اسلام آباد(ابصار عالم)فيض حميد جي گرفتاري کانپوءِ پي ٽي آءِ يڪسو آهي پر اسٽيبلشمينٽ يڪسو ناهي، پي ٽي آءِ پنجابي پختون وڳوڙن لاءِ به تيار آهي،ڪي پي کي پنجاب سان ويڙهائي سگهن ٿا،اسٽيبلشمينٽ روز نوان فيصلا ڪري ٿي،پارليامينٽ اندر جيڪي گرفتاريون ٿيون ان جو فائدو پي ٽي آءِ کي ئي ٿيو،پي ٽي آءِ هڪ ڏينهن غلط ڪم ٿي ته ٻئي ڏينهن ان کي مظلوم بڻايو وڃي ٿو،اسٽيبلشمينٽ هن وقت به ورهايل آهي، اڌ ماڻهو اڃا به عمران خان جي حمايت ڪري رهيا آهن،ڪي پي جو وڏو وزير افغانستان سان پاڻ ڳالهين جو اعلان ڪري رهيو آهي،اتان جي پوليس چئي رهي آهي ته فوج، آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ هتان هليون وڃن،باجوڙ،لڪي مروت ۽ بنون ۾ پوليس جن دهشت گردن خلاف احتجاج ڪري رهي آهي انهن دهشت گردن کي جنرل باجوا،جنرل فيض ۽ عمران خان آندو هو،هر اداري ۽ هر شئي تي قبضي واري اسٽيبلشمينٽ جي پاليسي جو نتيجو اڄ اهو نڪتو آهي ته انهن کان ڪا به شئي نه پئي سنڀالجي،فوج،آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ جا ماڻهو عمران خان جا ديوانا بڻيل آهن،ڪي پي ۾ گهرو ۽ پرڏيهي پاليسي جا معاملا صوبائي سرڪار پنهنجي هٿن ۾ آڻي ورتا آهن،بنگلاديش ۽ بلوچستان وانگر ڪي پي ۾ به پنجاب کي گاريون ملي رهيون آهن،22 سيپٽمبر تي پي ٽي آءِ واري جلسي ۾ ايترو فساد پکيڙيو ويندو جو پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٿيندڙ شهنگائي تعاون اجلاس جي ڪانفرنس خطري ۾ پئجي سگهي ٿي.