پاڪستان ۽ خصوصن سنڌ جي معيشت جو دارو مدار ستر سيڪڙو زراعت تي آهي. سنڌين جي آبادي گهڻي ڀاڱي ٻهراڙين تي ٻڌل آهي، جنهن جي گذر سفر جو ذريعو زراعت آهي، تنهن ڪري ٻهراڙيءَ جي ماڻهن جو اٿڻ، ويهڻ، پيٽ گذر، شاديون، غميون، لٽو ڪپڙو، بيماريون بڙيون، ٻارن جون پڙهايون ۽ انهن جي بهتر پالڻا وغيره به زراعت تي ئي آهي. هونئن ته سنڌ ۾ جتي وڏيون وڏيون جاگيرون ۽ زمينداريون آهن اُتي عام ماڻهو به گهڻي قدر پنج ڏهه جريبن کان وٺي پنجاهه ۽ سو جريبن تائين زمين رکندڙ آهن، ان کان پوءِ وڏيون وڏيون جاگيرون ۽ زمينداريون شروع ٿين ٿيون.
جيڪڏهن سنڌي ماڻهن وٽ ٻهراڙين ۾ اهي ٿورا ٽڪا زمين جا ٽڪرا نه هجن ها ته اسان وٽ جيڪا بک، بيروزگاري، بدحالي ۽ گذر سفر جي وسيلن جي کوٽ آهي ته ان صورت ۾ اسان جو معاشرو بک ۽ بدحاليءَ کي منهن ڏيندي ڏيندي وڏن حادثن جو شڪار ٿئي ها. ٿوري ٿوري زمين رکندڙ هاري ماڻهو پنهنجا ٻه ٽي ايڪڙ زمين جا کيڙي پنهنجي سڄي سال جو ڏکيو سکيو وقت ڪڍن ٿا. فصلن جي اگهن ۽ قيمتن جي گهٽ وڌائي جو وڏن زميندارن ۽ وڏيرن تي ڪو خاص فرق ۽ اثر نٿو ٿئي ڇو ته انهن کي هاري ڪندڙ هارين وٽان جيڪو ٿورو ٿورو اناج ملندو آهي ته ان مان انهن جو اناج تمام گهڻو گڏ ٿي ويندو آهي ۽ ٻيو ته انهن کي ڦرلٽ ڪرڻ جا ٻيا به گهڻا ئي ذريعا آهن جن مان انهن جا ٺٺ ٿيو پون، ڏچي ۾ آهن ته عام ماڻهو ۽ گهٽ زمين رکندڙ هاري.
جيتوڻيڪ حڪمرانن طرفان گهڻي وقت کان زراعت تي ڪو خاص خيال نه پيو ڏنو وڃي، پر گذريل ٻن ٽن سالن کان زراعت جي شعبي ۾ جيڪا تباهي آندي وئي آهي تنهن عام ماڻهن جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون آهن انهن حڪومتي نا اهلين جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.
(1) حڪومت طرفان هارين لاءِ ڪوبه مالي پيڪيج لون وغيره جو سولو سسٽم موجود ناهي، فصل گهٽ ٿيڻ يا اگهه گهٽ ملڻ جي صورت ۾ حڪومت جيڪڏهن هارين جي مالي مدد ڪري تنهن جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ۽ ان جو ڪوبه مثال سامهون نه آيو آهي. زرعي بينڪ يا ٻين ادارن جي طرفان ملندڙ زرعي قرضن بابت ڪابه آسان پاليسي ٺهيل ناهي ۽ جيڪڏهن آهي به ته صرف وڏن زميندارن ۽ وڏيرن لاءِ باقي چار پنج ياڏهه جريب رکندڙ هاري ماڻهن لاءِ سرڪاري سهوليت جي ڪابه پاليسي ٺهيل ناهي.
