اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٻطرفو دفاعي سهڪار جاري آهي ۽ دفاعي معاهدي تي عملدرآمد لاءِ وقت گهربل هوندو.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان سجاد حيدر خان چيو ته سعودي عرب ۾ حوثين جي حملن جي مذمت ڪريون ٿا، پاڪستان سعودي قيادت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ پاڪستان سعودي عرب جي خودمختياري ۽ سالميت جي حمايت جاري رکندو.
هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٻطرفو دفاعي سهڪار جاري آهي، پاڪستاني فوجون سعودي عرب ۾ تربيت ۽ لاجسٽڪ مقصدن لاءِ موجود آهن، تنهن هوندي به دفاعي معاهدي تي عملدرآمد لاءِ وقت گهربل هوندو ۽ جلد دفاعي سهڪار جا وڌيڪ پاسا سامهون ايندا.
ترجمان جو چوڻ هو ته ڪشمير گڏيل قومن جي ايجنڊا تي موجود حل طلب مسئلو آهي، ڀارتي دعوائن ۽ حربن سان ڪشمير جي تڪراري حيثيت تبديل نٿي ڪري سگهجي. گڏيل قومن جو سرڪاري نقشو ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت ظاهر ڪري ٿو، ڀارتي قدمن جي ڪا حيثيت ناهي.
سجاد حيدر خان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڀارت جي سهارنپور ۾ مسجد مسمار ڪرڻ جي مذمت ڪري ٿو، اهو واقعو بابري مسجد جي ياد تازو ڪري ٿو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته افغان شاگردن تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو تاثر درست ناهي، افغان شاگردن خلاف مڪمل پابندي جو ڪو فيصلو نه ڪيو ويو آهي. صحيح ويزا ۽ ڊگري پروگرام ۾ رجسٽريشن رکندڙ افغان شاگرد پنهنجي تعليم مڪمل ڪري سگهن ٿا.