سچ اهو آهي ته پاڪ-ڀارت جنگ دوران 8 جهاز تباهه ٿيا: ٽرمپ

ميامي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪ-ڀارت جنگ دوران ست بدران اٺ جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي.
ميامي ۾ ڪاروباري فورم کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر چيو ته پاڪ-ڀارت جنگ دوران ٻڌو ۽ ڪجهه اخبارن ۾ به پڙهيو ته ست يا اٺ جهاز ڪيرايا ويا.
سندس چوڻ هو ته هڪ اخبار لکيو ته ست جهاز تباهه ٿيا، هڪ کي نقصان رسيو، ڪنهن اخبار جو نالو نه وٺندس، ڇو ته گهڻي ڀاڱي ڪوڙيون خبرون هونديون آهن.
ٽرمپ چيو ته پر سچ اهو آهي ته پاڪ-ڀارت جنگ دوران اٺ جهاز تباهه ٿيا.
آمريڪي صدر هڪ ڀيرو ٻيهر جنگ ختم ڪرائڻ جو ڪريڊٽ وٺندي چيو ته ٻنهي جوهري رياستن جي جنگ ٽيرف جي مدد سان روڪي.
واضح رهي ته آمريڪي صدر اڳ به مختلف پليٽ فارمز تي پاڪ-ڀارت جنگ ۾ ست جهاز ڪيرائڻ جو ذڪر ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.