آمريڪي عوام سوشلزم کي مثالي نظام قرار ڏيڻ لڳو

نيويارڪ(ثقلين مشتاق)نيويارڪ سٽي جي 34 سالن جي ظهران ممداني جو ميئر چونڊجڻ آمريڪي شهري سياست ۾ هڪ تاريخي ۽ فيصلائتو موڙ طور ڏٺو پيو وڃي۔ پاڻ کي "ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ” قرار ڏيندڙ ممداني سماجي انصاف ۽ معاشي برابري جي منشور تي شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي۔ سندس ڪاميابي نه رڳو پاليسي سطح تي وڏي تبديلي جي علامت آهي پر علامتي طور پڻ تمام اهم آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ هو نيويارڪ جا پهريان مسلمان، پهريان ڏکڻ ايشيائي ۽ گذريل سؤ سالن ۾ سڀ کان گهٽ عمر وارا ميئر بڻجي ويا آهن۔ ممداني پنهنجي  چونڊ مهم دوران نوجوانن، مزدور طبقي ۽ مهاجر برادرين کي متحد ڪيو ۽ واعدو ڪيو ته هو گهرن جي ڪرائي جي حد مقرر ڪندو، گهٽ قيمت گروسري اسٽور قائم ڪندو، ٻارن جي سار سنڀال ۽ بس جي سفر کي مفت بڻائيندو۔ انهن منصوبن لاءِ سندس مالي فارمولو ڪارپوريشنز ۽ امير ترين طبقي تي ٽيڪس وڌائڻ تي ٻڌل آهي، جيڪو گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان جاري امير طبقي لاءِ پاليسين جو رخ غريبن جي حق ۾ موڙڻ جي برابر آهي،سندس ووٽرن جو اتحاد عمر، نسل ۽ طبقي جي حدن کان مٿانهون هو۔ نوجوان، مزدور، مهاجر ۽ اقليتي آباديءَ وارن علائقن ۾ هن کي ڀرپور حمايت ملي،قابلِ ذڪر ڳالهه اها آهي ته فلسطيني ماڻهن جي حق ۾ کلي مؤقف اختيار ڪرڻ ۽ اسرائيل جي قدمن تي تنقيد جي باوجود ممداني کي نيويارڪ جي نوجوان يهودي ووٽرن جي حمايت حاصل رهي،  ممداني جي ڪاميابي کي آمريڪا ۾ ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ” نظريات جي اڀار جي علامت قرار ڏنو پيو وڃي۔ سروي موجب هاڻي 66 سيڪڙو ڊيموڪريٽس سوشلزم کي هڪ مثالي نظام سمجهڻ لڳا آهن، جيڪو وڌندڙ معاشي نابرابري، مهانگائي ۽ رهائش جي بحران سبب عوامي ذهنيت ۾ تبديلي جو مظهر آهي۔ سينيٽر برني سينڊرز ۽ ڪانگريس وومين اليگزينڊريا اوڪاسيو ڪورٽيز جهڙن اڳواڻن انهن نظرين کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ۽ ممداني کي انهن جو فڪري وارث سمجهيو پيو وڃي۔ تنهن هوندي به، ممداني لاءِ ايندڙ رستو آسان نه هوندو۔ کيس ڪارپوريٽ ادارن، روايتي سياسي ڌارا ۽ ميڊيا جي سخت مخالفت کي منهن ڏيڻو پوندو۔ سندس ٽيڪس ۽ سماجي خرچن تي ٻڌل منصوبن کي "غير حقيقي” قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهن⁠تہ اسرائيل بابت سندس مؤقف کي ڪي بااثر حلقا خطرناڪ حد تائين "انتها پسنداڻو” سڏين ٿا۔

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 06 نومبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.