ايس يو پي پاران 27هين آئيني ترميم خلاف اهم ويهڪ، قوم پرست ۽ ترقي پسند جماعتن کي شرڪت جي دعوت

ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي (ايس يو پي) طرفان 27هين آئيني ترميم ذريعي پارلياماني نظام، صوبن جي خودمختياري، ناڻي تي قبضي ۽ جاگرافيائي حدن سان هٿ چراند خلاف غور ويچار لاءِ وطن دوست ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ جماعتن سميت مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن کي اهم گڏجاڻي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.
ايس يو پي طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي موجوده حڪومت 27هين آئيني ترميم ذريعي پارلياماني نظام، صوبن جي خودمختياري، ناڻي تي قبضي ۽ جاگرافيائي حدن سان هٿ چراند ڪري رهي آهي.
پارٽي موجب، هن خطرناڪ منصوبي تي ويچار ڪرڻ ۽ وطن جي بچاءَ جا رستا ڳولڻ لاءِ سڀاڻي صبح 10 وڳي جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو ۾ گڏجاڻي ٿيندي.
ايس يو پي طرفان گڏجاڻي ۾ سڀني وطن دوست ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ جماعتن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.