(2) سرڪاري سطح تي فصلن جا اگهه مقرر ڪونه پيا ٿين، اڳ ۾ صرف ڪڻڪ ۽ ڪمند جي فصلن جو سرڪاري طور تي اگهه مقرر ٿيندو هو، پر هاڻي صرف سرمايه دارن جي سهوليت لاءِ صرف ڪمند جو اگهه مقرر ٿئي ٿو، باقي گذريل ٻن ٽن سالن کان ڪڻڪ جو اگهه مقرر ئي ڪونه ٿو ٿئي، جنهن ڪري غريب هاري ماڻهو واپاري ڪارخانيدارن هٿان بي رحميءَ سان ڦر جي رهيا آهن ۽ هنن کي ڪڻڪ جا في مڻ جا ارڙهن کان ٻاويهه سو روپين تائين ملن ٿا. هتي ظلم جي ڳالهه اها آهي ته سارين جو سرڪاري اگهه شروع کان ئي مقرر ڪونه ٿيندو ۽ سرڪاري سطح تي سارين جي خريداري به ڪون ٿيندي آهي، نتيجي ۾ غريب هاري مڊل ۾ (جيڪو هاريءَ کان سستو ان خريد ڪري ڪارخاني تائين پهچائي ٿو) ۽ ڪارخانيدارن هٿان ڦرجي ويندا آهن. مثال طور تي گذريل ٻن سالن کان آبادگار ساريون ارڙهن کان ٻاويهه سو في مڻ تائين کپائيندا آيا آهن ۽ بعد ۾ ڪارخانيدار واپاري چانورن جو اٽو چار هزار کان مٿي ۽ چانورن جو پنجويهه ڪلو جو ڪٽو ستن کان نَوَ هزار روپين ۾ کپائيندا رهيا آهن.
(3) زرعي ڀاڻ ۽ زرعي ڪيميائي دوائن جي قيمتن ۽ ڪوالٽيءَ تي ڪوبه ڪنٽرول ناهي، ان سلسلي ۾ حڪومت ۽ زرعي ادارا پنهنجي کائڻ پيئڻ جي چڪر ۾ خاموش رهندا آهن. ڀاڻ ۽ دوائن جو ڪمپنيون هر سال پاڻ مرادو اگهه وڌائينديون رهنديون آهن ۽ هنن کان ڪوبه پڇڻ وارو نه هوندو آهي، ڇو ته انهن پراڊڪٽس جي ٺاهڻ وارا ڪارخانا سرمائيندارن جا ئي هوندا آهن، نمبر ٻيو ته بازار ۾ نقلي ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جو وڪرو به عام آهي، جنهن تي به سرڪار جو نه ڪو ڪنٽرول نه آهي.
(4) فصل کي زمين کان منڊيءَ تائين پهچائڻ لاءِ ڪوبه رستو يا ته ٺهيل ئي ناهي ۽ جيڪڏهن رستا ٺهيل به آهن ته انهن جي حالت انتهائي زبون آهي انفرسٽڪچر سڄي سنڌ جو تباهه ٿيل آهي پر ٻهراڙين جي روڊ رستن جي صورتحال ويتر خراب ٿيل آهي. جنهن ڪري آباد گارن کي منڊيءَ يا ڪارخانن تائين اناج کي پهچائڻ ۾ هڪ ته تڪليف ٿئي ٿي ۽ ٻيو ته ڪرايو به وڌيڪ لڳي وڃي ٿو.
(5) پاڻيءَ جو به سخت بحران آهي، هونئن پانيءَ جي سلسلي ۾ سموري سنڌ انتهائي گهڻو سوڪهڙي جو شڪار آهي ۽ پاڻيءَ جي سخت کوٽ آهي، ليڪن سارين جو آبادگار خاص طور تي پاڻيءَ جي گهڻي کوٽ جو شڪار ٿئي ٿو. سارين جي فصل کي رونبي لاءِ پاڻيءَ جي ضرورت پوي ٿي ۽ جڏهن رونبو ٿي ويندو آهي ته لاب ڪرڻ تائين ٽن کان چئن انچن تائين پاڻيءَ جو بيهڻ فصل لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي، پاڻي نه ملڻ جي ڪري سارين جي پيداوار خطرناڪ حد تائين گهٽجي ويندي آهي. اسان وٽ ساريون پوکندڙ هاري عمومن سڪل سارين جو ٻيجار هٿ ۾ کنيو روڊن تي مظاهرا ڪندي نظر ايندا آهن پوءِ به هن کي پورو پاڻي نه ملندو آهي، نتجي هو سارين جي پيداوار ۾ تمام گهڻو ڌڪ کائي ويندا آهن ڇو ته بنا پاڻيءَ جي هنن جو فصل بري طرح سان متاثر ٿيندو آهي.
