جڏهن زهران ممداني نيويارڪ شهر جي مينهٽن ضلعي جي هڪ مهانگي ۽ مشهور علائقي "اپر ايسٽ سائيڊ” جي گهٽين ۾ ووٽرن سان ملڻ نڪتو، ته ماڻهو ايترو گڏ ٿي ويا جو کيس هر ڪجهه قدمن تي رڪڻو پئي پيو. ٻه نوجوان ڇوڪريون مرڪندي سندس وٽ آيون ۽ چيائون ته: "اسان توهان کي انسٽاگرام تي فالو ڪريون ٿا.” ممداني انهن جو ٿورائتو ٿيو ۽ پوءِ هڪ نوجوان سان گڏ تصوير به ڪڍرائي. ميڊيا جا ماڻهو به چوڌاري اچي ويا، ڪئميرا جا فليش لڳاتار چمڪندا رهيا. هڪ ٽيڪسي ڊرائيور اچي هٿ ملايو ۽ چيائين: "اسان توهان سان گڏ آهيون!” ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ممداني جي مقابلي ۾ چونڊ وڙهندڙ اينڊريو ڪومو جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ کاٻي ڌر وارن ووٽرن کي چيو ته "ممداني کي ووٽ نه ڏيو. سومر جي شام تي Truth Social تي ٽرمپ لکي ڇڏيو:
"چاهي توهان اينڊريو ڪومو کي پسند ڪيو يا نه ڪيو، توهان وٽ ٻيو ڪو آپشن ناهي. توهان کي کيس ووٽ ڏيڻ گهرجي ۽ اميد رکڻ گهرجي ته هو سٺو ڪم ڪندو. هو قابل آهي، جڏهن ته ممداني نه آهي.”
ماضيءَ ۾ نيويارڪ جو گورنر رهندڙ ڪومو، هاڻي هڪ آزاد اميدوار طور ميئر جي چونڊ وڙهي رهيو آهي. هن ٽرمپ جي حمايت تي تبصرو ڪندي چيو: "هو منهنجي حمايت نٿو ڪري، هو ممداني جي مخالفت ڪري رهيو آهي.” ڪجهه ڏينهن اڳ ٽرمپ اشارو ڏنو ته جيڪڏهن ممداني کٽيو ته نيويارڪ لاءِ رکيل وفاقي فنڊز ۾ ڪٽوتي ٿي سگهي ٿي ٽرمپ چيو: "امڪان گهٽ آهي ته مان نيويارڪ کي وڌيڪ وفاقي فنڊز ڏيان. رڳو ايترو ڏبو جيترو بلڪل ضروري هوندو. هڪ انٽرويو ۾ هن ممداني کي "ڪميونسٽ” قرار ڏيندي چيو: "جيڪڏهن نيويارڪ کي هڪ ڪميونسٽ هلائيندو، ته اتي موڪليل هر ڊالر ضايع ٿيندو.” انهن سڀني ڌمڪين جي باوجود، 34 ورهين جو ممداني سروي ۾ اڳڀرو آهي، ۽ جيڪڏهن هو اڱاري تي ٿيندڙ چونڊ کٽي ٿو، ته هو نيويارڪ جي صديءَ جو سڀ کان جوان ميئر بڻجندو ـ ۽ گڏوگڏ پهريون مسلمان ۽ ڏکڻ ايشيائي ميئر به. ڪجهه مهينا اڳ تائين ممداني جو نالو گهڻو ڄاتل نه هو. هڪ هپهاپ آرٽسٽ ۽ هائوسنگ صلاحڪار کان نيويارڪ اسيمبليءَ جو رڪن، ۽ هاڻي ملڪ جي وڏي شهر جو ميئر اميدوار ـ اهو سفر واقعي متاثر ڪندڙ آهي. نيويارڪ جو ساليانو بجيٽ لڳ ڀڳ 116 ارب ڊالر آهي، ۽ ممداني اهو نظام بدليندي هڪ نئين سياسي سوچ آڻڻ چاهي ٿو. هن سوشل ميڊيا، وائرل وڊيوز ۽ پوڊڪاسٽن وسيلي انهن ووٽرن تائين پهچ حاصل ڪئي آهي جيڪي روايتي سياست کان مايوس ٿي چڪا آهن. پر سوال اهو آهي ته ڇا هو پنهنجا وڏا وعدا پوري ڪري سگهندو؟ ۽ ٽرمپ انتظاميا جي مخالفت جو مقابلو ڪيئن ڪندو، جڏهن ته هن وٽ انتظامي تجربو تمام گهٽ آهي؟
