اسلام آباد (م ڊ) عالمي مالياتي فنڊ جي ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن حڪومت طرفان کنيل قدمن جي تائيد ڪندي چيو آهي ته 25 سيپٽمبر تي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ قرض پروگرام جي منظوري ڏئي سگهجي ٿي. پاڪستان آءِ ايم ايف کي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ڇو ته 25 سيپٽمبر تي ٿيندڙ ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ پاڪستان جي قرض پروگرام جي منظوري کي به ايجنڊا جو حصو بڻايو ويو آهي. ان ڳالهه جي تصديق آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن جوليا ڪوزيڪ ڪئي ۽ چيو ته ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس 25 سيپٽمبر تي ٿيندو، جنهن ۾ پاڪستان لاءِ نئين قرض پروگرام جي منظوري جو امڪان آهي.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان سود جي شرح ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.اسٽيٽ بئنڪ جي بيان موجب اسٽيٽ بئنڪ پاليسي ريٽ گهٽائي 17.5 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي، ان کان اڳ پاليسي شرح 19.5 سيڪڙو هئي. اسٽيٽ بئنڪ موجب 2 مهينن دوران مهانگائي جي شرح ۾ تيزي سان گهٽتائي آئي آهي.