اسان ڪالهه واري ايڊيٽوريل ۾ اها ضرورت محسوس ڪرائي هئي ته پارليامينٽ جي مضبوطيءَ لاءِ سڀني پارلياماني جماعتن کي پاڻ ۾ اتحاد ڪرڻ گهرجي ۽ سڀ اقتداري جماعتون جيڪي واري واري سان سان اسٽيبلشمينٽ جي عتاب جو شڪار رهيون آهن تن کي متحد ٿي اسٽيبلشمينٽ جي غير جمهوري ڪردار سان مقابلو ڪرڻ گهرجي.
رپورٽن موجب اهو ئي موقف ٽيون ڏينهن پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ قومي اسيبملي جي اسپيڪر اياز صادق اختيار ڪندي حڪومت ۽ اپوزيشن کي ”ميثاق پارليامينٽ “ جي تجويز ڏني آهي. جنهن جي تحريڪ انصاف سميت سڀني پارٽين حمايت به ڪئي آهي . پارليامنيٽ کي بهتر انداز سان هلائن لاءِ 16 رڪني ڪاميٽي جو ٺهراءُ پڻ منظور ڪيو ويو آهي. انهيءَ اجلاس کي خطاب ڪندڙ سڀني پارلياماني ميمبرن جو اهو خيال هو ته پارليامينٽ مان رات جو اسيمبلي ميمبرن کي گرفتار ڪرڻ پارليامينٽ تي حملو هو جنهن کي ڪنهن ريت به برداشت نه ڪبو.
اسان سمجهون ٿا ته ”ميثاق پارليامينٽ“ جي تجويز بيحد اهم ۽ وقتائتي آهي. ان جي ڪافي وقت کان ضرورت محسوس ٿي رهي هئي ۽ اسان به مختلف وقتن ۾ اهڙي تجويز ڏيندا رهيا آهيون. اسان هن سال 8 فيبروري تي ٿيل چونڊ نتيجي ۾ جڙيل پارليامينٽ ۽ حڪومت کي به اها صلاح ڏني هئي ته هاڻي ملڪ کي روايتي نه پر غير رواجي سياست جي ضرورت آهي. يعني روايتي انتقامي سياست کان هٽي ڪري پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. جيئن محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف کي جنرل مشرف جي آمراڻي دور ۾ ”ميثاق جمهوريت “ جو خيال آيو هو ته آمريت جو مقابلو ڪرڻ ۽ سندن مداخلت کي روڪڻ لاءِ پارلياماني جماعتن کي پاڻ ۾ اتحاد ڪرڻو پوندو ڏٺو وڃي ته ان ميثاق جمهوريت کان پوءِ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن ) هڪٻئي سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ شورع ڪيا، ايستائين جو گڏ حڪومتن جو به تجربو ڪيائون باوجود ان جي ته اهي جماعتون هڪ ٻئي جون سخت حريف رهيون آهن پر انهن کي وسيع تجربي کانپوءِ اهو احساس ٿيو ته يا اهو سبق ماڻيائون ته اسان جو سياسي مفاد پارليامينٽ سان ئي سلهاڙيل آهي.
پنهنجو به اهو خيال آهي ته هن ملڪ جي بقا جو دارومدار پارليامينٽ جي مضبوطي سان جڙيل آهي ان معاملي ۾ خاص ڪري پ پ اڳواڻ آصف زرداري جو ڪردار ساراهه جوڳو ۽ يادگار رهيو آهي. هن 2008 واري حڪومت ۾ صدر بڻجي پارليامينٽ کي ٽوڙڻ وارا صدارتي اختيار پاڻ ئي ختم ڪري ڇڏيا جنهن کان پوءِ ڪنهن به صدر کي پارليامينٽ ٽوڙڻ جو موقعو نه ملي سگهيو ايئن. ائين صدر زرداري جي ڪوششن سان ارڙهين ترميم ذريعي صوبن کي ڪافي خودمختياري ملي وئي. ٻيو ته آصف زرداريءَ پارليامينٽ مان استعيفيٰ ڏيڻ واري معاملي کي به هميشه ننديو آهي ۽ ٻين جماعتن کي به جهليندو رهيو آهي. اهو آصف زرداري ئي آهي جنهن پي ڊي ايم کي پارليامينٽ مان استعيفيٰ ڏيڻ کان روڪيو هو جنهن جو هن وقت تائين سڀ کان گهڻو فائدو به مسلم ليگ ن جي حڪومت ئي کڻي رهي آهي. اسان ته اهو به سمجهندا آهيون ته موجوده پاڪستان ڄڻ ذوالفقار علي ڀٽي جو ئي ٺهيل آهي جنهن ملڪ کي 1973 جو آئين ٺاهي ڏنو جنهن تحت هي ملڪ هلي رهيو آهي. ان لحاظ کان پارلياماني روح پٽاندڙ ملڪ جي بقا ۽ سلامتي جي پهرين ذميواري اصولي طور تي پ پ کي ئي محسوس ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي مستقل طور اهو سياسي بيانئيو ٺاهڻ گهرجي ته پ پ ئي ملڪ جي حقيقي محافظ آهي ۽ اها پارليامينٽ ذريعي ئي ملڪ کي بچائڻ ۽ هلائڻ جو ڪردار ادا ڪندي. ممڪن آهي ته آصف زردري ان ڳالهه کي چٽائي سان محسوس ڪندو هجي. اسان سندس سياست کي ان رخ ۾ ڏسون ٿا. اهو آصف زرداري ئي آهي جنهن مفاهمتي پاليسي واري جمهوري سياست کي هٿي ڏني هئي. هن ملڪ کي اڄ به مفاهمتي پاليسيءَ جي شديد ضرورت آهي.جنهن جو روح روان موجوده پارليامينٽ ۾ آصف زرداري ئي آهي.
