڪو 15 مهينن جي عمر ۾ ڏنو ويندو آهي۔حامله عورتن، خاص طور حمل جي پهرين ٽن مهينن ۾، روبِيلا کان بچاءُ لاءِ ڊاڪٽر سان مشاورت ڪن ۽ ضروري ٽيسٽ ڪرائن۔صحتمند خوراڪ، متوازن غذائيت، ويٽامن A سپليمينٽ ۽ صفائي جا اصول اختيار ڪرڻ ضروري آهن۔والدين، استادن، سماجي ڪارڪنن ۽ مذهبي اڳواڻن گڏجي هن ويڪسين مهم ۾ حصو وٺندا ته سنڌ جا ٻار ۽ عورتون ڪيترين خطرناڪ بيمارين کان بچي سگهن ٿا۔سنڌ جي صحت ۽ مستقبل جي حفاظت سڀني جو فرض آهي
صحت جي ماهرن چيو ته ارڙي هڪ وائرل انفيڪشن آهي. جيڪو تيز بخار، کنگهه، نڪ وهڻ، اکيون ڳاڙهيون ٿيڻ ۽ هڪ خارش جو سبب بڻجندو آهي ، ارڙي جي بيماري سنگين پيچيدگين جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ارڙي ۽ روبيلا تمام گهڻيون موتمار بيماريون آهن ۽ هن موذي بيماري خلاف احتياطي تدبيرون ڪيئن اختيار ڪيون وڃن ۽ ويڪسين لڳائڻ جا ڪهڙا فائدا آهن،صحت جي ماهرن چيو ته اسان شروع ۾ 15 سال تائين ٻارڙن کي حفاظتي ٽيڪو لڳائڻ جي مهمم هلائي پر ريسرچ مان معلوم ٿيو ته ننڍي عمر ۾ ئي ٽيڪو لڳايو وڃي .فائدو ٿيو آهي . ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ اميونائيزيشن اينڊ ايپيڊيمڪس ڪنٽرول ايڪٽ 2023 تحت، ٻارن لاءِ ويڪسينيشن ڪرائڻ لازمي آهي ۽ ڪنهن به انڪار يا رڪاوٽ کي سيڪشن 9 تحت سزا جوڳو جرم سمجهيو ويندو.هاڻي فيصلو اسان کي ڪرڻو آهي ته بروقت ويڪسين ۽ آگاهي سان تحفظ ڪريون يا بيماري جو خطرو پاليون.