ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته اسان ڏينهون ڏينهن سست، ٿَڪل ۽ بيمارين جو شڪار ڇو ٿي ويندا آهيون؟ ڇو ته اسان حرڪت گهٽ ۽ کائيندا گهڻو آهيون.
اها ئي عادت اڄ جي دور ۾ ٿولهه، بلڊ پريشر ۽ شگر جهڙين بيمارين جو وڏو سبب بڻجي چڪي آهي.
پراڻي دور ۾ ماڻهو کائيندا گهٽ ۽ ڪم ڪار گهڻو ڪندا هئا، ڇو ته اهي اصولن تي عمل ڪندا هئا، جڏهن ته اسان ان جي ابتڙ ڪم گهٽ ۽ کائيندا گهڻو آهيون.
جڏهن اسان گهڻو کائيندا آهيون ته جسم سست ٿي ويندو آهي، هاضمي جي نظام تي دٻاءُ پوندو آهي، واڌو ڪيلوريز چرٻي ۾ تبديل ٿي بيمارين جي شڪل اختيار ڪري وينديون آهن.
اسان کي پنهنجي جسم جون فطري ضرورتون سمجهڻ گهرجن، جيڪڏهن بُک ناهي ته کاڌو کائڻ ضروري ناهي، هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکو ته سومهڻي جي نماز اڳ کان ۾ رات جي ماني کائي ڇڏيو، ڇو ته دير سان کائڻ هاضمي جي نظام ۽ ننڊ جي توازن کي متاثر ڪري ٿو.
پنهنجي زندگي ۾ ٿوري حرڪت ڪيو، وزرش ڪيو، اها نٿا ڪري سگهو ته پنڌ ڪيو، گهٽ کائو، سادو کائو، ائين ڪرڻ سان نه رڳو بيمارين کان بچاءُ ٿيندو پر توهان جسماني ۽ ذهني طور تندرست رهندئو.
ياد رکو ته گهٽ کائڻ ڪمزوري نه پر صحت ۽ تندرستي جي ڪنجي آهي.
You might also like