پي ٽي آءِ اڳواڻن جون گرفتاريون: 9 مئي کي سياسي چالبازين لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي

تحرير: زاهد حسين

 اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف  پاران  طاقت جي  تازي مظاهري کانپوءِ پارٽي جي سينيئر اڳواڻن جي گرفتارين جي نئين لهر ياد ڏياري ٿي ھن وقت  ملڪ  ڪيتري قدر  سياسي ڇڪتاڻ جي ور  چڙھيل آهي.هاڻي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو اوچتو نه ٿيو آهي، پر ڪجهه عرصي کان ان تي ڪم ٿي رھيو ھو، ٻنهي ڌرين کي خبر هئي ته اهو ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي سنگين رخ اختيار ڪندو. 8 سيپٽمبر جي ريلي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ڪيل سخت  تقريرن سبب مهيا ڪيو.

اسلام آباد ۾ عوامي ميڙاڪن کي ”ريگيو ليٽ“  ڪرڻ لاءِ هڪ تڪراري قانون، جيڪو  جلسي کان ڪجهھ ڏينھن اڳ تڪڙ ۾ منظور ڪيو ويو ،ان کي ھاڻي ڪريڪ ڊائون جي لاءِ ڪتب آندو پيو وڃي. پر هاڻي معاملو لفظن جي جنگ کان اڳتي نڪري چڪو آهي ۽ اھو اتي ئي نه رڪجندو. اپوزيشن جي رستي ۾ وڌل رنڊڪن جي باوجود،ان جي پاور شو  حڪمران اتحاد کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ جي اعليٰ اڳواڻن جون گرفتاريون انتظاميا جي وڌندڙ مايوسي جي عڪاسي ڪن ٿيون.

پي ٽي آءِ جي ڪجهه ميمبرن کي پارليامينٽ لاجز  جي اندر کان  گرفتار ڪيو ويو، جيڪو واضح طور تي  ايوان جي ضابطن ۽ تقدس جي پائمالي آھي. اھو تھ واضح  آهي ته پوليس ڪڏھن بھ اختيارين جي حڪم کانسواءِ پارليامينٽ جي عمارت ۾ داخل نٿي ٿي سگهي. بچاءَ واري وزير ان قدم جو دفاع ڪندي چيو ته اهو پي ٽي آءِ اڳواڻن جي چڙڏياريندڙ  تقريرن سبب  ٿيو آھي.

وفاقي ڪابينا جي هڪ سينيئر وزير جي پاران غيرقانوني قدم جو دفاع ڪرڻ کان وڌيڪ  کل جھڙي ٻي ڪا ٿي نھ ٿي سگھي.تحويل  ۾ ورتل ڪجهه ماڻهن تي دهشتگردي روڪ  جي قانون تحت  الزام لاڳو ڪيا ويا آهن. اسان جي پارلياماني تاريخ ۾ اهڙي ريت قانون جي ڀڃڪڙي جو ڪو مثال نه ٿو ملي.پوليس کي پارلياماني حدن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏئي حڪومت  جمھوري سياسي عمل کي تمام وڏو ڌڪ رسايو آھي.جڏھن تھ غير آئين کان مٿاھين قوتن کي  مضبوط ڪيو آھي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پي ٽي آءِ جي گرفتار ميمبرن کي آزاد ڪرڻ جو جيڪو حڪم جاري ڪيو ويو آھي،اھو  تعريف جوڳو قدم آهي پر اھو ايوان جي تقدس کي بحال ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهي. اهو  انهن ماڻھن  خلاف ڪجهه نه ٿو ڪري جن جي حڪم تي اهڙي ڪارروائي ڪئي وئي.

هن هفتي جي واقعن سان ملڪ ۾ اڳي کان وڌيڪ  وڇوٽي پئدا ٿي وئي آهي.سڀني کان وڌيڪ ڳڻتي واري ڳالھھ  خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي مبينھ طور  اسلام آباد ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين روڪي رکڻ جون خبرون  هيون. اهڙيون ڪارروايون ان صوبي ۾ عدم استحڪام کي وڌيڪ ڀڙڪائي سگهن ٿيون جتي صورتحال اڳ ۾ ئي مثالي ناهي. اهو عمل  قوم جي اتحاد لاءِ منفي پاسو  ثابت ٿيندو.ھي سڀ کان وڏي مخالف ڌر لاءِ به امتحان جو وقت آهي، جيڪا اندروني اختلافن کي  منهن ڏئي رهي آهي. پارٽيءَ کي بي شڪ  بي پناھ عوامي  حمايت حاصل آهي پر ان جي باوجود پارٽيءَ جي چارج سنڀالڻ لاءِ ڪا مربوط قيادت نه آهي.

خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير ۽ ڪجهه ٻين ميمبرن  پاران  مڇرائيندڙ  تقريرن پي ٽي آءِ  جي مقصد کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. اهڙي طرح جي نفرت ڀري  بيان بازي پارٽيءَ جي اندر ڏار جو سبب بڻجندي.ھي پارٽي اڃا تائين رڳو ان ڪري بيٺي آهي ڇو ته ان  جي سپورٽرز جو ڌيان  جيل ۾ قيد پارٽي جي اڳواڻ تي مرڪوز آهن. بھرحال عمران خان جي جلد جيل مان نڪرڻ جا امڪان تمام گهٽ آهن، اهڙي صورتحال ۾ پارٽي جي صفن ۾ بيچيني پکڙجي رهي آهي.