ممداني پاڻ کي "ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ” سڏيندو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته وڏي ڪاروباري طبقي بدران مزدورن ۽ عام ماڻهن جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي ـ بلڪل برني سينڊرز ۽ اليگزينڊريا اوڪاسيو ڪارٽيز وانگر، جن سان هو اسٽيج شيئر ڪري چڪو آهي. ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن نيويارڪ وارا "ڪميونسٽ” چونڊيندا ته وفاقي فنڊز روڪي ڇڏيندو، جنهن تي ممداني جو طنزيه جواب هو: "مان به اسڪينڊينييويا جو سياستدان آهيان، بس منهنجو رنگ ٿورو سانورو آهي.” نيويارڪ ۾ وڌندڙ مهانگائيءَ سبب ماڻهو پريشان آهن، ۽ ممداني جو پيغام انهن لاءِ دلڪش آهي. هن چيو آهي ته:هر ٻار لاءِ چائلڊ ڪيئر مهيا ڪئي ويندي، سبسڊي وارن گهرن جو ڪرايو نه وڌايو ويندو، پبلڪ بسون مفت ڪيون وينديون، ۽ شهر جي انتظام هيٺ گروسري اسٽورن جو نيٽ ورڪ قائم ڪيو ويندو
. اهو پيغام ڪيترن ماڻهن کي وڻيو آهي. هڪ شهري مائيلز ايشٽن، جيڪو هائوسنگ اٽارني آهي، بي بي سي کي چيو: "مان ممداني جي حمايت ڪريان ٿو، ڇو ته هر شيءَ جي قيمت وڌي رهي آهي، ۽ اسان سڀ سستو ۽ انساني شهر چاهيون ٿا.”ممداني چوندو آهي ته سندس منصوبا وڏين ڪارپوريشنن ۽ ارب پتين تي نون ٽيڪسن ذريعي پورا ٿيندا، جن مان هو نَو ارب ڊالر گڏ ٿيڻ جو اندازو ڏئي ٿو. پر ڪي اقتصادي ادارا چون ٿا ته اهو حساب صحيح نه آهي، ۽ اهڙا ٽيڪس لاڳو ڪرڻ لاءِ کيس رياستي اسيمبلي ۽ گورنر ڪيٿي هوچل جي حمايت کپندي. ڪيٿي هوچل جيتري قدر سندس حمايت ڪري ٿي، اوترو ئي هو انڪم ٽيڪس وڌائڻ جي مخالفت به ڪري ٿي. پر هو چاهي ٿي ته صحت جي سهولتن کي سڀني تائين پهچائڻ لاءِ ممداني سان گڏجي ڪم ڪيو وڃي ـ جيڪو ممداني جي سڀ کان وڏن منصوبن مان هڪ آهي. ممداني جڏهن مفت بس سروس جي مهم دوران ايم-57 بس ۾ سفر ڪري رهيو هو، تڏهن هن بي بي سي کي چيو: "هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سمجهون ته جمهوريت جي حفاظت رڳو سخت حڪمران جي مخالفت سان نٿي ٿئي، پر اها تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن جمهوريت مزدور طبقي جون بنيادي گهرجون پوري ڪري سگهي. اهو ڪم نيويارڪ شهر ۾ نٿو ٿي رهيو.” ڪيترا نيويارڪر چون ٿا ته هو ممداني کي ووٽ نه ڏيندا، ڇو ته کيس انتظامي تجربو گهٽ آهي ۽ هن جا مالي منصوبا غير حقيقي لڳن ٿا. پر وال اسٽريٽ ۾ به لهجو نرم ٿيو آهي. جي پي مورگن چيس جي سي اي او جيمي ڊائمن چيو آهي ته جيڪڏهن ممداني کٽي ٿو، ته هو کيس پنهنجو سهارو پيش ڪندو. ريل اسٽيٽ ڊولپر جيفري گورال جو خيال آهي ته ممداني "تجربيڪار نه آهي”، ۽ ڪرائي فريز وارو منصوبو الٽو نقصانڪار ٿي سگهي ٿو، پر هو چائلڊ ڪيئر جي پاليسيءَ جي حمايت ڪري ٿو. پرائمري چونڊ کان پوءِ ممداني پنهنجي نقادن سان مليو، بحث مباحثا ڪيا. 14 آڪٽوبر تي هڪ مشهور جُويلري ڊزائنر اليڪسس بٽار پنهنجي گهر ۾ 40 ڪاروباري اڳواڻن سان گڏ ممداني کي دعوت ڏني اهي سڀ اڳ هن جا مخالف هئا، پر ملاقات کانپوءِ بٽار چيو: "ممداني سڀني کي سٺو لڳو. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هو سوالن جا جواب سمجهي ۽ عزت سان ڏئي ٿو.” 2020 ۾ جڏهن منيسوٽا ۾ پوليس آفيسر جارج فلائيڊ کي قتل ڪيو، تڏهن ممداني به پوليس جي فنڊنگ گھٽائڻ جو حامي هو، پر پوءِ هن اهو موقف ڇڏي معافي گهري ۽ چيو ته هو هاڻي اهو خيال نٿو رکي. هاورڊ وولفسن، جيڪو اڳ ميئر مائيڪل بلومبرگ جو صلاحڪار رهيو آهي، چوندو آهي ته شهر ۾ امن امان ئي اصل امتحان هوندو وولفسن چوي ٿو: "ممداني جي اها ڳالهه سٺي آهي ته هو نقادن سان ملي ٿو، پر اصل ڳالهه اها آهي ته حڪومت ڪيئن هلائيندو. شهرين جي حفاظت ئي ڪاميابي يا ناڪامي جو معيار آهي.” ممداني چيو آهي ته هو پوليس ڪميشنر جيسڪا ٽِش کي برقرار رکندو ۽ هڪ نئون کاتو ٺاهي، جتي غير خطري وارن ڪالن لاءِ هٿياربند پوليس بدران ذهني صحت جي ٽيم موڪلي ويندي. پر هڪ موقف تي هو اڄ به قائم آهي فلسطين جي حمايت ۽ اسرائيل تي تنقيد. ان موقف سبب ڪيترن يهودي ووٽرن ۾ اختلاف پيدا ٿيو آهي. پر ڪيترائي يهودي اڳواڻ، جهڙوڪ شهر جو مالي کاتي جو سربراهه بريڊ لينڊر، سندس ساٿ ڏئي رهيا آهن.
"ممداني هڪ اهڙو اميدوار آهي جيڪو مذهب کان مٿاهون ٿي سڀني جي تحفظ لاءِ ڪم ڪرڻ چاهي ٿو،” لينڊر چيو. اسلاموفوبيا جي لهر به وڌي آهي. ممداني کي پوليس سيڪيورٽي ڏني وئي آهي، ۽ هڪ ٽيڪساس واسي کي دهشتگردي جي ڌمڪين سبب گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪومو جي هڪ ريڊيو شو تي نفرت انگيز تبصرن کانپوءِ ممداني چيو: "مون سوچيو هو ته جيڪڏهن مان نفرت کي نظرانداز ڪندس ته ماڻهو مون کي صرف منهنجي پيغام ذريعي پرکيندا، پر مان غلط هئس. نفرت ڪندڙ باز نٿا اچن.” ممداني جي اها لبرل ڪاميابي شايد قومي سطح تي تڪرار پيدا ڪري. ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جا معتدل اڳواڻ پريشان آهن ته سندس وڌندڙ مقبوليت پارٽي اندر اختلاف وڌائي سگهي ٿي. سينيٽر چڪ شومر اڃا تائين سندس حمايت نه ڪئي آهي، جڏهن ته هائوس جي اڳواڻ جيفريز به صرف آخري گهڙيءَ ۾ کيس سپورٽ ڏني. ڪجهه ڊيموڪريٽ چون ٿا ته ممداني جهڙا "سوشلسٽ” ريپبلڪنن لاءِ هٿيار بڻجي سگهن ٿا، جيئن 2024ع ۾ ڪيوبا ۽ وينزويلا جي ووٽرن ۾ ٿيو هو. پر ممداني پاڻ تي يقين رکي ٿو. اپر ايسٽ سائيڊ ۾ هڪ مهم دوران هن بي بي سي کي چيو: "مون کي خبر آهي ته مخالفت ضرور ٿيندي، پر منهنجي پٺيان جيڪا عوامي تحريڪ آهي، اها سڀني کي شڪست ڏيندي.