ايپل جو پهريون فولڊ ايبل آءِ فون ڊو متعارف، قيمت ۽ فيچرز ڄاڻو!

ايپل پنهنجي پهرين فولڊ ايبل آءِ فون ڊو سان گڏ آءِ فون 18 سيريز جا 2 ماڊل پڻ متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن.

ايپل جي نئين چيف ايگزيڪيوٽو جان ٽرنس 9 سيپٽمبر جي رات تقريب دوران آءِ فون ڊو پيش ڪندي چيو ته نئين فولڊ ايبل آءِ فون ۾ اهي سڀئي خاصيتون موجود آهن، جيڪي واھپيدار آءِ فون ۾ پسند ڪن ٿا.

آءِ پيڊ جهڙي ڊزائن وارو هي فولڊ ايبل فون پاسپورٽ وانگر کلي ٻٽو ٿي وڃي ٿو، جنهن جي ٻاهرين اسڪرين 5.4 انچ، جڏهن ته کولڻ کانپوءِ ڊسپلي 7.6 انچ آهي. فون ۾ A20 پرو چپ، iOS 27، 12 جي بي ريم، 12 ميگا پڪسل فرنٽ ڪيمرا ۽ انڊر ڊسپلي ڪيمرا ڏنو ويو آهي.

فون جي مين ۽ الٽرا وائيڊ ڪيمرا 48، 48 ميگا پڪسل جا آهن، جڏهن ته بيٽري 5800 ايم اي ايڇ جي آهي ۽ فنگر پرنٽ سينسر پاسي ۾ ڏنو ويو آهي.

رپورٽ موجب آءِ فون ڊو جي قيمت 1999 ڊالر، يعني 5 لک 54 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ، کان شروع ٿيندي ۽ اهو 23 آڪٽوبر کان مختلف ملڪن ۾ دستياب هوندو.

آءِ فون ڊو سان گڏ ايپل آءِ فون 18 پرو ۽ 18 پرو ميڪس پڻ متعارف ڪرايا، جن جي قيمت ترتيبوار 1199 ۽ 1299 ڊالر کان شروع ٿيندي. ڪمپني موجب ٻنهي فونز جي بيٽري لائف به بهتر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته آءِ فون 18 پرو ميڪس جي بيٽري لائف 45 ڪلاڪ ۽ 18 پرو جي 36 ڪلاڪ هوندي.

ڪمپني نون ايئرپوڊز هيڊفونز سان گڏ ايپل واچ سيريز 12 ۽ الٽرا 4 پڻ متعارف ڪرايا آهن.

You might also like