رڳو قانوني جنگ ئي نھ  بلڪھ اسٽيبلشمينٽ سان ويڙھ جي ڪري عمران خان اڃا تائين جيل ۾ قيد آهي.اڳوڻي وزيراعظم تي  9 مئي جي ُپرتشدد فسادن ۽ فوجي تنصيبات تي حملن  جي مبينھ  ماسٽر مائينڊنگ  ھئڻ جي  الزام ۾ فوجي عدالت ۾ ڪيس ھلائڻ جون ڳاليھون بھ ٻڌجن پيون. ڪجهه وفاقي وزيرن جي بيانن ان امڪان ڏانهن اشارو ڪيو،جنھن سان پکڙيل ڳالھين کي ھٿي ملي آھي.

ٻئي طرف آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي گرفتاري ۽ ٽرائل به ان خدشن کي مضبوط ڪري ڇڏيو آهي ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن جي چوڌاري گهيرو تنگ ٿيندو پيو وڃي. ميڊيا  جا ڪجھه حصا اھو رپورٽ ڪري رهيا آهن ته اڳوڻو آءِ ايس آءِ سربراهه مبينه طور تي 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث هو. اها بي شڪ ھڪ ڳڻتي واري  صورتحال آهي.

عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ شروع ٿيندڙ 9 مئي جي فسادن کي 16 مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي. ان کي GHQ راولپنڊي ۽ ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور سميت ملڪ جي مختلف فوجي تنصيبات تي منظم ۽ مربوط  حملي جي طور تي ڏٺو ويو آھي. ان ۾ ڪا ٻي راءِ نھ آھي تھ  حساس سيڪيورٽي تنصيبات تي حملو هڪ سنگين معاملو آهي. پر ڏٺو وڃي تھ گمان ٿئي ٿو ته جھڙو ڪر  9 مئي جي واقعن کي سياسي چال بازين جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.

پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي وڏي انگ کي گرفتار ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب واقعي سان تعلق جي الزام ۾  ٻين فردن خلاف بھ ايڪشن ورتو ويو.جنھن ۾ 2 ۽ 3 اسٽار آفيسرز بھ شامل  آهن. پر اڃا تائين ڪنهن کي به سزا نه ملي آهي. جڏهن ته تحويل ۾ ورتل ڪيترن فردن کي بعد ۾ عدالتن آزاد ڪري ڇڏيو.

مزي جي ڳالهه اها آهي ته قومي سلامتي جي ايتري  اهم معاملي تي ڪڏهن به عوامي سطح جي ڪا  انڪوائري نه ڪئي وئي آهي،پر  ان باوجود 9 مئي وارو واقعو پي ٽي آءِ  ،جي خلاف حڪمران اتحاد ۽ اسٽيبلشمينٽ جي سياسي  جي بيانيئي  جو حصو آهي. اهو مسئلو بار بار سياسي ڇڪتاڻ ۾ اٿاريو ويندو آهي. فيض حميد جي گرفتاري هڪ ڀيرو ٻيهر 9 مئي واري معاملي کي سياسي بحث جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي.

هاڻي عمران خان خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪيس هلائڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن ائين ٿيو ته اهو پهريون ڀيرو هوندو ته پاڪستان جو ڪو  اڳوڻو وزيراعظم فوجي عدالت ۾ پيش ٿيندو. اهڙي ڪنهن به امڪان جا جمهوري عمل ۽ قومي استحڪام لاءِ سنگين ۽ ڊگھي مدي وارا نتيجا نڪرندا.

ضروري آهي ته 9 مئي واري واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي ۽  ذميوارن کي سزا ڏني وڃي. پر هي سڄو واقعو اهم دفاعي تنصيبات جي حفاظت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ناڪامي تي بھ سوال اٿياري ٿو.بي هٿياربند ماڻهن جو نسبتا ننڍڙو ميڙ بنا ڪنھن مزاحمت جي  اهڙي حساس هنڌن ۾ داخل ٿي سيڪيورٽي جي ڀڃڪڙي  ڪيئن سگهي ٿو؟ حساس فوجي احاطي  ۾ هڪ ميڙ ڪيئن داخل ٿي سگهي ٿو؟

فوج موجب، ڪيترن ئي آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، جنھن ڪري ڪيترن ئي مبصرن اھو  پڇيو تھ، ڇا 9 مئي جي سازش ۾ اندرون کان ماڻھو شامل ھئا؟ ڏوھ ۾ ملوث ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي ھوندي، پر اهو واضح ناهي ته آيا  اهڙي سازش ۾ خراب رڪارڊ رکندڙ فوجي اهلڪار بھ شامل هئا يا نھ .

ان ڳالهه جي به تحقيق  ٿيڻ گهرجي ته ڇا انهن آفيسرن ۽ پي ٽي آءِ قيادت وچ ۾ ڪو تعلق هو. انهن سوالن جا جواب ملڻ گهرجن. ۽ اهو سلسلو اتي ختم نه ٿيڻ گهرجي بلڪھ سيڪيورٽي جي ان سنگين ڀڃڪڙي جي ذميداري به اعليٰ آفيسرن تي  لاڳو ٿئي ٿي. 9 مئي واري واقعي تي سياست ڪرڻ بدران، اسان کي ھن انتھائي سنگين سيڪيورٽي  معاملي جي آزاداڻي جاچ ڪرائڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.