سون جي وري وڏي اُڏار، هزارين رپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 3700 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 4 لک 23 هزار 62 رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته ڏهه گرام سون جو ملهه به 3122 رپيا واڌ سان 3 لک 62 هزار 707 رپيا آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 37 ڊالر وڌڻ بعد 4007 ڊالرز تي وڪرو ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.