ڌرتي تي ستر سيڪڙو موجود پاڻي جي گهيري ۾ خشڪ زمين ئي انساني جياپي جو سبب ۽ آبادي جو مرڪز آهي، جيڪا ميداني علائقن، ريگستانن ۽ جابلو علائقن ۾ ورهايل آھي. جتي ميداني علائقا زرخيزي ۽ باغ بهاری جو مکيه سبب آهن اتي جابلو علائقا به قدرتي حسناڪين ۽ معدنيات سان مالا مال آهن، سنڌ ۾ کير ٿر توڙي ڪاڇي جو جابلو سلسلو ۽ ڪارونجهر جو سلسلو اهم جابلو علائقا آهن. ڪارونجهر جبل ٻين جابلو سلسلن کان منفرد ان ڪري به آهي جو ان جي هڪ پاسي وسيع ريگستان ۽ ٻئي پاسي نه کٽندڙ رڻ ڪڇ واقع آهي جڏهن ته کير ٿر ۽ ڪاڇي جي ٻين جابلو ٽڪرين جا سلسلا بلوچستان جي جبلن سان ڳنڍيل آهن. ڪارونجهر جبل سڄو گرينائيٽ پٿر جي ٽڪرين تي ٻڌل آهي. جبل جي قطارن جي ڊيگهه 19 ڪلو ميٽر آهي ۽ اوچائي 305 ميٽر آهي.
ڪارونجهر جبل تاريخي طور تي جين مذهب جو مکيه مرڪز پڻ رهيو آهي ان سان گڏو گڏ هتي هندن جي تيرٿ جا آستان پڻ موجود آهن، جنهن ۾ انچليسور، ساڙڌڙو، گئو مکي، ڀيم ڪن، جهرڻو، ٻائن جو ٻيسڻو، ۽ چندن گڊ وغيره. اهي مندر اڄ به هندو ڌرم جي عبادت ۽ محبت جا مرڪز آهن، ڪارونجهر صرف پٿر جو جبل ئي نه پر هزارين انسانن، جانورن، پکين ۽ جهنگلي جيوت جي جياپي جو سبب پڻ آهي، ڪارونجهر جبل جي ڪري اتي جي آب ھوا صاف شفاف آهي، اتي جو پيئڻ جو پاڻي مٺو آهي، ڪارونجهر فطرت جو حسين شاهڪار آهي جنهن ۾ گگرال سميت ڪيتريون ئي قيمتي جڙي ٻوٽيون وڏي تعداد ۾ سياحن کي پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿيون.
ڪارونجھر جبل جي اھا اميري ڪافي لالچي ۽ فطرت دشمن ڌرين جي توجهه جو مرڪز پڻ ٿيندي رھي آھي. جڏهن به انسانن فطرت سان هٿ چراند ڪئي آهي تڏهن ان جا تمام خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻا پيا آهن، گذريل چند سالن کان مختلف حيلن بھانن سان حڪومتي توڙي خانگي ڌرين پاران ڪارونجھر جي مختلف حصن جي ڪٽائي ۽ وڪرو ڪرڻ معمول بڻجي ويو آھي، تازو کارسر کان به ڪٽائي ڪئي وئي آهي، جنهن تي نه صرف ٿر پر سڄي سنڌ وقتن به وقتن سراپا احتجاج رهي آهي، هن وقت به ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف سڄي سنڌ متحد آهي.
