ڪراچي: حددخلين خلاف آپريشن دوران اسسٽنٽ ڪمشنر هاظم بنگوار تي پيٽرول بم سان حملو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي لي مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن دوران اسسٽنٽ ڪمشنر هاظم بنگوار تي پيٽرول بم سان حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ هو محفوظ رهيو.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هاظم بنگوار چيو ته حددخلين خلاف آپريشن دوران اڻڄاتل شخص طرفان پيٽرول بم اڇلايو ويو پر مان بچي ويس، جڏهن ته پيٽرول بم ڪرڻ سان هڪ دڪان ۾ باهه لڳي وئي.
هن ٻڌايو ته حملي ۾ ملوث ٽن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، دڪان ۾ لڳل باهه تي به ضابطو آندو ويو، جڏهن ته حددخلين خلاف آپريشن به مڪمل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.