في ايڪڙ تي خرچ لڳ پلڳ سوا لک اچي ويو، هاڻي ٻڌايو ته هاري ٿلهي ليکي، پنهنجي زمين ۾ سارين جي فصل تي هڪ لک جوڏهن هزار خرچ ڪري ٿو، خرچ جي ليکي کي جيڪڏهن سهو ٻيو ته قدرتي آفتن جھڙوڪ تيز هوائن ۽ اوچتو وڌيل گرمي وعيره جي ڪري فصل تي منفي اثر پوندو آهي، تنهنڪري جيت مار دوائن ۽ زنڪ وغيره جو مقدار وڌائڻو پوندو آهي. جڏهن آبادگار ايترو خرچ ڪري اناج کي منڊيءَ تائين پهچائي ٿو ته کيس سڪل سارين جا في مڻ تي ٻن هزار کان ٻاويهه سو روپين تائين ملن ٿا. جيڪڏهن 70 مڻ في ايڪڙ تي پيداوار ملي ٿي ته حساب ٿيندو 154000 روپيه آيل خرچ 1،4000 روپيه معني ته هاريءَ کي سڄي سال ۾ في ايڪڙ تي بچيو صرف چاليهه هزار جيڪو به في ايڪڙ 70 مڻ کڻڻ تي آهي نه ته ڪمومن هاري 40 کان 50 مڻ في ايڪڙ تي کڻن ٿا. انهن چاليهه هزارن مان غريب هاري ڇهن ستن مهينن ۾ پنهنجي زندگي گذارڻ جون سڀ مزوريون ڪيئن پوريون ڪندو؟ ان کان علاوه هاريءَ کي ٿڏي تي ئي ريبع جي موسم ۾ ڪڻڪ جي لاڀ تائين لڳ ڀڳ سوا لک روپيا خرچ جي لاءِ کپن، جيڪو فصل اپريل ۾ تيار ٿيندو آهي.
هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هاري سارين مان ملندڙ چاليهه هزار روپين مان اپريل تائين پنهنجن خرچن جي ڪئين پورت ڪندو؟ جڏهن ته سارين جي پوک تي ستن مهينن کان ٿيندڙ خرچ جو بار به هن تي اچي چڪو هوندو آهي. غور ڪريو ته مٿي لکيل انهن سڀني ڳالهين ۽ مسئلن جي ڪري هڪ غريب هاري پنهنجي زندگي ڪيئن گذريندو هوندو.
ساربال علائقن جا ٻيا مسئلا:
- سارين جي فصل کي تمام گهڻي پاڻيءَ جي ضرورت پوندي آهي هن جي ٻوٽي کي پاڻيءَ ۾ ٻيٺل ٻوٽو (Aquatic Plant) چوندا آهن يعني جيڪو ٻوٽو مسلسل پاڻيءَ ۾ بيٺل هجي سارين جي فصل ۾ رونبي کان وٺي ٽن کان چئن انچن تائين پاڻي بيهاريو آهي جيڪو لاڀ يعني فصل ڪٽجڻ کان ڏهه ڏينهن اڳ بند ڪيو ويندو آهي، معنيٰ ته تقريبن چار مهينا لڳاتار پاڻي زمين ۾ بيٺل هوندو آهي، نتيجي ۾ پاڻي جي ليول (Water Level) تمام گهڻي وڌي ويندي آهي جنهن ڪري ان مند (خريف) جا ٻيا فصل وڌيل پاڻيءَ جي سٽ سهي نه سگهندا آهن، تنهنڪري خريف جو ٻيا ڪوبه فصل يا باغ وغيره نه ٿي سگهندا آهن ڇو ته انهن کي زمين تي وڌيڪ پاڻي نه کپندو آهي، ان ڪري ٿيندا ئي ناهن ۽ جيڪڏهن ٿيندا به ته مزي جا نه ٿيندا يا سڙي ويندا.
- ان کان علاوه سارين جي فصل وران علائقن ۾ ٻيا به لوڪل قسم جا گهڻا ئي مسئلا آهن، جنهن ۾ وڌيل گرمي پد به اچي وڃي ٿو.هن ۾ گرميءَ جو تناسب ويتر وڌيل رهندو آهي. ساريون جڏهن تيلو ٺاهينديون آهن ۽ پوکيءَ کي ڏيڍ مهينو کن ٿيل هوندو آهي ته انهن مان هڪ گئس امونيا (Ammonia) نالي خارج ٿيندي آهي، جيڪا زمين جي سطح کان پنجاهه فوٽ کن مٿي هڪ ڄار (تهه) ٺاهي بيهي رهندي آهي، جيڪا مٿان کان لڳندڙ هوا کي هيٺ لهڻ نه ڏيندي آهي جنهن ڪري هيٺ هوا جو وڏو داٻ ٺهندو آهي ۽ ٻوسٽ ٿي ويندو آهي جنهن کي اتر سنڌ ۾ ٻوسٽ چوندا آهن ۽ اُها ٻُٽ هيٺ ماحول ۾ ساهه ڪڍڻ جھڙي گرمي پيدا ڪندي آهي ٻين ملڪن ۾ امونيا فري سارين جون جنسون ايجاد ڪرڻ تي ڪم هلي رهيو آهي پر اسان وٽ ان مسئلي تي في الحال ڪابه پيش قدمي نه ٿي رهي آهي، حڪومت جو ته ڪوبه ڌيان ناهي پر زراعت کاتو به چپ آهي.