ان حقيقت کي پٺي نه ٿي ڏي ڏئي سگھجي ته اهي قومون زوال پذير ٿي وينديون آهن جيڪي پنهنجي اثاثن جي حفاظت نه ڪري سگهنديون آهن، سمنڊ، دريا، ٻيلا، پاڻي ۽ جبل اسان جا قيمتي اثاثا آهن جن تان دستبردار ٿيڻ يا لاتعلق ٿيڻ پنھنجي وجود جي ميسارڻ ۾ پنھنجو حصو به شامل ڪرڻ برابر ٿيندو، جڏهن به قوم هڪ نقطي تي گڏجي هڪ آواز ٿي گونجي آهي ته سوڀاري ٿي آهي ان کي دنيا جي ڪا طاقت جهڪائي نه سگهي آهي ان جو مثال ون يونٽ کان وٺي ڪالا باغ ڊيم تائين ڪيترائي سنڌ دشمن منصوبا رد ٿيا آهن، انھن جدوجھدن ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت به پاڻ ملهايو آهي، اڄ به سنڌي ادبي سنگت ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف بيٺل آهي، جنهن 18 آگسٽ تي سڄي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ۽ هاڻي 15 سيپٽمبر تي ننگرپارڪر ۾ ڪارونجهر جي ھنج ۾ ڪارونجهر بچايو ريلي ۽ مشاعري جو سڏ سڄي سنڌ کي ڏنو ويو آهي نه صرف اديب، شاعر، صحافي، سياسي ورڪر پر سموري عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي سنڌي ادبي سنگت جي سڏ کي مان ڏيندي ڀرپور شرڪت ڪن، جيئن اسان پنهنجي وطن جي وسيلن جي نيلامي خلاف ڪارآمد احتجاجي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيون، جي اڄ اسان خاموش رهياسين ته اسان جو سڀاڻ انتهائي ڀيانڪ هوندو اسان پنهنجي وطن ۾ بي وطن ٿي وينداسين پوءِ نه ڪارونجهر هوندو نه مور هوندا نه ئي اسان جي اجهن کي ڪا اوٽ هوندي، نه ڪولهڻيون راسوڙا ڳائينديون نه ئي ڌنار بانسري وڄائيندا نه ڪوئل جون ڪوڪون هونديون نه مورن جا ٽهوڪا هوندا نه هاري هر ڪاهي همرچو ڳائيندا، نه چڀڙن جي خوشبو هوندي نه ڪنڊين ۾ سنگريون هونديون نه ئي پٽن تي ڪاچريون سڪنديون نه ماٽين ۾ پيرون جا ڪوڪڙا هوندا نه مال جون گھنڊڻيون وڄنديون. هر طرف بک بيروزگاري بدحالي هوندي خالي ميدان هوندو مئل جانورن جي ھڏن جا پڃرا هوندا اهڙو وڍ ڏيندڙ منظر ڏسڻ کان اڳ اسان سڀ هڪ ٻئي سان اختلاف ختم ڪري پنهنجي وطن جي وسيلن کي مقدم سمجهي ان لاءِ گڏيل حڪمت عملي سان اڳتي اچون اسان سڀن تي فرض آهي ته پنهنجي ايندڙ نسل جي بقا لاءِ پاڻ پتوڙيون.
جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته ڪورٽ هن وقت جبل جي ڪٽائي روڪڻ جو فيصلو به ڏنو آهي پر جبل جي ڪٽائي وارو خدشو هر وقت اسان جي مٿان تلوار وانگر ٽنگيل ضرور آهي جيڪو ڪنهن به وقت اسان جي ڪنڌ تي ڪري سگهي ٿو. اسان حڪمرانن تي انڌو ڀروسو به نٿا ڪري سگهون، ڇو ته ڪارونجهر صرف هڪ جبل نه پر قيمتي معدنيات جو خزانو آهي جنهن جي وقت سر بچاءُ لاءِ اسان کي هر وقت چوڪس رهڻو پوندو پر امن ريلين ۽ احتجاج کان وٺي مزاحمت تائين به وڃڻو پيو ته وينداسين پر پنهنجي وسيلن تان ڪنهن به صورت م هٿ نه کڻنداسين
ون يونٽ کان وٺي ڪالا باغ ڊيم تائين ڪيترائي سنڌ دشمن منصوبا رد ٿيا آهن، انھن جدوجھدن ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت به پاڻ ملهايو آهي، اڄ به سنڌي ادبي سنگت ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف بيٺل آهي، جنهن 18 آگسٽ تي سڄي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ۽ هاڻي 15 سيپٽمبر تي ننگرپارڪر ۾ ڪارونجهر جي ھنج ۾ ڪارونجهر بچايو ريلي ۽ مشاعري جو سڏ سڄي سنڌ کي ڏنو ويو آهي