بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين جو چوڻ آهي ته واشنگٽن ايران تي حملي کان اڳ چين کي اڳواٽ اطلاع نه ڏنو هو، بيجنگ تازي ڇڪتاڻ تي سمورين ڌرين کان فوجي ڪاررائيون روڪڻ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
سومر ڏينهن پريس بريفنگ دوران چيني پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ”مان اهو چئي سگهان ٿي ته چين کي اڳواٽ اطلاع نه ڏني وئي هئي.“
ترجمان چيو ته آمريڪا ايران خلاف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجازت کانسواءِ فوجي ڪارروائيون شروع ڪيون، جيڪا بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.
هن چيو ته هي ويڙهه پاڙيسري ملڪن کي متاثر ڪري رهي آهي، جنهن بابت چين کي سخت ڳڻتي آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته سمورن نار وارن ملڪن جي علائقائي سالميت، خودمختياري ۽ سلامتي جو مڪمل احترام ڪيو وڃي.
هن چيو ته وچ اوڀر ۾ استحڪام ۽ ڳالهين ذريعي مسئلن جي حل لاءِ چين عالمي برادري سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
ان موقعي تي هڪ صحافي ترجمان کان سوال ڪيو ته “ ڇا ايران ۽ چين وچ ۾ سپر سونڪ اينٽي شپ ميزائل سي ايم 302 جو معاهدو ٿيڻ وارو آهي؟ جنهن ج هن ترديد ڪئي.