مير رضا جي بائنانس اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپين جي ٽريڊنگ جو انڪشاف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مير رضا جي بائنانس اڪائونٽ جا تفصيل سامهون اچي ويا.

ڪراچي جي نوجوان واپاري مير رضا جي قتل ڪيس ۾ هڪ ٻي اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جڏهن ته اختيارين مير رضا جي بائنانس اڪائونٽ جا تفصيل حاصل ڪري ورتا آهن.

رپورٽ موجب مير رضا 2021ع ۾ بائنانس اڪائونٽ ٺاهيو، جنهن ۾ مجموعي طور 8 ڪروڙ 90 لک يو ايس ڊي ٽي کان وڌيڪ جي وڪرو ۽ خريد ڪئي وئي، جڏهن ته مير رضا کي فيوچر ٽريڊنگ ۾ 3 ڪروڙ 49 لک يو ايس ڊي ٽي کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته 2024ع کان 2026ع دوران مير رضا کي هڪ لک 39 هزار يو ايس ڊي ٽي کان وڌيڪ جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو، جڏهن ته موت کان ڪجهه ڏينهن اڳ 22 ۽ 23 جولاءِ 2026ع تي پڻ لڳ ڀڳ 20 لک يو ايس ڊي ٽي جو نقصان ٿيو هو.

You might also like