- سارين جي فصل ۾ مسلسل پاڻي بيهڻ جي ڪري ۽ فاسفروس (DAP) ڀاڻن جي لڳاتار استعمال جي ڪري زمين سخت سمينٽ جھڙي ٿي ويندي آهي. اهو اندازو لڳايو پيو وڃي ته جيڪڏهن ساندهه اها صورتحال رهي ته اسان جو زمينون ايندڙ سالن ۾ سخت پٿر جھڙيون ٿي وينديون ۽ ڪا خاص پيداوار ڏيڻ جي اهل نه رهنديون، جيڪو به هڪ وڏو حادثو ۽ مسئلو آهي.
- سارين جي فصل پوکجندڙ علائقن ۾ وڌيڪ پاڻي بيهڻ جي ڪري جاين ۽ جڳهين کي وڏو نقصان پهچندو آهي بيٺل پاڻي سڪ ۽ آلاڻ پيدا ڪري جڳهين جي ڀتن ۽ ڇتين کي آلو ڪري آهستي آهستي کين تباهه برباد ڪري ڇڏيندو آهي.
اسان اهو ذڪر ڪري چڪا آهيون ته سارين جو آبادگار ڪيئن ڪيئن اگهه کان وٺي ٻين وڏن وڏن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. اُتي ساريون خريد ڪندڙ واپاري ۽ ڪارخانيدار آبادگارن کان ڦرلٽ ڪري پنهنجي حياتي ڪيتري نه آرام آسائش ۽ عياشي سان گذاري رهيا آهن. هو آبادگارن کان ڪوڏين جي اگهه تي اناج خريد ڪن ٿا ۽ بعد ۾ اهو سون جي اگهه ۾ کپائي مال ٺاهن ٿا، جنهن جا ٻه خاص مثال هيٺ ڏجن ٿا.
1) ايري ڇهه (IR6) يا ٻيون اوپي ۽ هائبرڊ جنسون اڙهن کان ٻاويهه سون ۾ خريد ڪن ٿا، انهن جو چانور عمدو ٿيندو آهي جيڪو اڪثر ڪري چانورن جي اٽي طورتي استعمال ٿيندو آهي ۽ اهو اٽو اڄڪلهه پنجيتالهه سو رپين ۾ کپي رهيو آهي.
2) کائڻ وارن چانورن جي طور تي استعمال ٿيندڙ ساريون اٺاويهه سو روپين ۾ في مڻ خريد ڪيون ويون، انهن مان سرمائيدار ڪيترو ڪمايو تنهن جو اندازو هن حساب ڪتاب مان لڳائي سگهجي ٿو، سارين جي في مڻ چانورن مان تقريبن 30 ڪلو صاف چانور نڪرندا آهن باقي 10 ڪلو ڪٽي، ڏارو ۽ توتر نڪرندا آهن ان مان به سرمايه دار جيڪو ڪمائي ٿو اهو هن ريت آهي توتڙ سترهن سو روپيا مڻ، ڪٽي ٻٽيهه سو روپيا مڻ ۽ ڏارو پنجٽيهه سو روپيا مڻ. باقي چانورن جو پنجويهه ڪلن (25 KGS) جو ڪٽو 7 کان 9 هزار ڏيهه هزار روپين ۾ وڪيا ويا، جڏهن ته ساريون اٺاويهه سو روپين ۾ غريب هاريءَ کان خريد ڪيون ويون. ان سلسلي ۾ سمجھڻ گهرجي ته ٻي ڪابه آمدني نه رکندڙ هاري ڪيتري نه ظلم ۾ آهي ۽ سرمايه دار ڪارخانيدار ڪيترن عياشي ۾ آهن.