بلاول ڀٽو زرداري ۽ اياز صادق طرفان ڏنل ميثاق پارليامينٽ جي تجويز جي ڳالهه آهي ته لڳي ٿو ته پارليامينٽ مان اسيمبلي ميمبرن جي گرفتارين سڀني جون اکيون کولي ڇڏيون آهن يا ايئن چئجي ته پارليامينٽ مان انهن گرفتارين واري واقعي سڀني کي ملائي ڇڏڻ جو سونهري موقعو مهيا ڪيو آهي جنهن جو وڌ کان وڌ فائدو وٺڻ گهرجي. اها تمام سرهائي جي ڳالهه آهي ته موجوده اسپيڪر پي ٽي آءِ جي گرفتار اڳواڻن جي پارليامينٽ ۾ اچڻ جا آرڊر جاري ڪري پي ٽي آءِ جي ميمبرن جون دليون کٽي ورتيون آهن. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان مفاهمتي ماحول کي اڳتي وڌائجي يا برقرار رکڻ وارو چئلينج قبول ڪجي. ان لاءِ حڪومت ۽ خاص ڪري پي ٽي آءِ کي بهتر ماحول ٺاهڻو پوندو. سڀني جو مفاد ان ۾ ئي آهي ته پارليامينٽ کي مضبوط ڪجي ۽ پارلياماني جماعتون هڪ ٻئي سان سهڪار ڪن. غير جمهوري ۽ آمريتي ڌرين سان به ائين ئي مقابلو ڪري سگهجي ٿو ۽ سندن مداخلت جو رستو به ان طريقن سان ئي بند ڪري سگهجي ٿو تنهن ڪري پارلياماني طاقتن جو سهڪار ضوروري آهي. پي ٽي آءِ جو اڳواڻ عمران خان جيڪو پهريون چوندو هو ته صرف اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ٿيندويون تنهن هاڻي اعلان ڪيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان به ڳالهيون نه ڪيون وڃن. پر عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي به آخرڪار مفاهمتي پاليسي ڏانهن وڃڻو پوندو ۽ اهو سمجهڻو پوندو ته غير جمهوري طاقتن سان مقابلي لاءِ کين ميثاق پارليامينٽ جو حصو ٿيڻو پوندو.
پر افسوس ته هڪ پاسي قومي اسيمبلي ۾ ميثاق پارليامينٽ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن ته ٻئي پاسي خيرپختونخواهه جي پي ٽي آءِ حڪومت جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور وري خيبر پختون خواهه ۾ ٻين سياسي جماعتن کي گرفتار ڪري پنهنجي اڳواڻن جي گرفتارين جو بدلو وٺڻ شروع ڪيو آهي جنهن کي اسان غير سنجيده پاليسي سمجهون ٿا. جڏهن ته حڪومت جا ماڻهو به انهن گرفتارين کي غلط سمجهن ٿا ۽ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ان جو نوٽيس وٺي ڪارروائي به ڪري چڪو آهي ته پوءِ اهڙي انتقام جي ڪا ضرورت ناهي. اهي ڪارروايون رهندو ميثاق پارليامينٽ وارين ڪوششن کي سبو تاز ڪنديون سو پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ ( ن ) جي حڪومت کي جوش بداران هوش مان ڪم وٺڻو پوندو ۽ ميثاق پارليامينٽ واري ماحول کي هٿي ڏيارڻ جي عملي ڪوشش ڪرڻي پوندي.